راجا رنجيت سنگهه

راجا رنجيت سنگهه

راجا رنجيت سنگهہ

راجا رنجيت سنگهہ: مشھور سک حڪمران، مهاراجا رنجيت سنگهہ جو جنم، مغل شهنشاهيت جي زماني ۾، 13 نومبر 1780ع تي گوجرانوالا (پنجاب) ۾ ٿيو. سندس پيءُ مهاسنگهہ هڪ ننڍو سک سردار هو،جيڪو گجرانوالا علائقي تي حڪومت ڪندڙ، هڪ ننڍي سک فوجي ٽولي جو اڳواڻ هو. رنجيت سنگهہ سندس اڪيلو پٽ هو. ان وقت پنجاب تي دهليءَ جي مغل شهشاهيت جو تسلط گهٽ ٿي چڪو هو ۽ پورو پنجاب گهڻو ڪري اهڙن ڪيترن ئي سک فوجي جٿن جي قبضي ۽ انتظام هيٺ هو.
رنجيت سنگهہ کي ننڍيءَ عمر ۾ ماتا ٿي پئي هئي، جنهنڪري سندس کاٻي اک ضايع ٿي وئي ۽ هو سڄي عمر لاءِ ڪاڻو ٿي ويو. سندس منهن تي ماتا جا داغ رهجي ويا. رنجيت سنگهہ، پيءُ جي وفات کانپوءِ 12 سالن جي عمر ۾ پنھنجي علائقي جو مثلدار بڻجي ويو. ’مثل‘ عربي لفظ آهي، جنهن جو مطلب آهي ’هڪ جهڙو‘ يعني هڪ جٿي ۾ شامل سڀني ماڻهن کي هڪجهڙا حق حاصل هوندا هئا. 1783ع ڌاري پنجاب ۾ گهمڻ لاءِ آيل هڪ انگريز سياح لکيو آهي تہ: ”مستقبل ۾ سک پنھنجي گڏيل سياسي اقتدار ۽ مذهب جي حفاظت لاءِ متحد ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا. اسان جو اندازو آهي ته، انهن سک سردارن مان ڪو طاقتور سردار ٻين کي شڪست ڏئي پنھنجي باقاعدہ بادشاهت قائم ڪري سگهي ٿو.“ اها پيشنگوئي، جنهن سک سردار لاءِ ڪئي وئي هئي، سو رنجيت سنگهہ ئي هو، جيڪو ان وقت اڃا رڳو ٽن سالن جو هو.
1707ع ۾ اورنگزيب جي وفات بعد، پنجاب جي مختلف علائقن ۾ اڀري آيل سک مثلدارن جي ننڍن ننڍن علائقائي لشڪرن، مغلن ۽ افغانن خلاف گوريلا جنگيون شروع ڪري ڇڏيون هيون ۽ وڏي پيماني تي مغل ۽ افغان لشڪرن جي اچڻ جي صورت ۾ سک فوجي جٿا، جبلن ۽ جهنگن ۾ روپوش ٿي ويندا هئا. انهن مغل ۽ افغان لشڪرن جي واپس ٿيڻ تي، اهي سک جٿا ٻيهر موٽي اچي پنهنجن پنهنجن علائقن تي قبضو ڪندا هئا، ٽيڪس اوڳاڙيندا هئا ۽ انتظام هلائيندا هئا. اهو سلسلو 1799ع تائين هلندو رهيو.
1799ع جي اونهاري ۾ رنجيت سنگهہ جو لاهور تي قبضو سندس ڪيريئر ۽ پنجاب ۾ سک اقتدار جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ ثابت ٿيو. 1799ع ۾ شھر تي گجر سنگهہ، لهڻي سنگهہ ۽ سوڀا سنگهہ جي قبضي کان پوءِ اهو ٽن حصن ۾ ورهائجي ويو هو، پر رنجيت سنگهہ ٽن ڏهاڪن کان پوءِ لاهور کي سندن جانشينن صاحب سنگهہ، چيت سنگهہ ۽ موهر سنگهہ کان کسي هڪ ڪري ڇڏيو هو. ٻن سک حڪمرانن جو علائقو تہ بلڪل ختم ٿي ويو، پر صاحب سنگهہ جو گجرات جي آسپاس ڪافي وڏو علائقو هئڻ ڪري اتي سندس جاگير قائم رهي. رنجيت سنگهہ لاهور کي پنھنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو.
تخت لاهور‘ جي فرمان روا (حاڪم) طور سندس سياسي ڪاميابيون ايتريون تہ گهڻيون هيون، جو هو پنھنجي پيشروئن جي دؤر کي پوئتي ڇڏي ويو. ڪيترن تاريخدانن جي نظر ۾ 1799ع جو سال، پنجاب ۾ سکن جي خودمختيار اقتدار جي آغاز جو سال هو.
18 صديءَ جي آخر ۾ ڪاميابيءَ جو سھرو رنجيت سنگهہ جي لاهور تي قبضي سان واسطو رکيو ٿي، جڏهن تہ سندس ڏاڏو چرهڻ سنگهہ اقتدار لاءِ جدوجھد ڪندڙ خالصن جي برک اڳواڻن مان هو ۽ ٽن دوآٻن مان هڪ وڏي علائقي تي قبضو ڪري چڪو هو. رنجيت سنگهہ جي پيءُ مهان سنگهہ انهن علائقن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ۽ چند اهم دفاعي هنڌن تي قبضو ڪري ورتو.
رنجيت سنگهہ کي ورثي ۾ رچنا دوآٻي جي وچ کان سنڌ ساگر دوآٻي جي وچ تائين لاڳيتو هڪ وڏو علائقو بهتر انتظام سميت مليو هو، جنهن جي آمدني لڳ ڀڳ 10 لک کن روپيا سالياني هئي. 5 هزار هٿياربند گهوڙيسوارن جي فوج بہ سندس ڪمان هيٺ آئي. هن برتريءَ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هن ٻہ شاديون ڪيون. هڪ شادي هن مٿئين باري دوآٻي مان جئسنگهہ ڪانهيي جي خاندان مان ڪئي ۽ ٻي لاهور جي ڏکڻ ۾ ڪمار سنگهہ نِڪئي جي خاندان مان ڪئي.
احمد شاھہ ابداليءَ جي ٻئي جانشين زمان شاھہ جي حملن، رنجيت سنگهہ جي قائدانه صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ ۾ محرڪ جو ڪم ڏنو. پهرئين حملي کان پوءِ رنجيت سنگهہ روهتاس جي پنھنجي ئي قلعي کي واپس موٽائي ورتو ۽ ٻئي حملي دوران هو نمايان سک سردار طور اڀري آيو. 1799- 1798 ۾ ٽئين حملي وقت هن ڪيترن سک سردارن جي قائد طور زمان شاھہ جي مخالفت ڪئي. زمان شاھہ جي پنجاب مان نڪري وڃڻ جي ڇھن مهينن اندر ئي هن لاهور تي قبضو ڪري ورتو. ان ۾ کيس ڪجهہ نامور هندو ۽ مسلمان رهواسين کان سواءِ اتحادين جي بہ مدد حاصل هئي، جنهن ۾ خاص ڪري سندس سَسُ ساده ڪور قابل ذڪر آهي.
لاهور جي فتح سان گڏ رنجيت سنگهہ جي ڪاميابين جو دؤر شروع ٿي ويو. رنجيت سنگهہ جي واحد سک حڪمران طور ڪمانڊر انچيف ۽ بادشاھہ جي حيثيت ۾ 12 اپريل 1801ع تي تاجپوشي ٿي. سندس تاجپوشي گرونانڪ جي اولاد مان هڪ سک سردار صاحبسنگهہ بيديءَ ڪئي. لاهور هن جو مستقل تخت گاھہ بنجي ويو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ’تخت لاهور‘ سندس گاديءَ جو هنڌ رهيو. رنجيت سنگهہ 25 سالن کان بہ گهٽ عرصي ۾ هڪ سلطنت جو مالڪ بنجي ويو. هن دؤر جي پهرين ڏهن سالن اندر رنجيت سنگهہ ميداني علائقن ۾ 20 جاگيردارن کي پنهنجو مطيع بنائي ورتو. 1805ع ۾ امرتسر تي قبضي کان اڳ رچنا دو آٻي ۾ جسه سنگهہ دولو ۽ دل سنگهہ گل جي علائقن تي قبضي ۽ چج دو آٻي ۾ جوڌا سنگهہ باجوا جي جاگير کي پنھنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ورتائين.
امرتسر تي قبضي سان هري سنگهہ ڀان جيءَ جي ورهايل جاگيرن جو بہ خاتمو ٿي ويو. ايندڙ پنجن سالن ۾ رنجيت سنگهہ، جالنڌر دوآٻي ۾ تاراسنگهہ دلي واليا جي مرڻ کان پوءِ سندس علائقن: راهون ۽ نڪوور کي قبضي ۾ ڪري ورتو. ڦلور جي ڪانگ سردار کي بہ ڌڪي ٻاهر ڪيائين ۽ مکيل سنگهہ جي بيوھہ کان هوشيارپور ۽ هرياڻا کسي ورتائين. باري دوآٻي ۾ تاراسنگهہ سنڏوءَ کان پٺاڻ ڪوٽ ڦري ورتائين. ٻڍاسنگهہ بگا کان سوجن پور، گلابسنگهہ کيڙي کان عدينه نگر، رنڌاوا سردار کان چمياري، افغانن کان قصور، ٻڍاسنگهہ کان ماروف ۽ سيد سردار کان حجرہ شاھہ مقيم کسي ورتائين. رچنا دوآٻي ۾ رنجيت سنگهہ، ڀٽين ۽ کرلن کان ڪماليه ڦري ورتو. سنڌو ساگر دوآٻي ۾ نواب خان جوڌرا جو پنڊي کيپ جي آسپاس وارو علائقو ۽ محمد خان غبا جو فتح جنگ جي ويجهڙائيءَ وارو علائقو بہ پنھنجي هٿ ۾ ڪري ورتائين. 1809ع ۾ انگريزن سان ’امرتسر معاهدو‘ ڪرڻ کان اڳ رنجيت سنگهہ، پنجاب جي پنجن ئي دوآٻن جي وڏي علائقي تي پنھنجي حڪومت قائم ڪري چڪو هو.
’امرتسر معاهدي‘ ذريعي انگريزن، رنجيت سنگهہ کي پنجاب جو واحد خودمختيار حڪمران مڃي ورتو ۽ کيس لاهور مان اڳوڻي مغل پرڳڻي تي پنھنجي فتح کي مستحڪم ڪرڻ، ڪشمير مان پٺاڻن کي ڪڍڻ ۽ ڪابل جي پراڻي مغل صوبي مان احمد شاھہ ابداليءَ جي جانشينن کي رخصت ڪرڻ جي آزادي ڏئي ڇڏي.
ان کانپوءِ هن جيڪي سک سردار فارغ ڪيا، تن ۾ بست جالنڌر دوآٻي ۾ جالنڌر، حاجي پور ۽ مڪيريان، باري دوآٻي ۾ فتح ڳڙھہ چوڙيان جو ڪاجي مل سنگهہ، سري هرگوبندپور جو جوڌسنگهہ رام، ڳڙهيا ۽ نڪئي سردار، رچنا دوآٻ ۾ وزيرآباد، هلوال ۽ ڊوڊا جا سردار، چج دوآٻي ۾ ڊسڪه ۽ گجرات جا سردار ۽ سنڌ ساگر دوآٻي ۾ راولپنڊيءَ جو جيوڻ سنگهہ شامل هئا. ساده ڪور کان پٽاله کسيو ويو، پنجاب ۾ فتح سنگهہ آبلو واليه واحد سِک سردار هو، جنهن کان سندس علائقو ڪپور ٿلهو نہ ورتو ويو. ڄمونءَ جا راجپوت سردار ۽ ڪانڳڙھہ، کڙي کڙيالي، اکنور، ڀمبر، لکڻ پور، تورپور، گولير، سبها، ڪوٽله، جسون ۽ واترپور جا سردار بہ پنهنجا علائقا رنجيت سنگهہ هٿان کسائي ويٺا. هي سموريون رياستون ميدانن جي ويجهو هيون. افغانين کان اٽڪ ڦريو ويو. اعواڻ، گهگهڙ ۽ ٽوانا سردارن کي بہ سنڌ ساگر دوآٻي ۾ سندن علائقن کان محروم ڪيو ويو.
چج دوآٻي ۾ خوشاب ۽ ساهيوال جا بلوچ سردار ۽ رچنا دوآٻي ۾ جهنگ جا سيال سردار بہ 1818ع کان اڳ پنهنجا علائقا وڃائي ويٺا. رنجيت سنگهہ ان کانپوءِ افغانين کي پنجاب ۽ ڪشمير مان ڪڍڻ لاءِ مڪمل تياري ڪئي.
چئن سالن کان بہ گهٽ عرصي ۾ رنجيت سنگهہ سنڌو درياھہ جي اوڀر ۾ موجود سمورن افغان قلعن کي فتح ڪري ورتو، جون 1818ع ۾ ملتان کي قبضي ۾ آڻڻ کانپوءِ هن نواب مظفر خان جا سمورا علائقا بہ قبضي ۾ آڻي ڇڏيا. هڪ سال کان پوءِ جولاءِ 1819ع ۾ ڪشمير فتح ڪيو ويو. منڪيره جي سردار پنھنجي گاديءَ جو هنڌ 1921ع ۾ رنجيت سنگهہ جي حوالي ڪيو. سنڌ ساگر دوآٻي ۾ سندس سمورا علائقا پڻ سِک رياست جو حصو بڻايا ويا. ان کان پوءِ ڏهن سالن تائين رنجيت سنگهہ حڪومتي حدن ۾ ڪو بہ واڌارو نہ ڪيو. 1831ع ۾ هن بھاولپور جي نواب کان ديرو غازي خان حاصل ڪيو، جيڪو کيس 10 سال اڳ ڏنو ويو هو. 1934ع ۾ پشاور جي گورنري توڙي بنون، ڪوهاٽ، ۽ ديري اسماعيل خان جا علائقا پڻ رنجيت سنگهہ پنھنجي حڪومت ۾ شامل ڪري ورتا. 1839ع ۾ رنجيت سنگهہ جي وفات کان اڳ ستلج نديءَ کان وٺي لداخ، قراقرم، هندوڪش ۽ سليمان جبلن تائين رنجيت سنگهہ جي اختيارن کي ڪابل جي حڪمرانن کان وٺي هندستان جي انگريز حڪمرانن تائين سڀني تسليم ڪيو ٿي.
رنجيت سنگهہ پهريون ڀيرو پنجاب جي تاريخ بدلائي ڇڏي. ٻہ هزار ق. م کان وٺي غير ملڪي حملي آورن، ايرانين، مغلن ۽ افغانن جا لشڪر خيبر مان ٿيندا، پنجاب ۾ داخل ٿي هندستان تي حملي آور ٿيندا رهندا هئا، پر رنجيت سنگهہ سموري پنجاب، ملتان، قصور، ڄمون، ڪشمير، اٽڪ، پشاور ۽ قبائلي علائقن مان افغانستان جي گورنرن کي ڀڄائي، افغان اقتدار کي هميشہ لاءِ ختم ڪري، اهي علائقا پنجاب سان ملائي ڇڏيا. پهريون ڀيرو راجا رنجيت سنگهہ جي لشڪر سنڌوندي پار ڪري؛ پشاور، نوشهري، موجودہ فاٽا جي قبائلي علائقي ۾ لاڳيتو حملا ۽ خونريز ويڙهون ڪري افغانين کي هميشہ لاءِ ڀڄائي ڪڍيو. ان کانپوءِ پنجاب ذريعي هندستان تي حملا گهڻي ڀاڱي رڪجي ويا. رنجيت سنگهہ پنهنجون فوجون جديد يورپي فوجن جي طرز تي ٺاهيون. ان مقصد لاءِ هن فرانس جي نيپولين بوناپارٽ جي فوج توڙي هنگري، اٽليءَ ۽ ٻين ملڪن مان آيل فوجي آفيسرن کي وڏين پگهارن تي پاڻ وٽ رکيو. هن جديد پيادل ۽ گهوڙيسوار دستا بہ ٺاهيا ۽ پنهنجيءَ فوج ۾ سکن سان گڏ افغان، پنجابي (مسلمان، هندو) ۽ گورکا بہ ڀرتي ڪيا، جن جون الڳ الڳ ريجمينٽون ٺاهي، سندن لاءِ الڳ الڳ يونيفارم ٺهرايائين.
راجا رنجيت سنگهہ چئن هزارن فوجين تي مشتمل هڪ خاص دستو ٺاهيو، جيڪو جنگجو سکن تي مشتمل هو ۽ اهي صرف راجا رنجيت سنگهہ جي حڪم تي ئي خاص موقعن تي لڙاين لاءِ موڪليا ويندا هئا. فوجين کي ماهوار پگهار ڏنو ويندو هو. رنجيت سنگهہ، افغان بادشاھہ احمد شاھہ ابداليءَ جي سربراهيءَ ۾ وڙهندڙ هڪ افغان لشڪر هٿان شڪست کائڻ کانسواءِ ٻي ڪا بہ اهم جنگ نہ هارائي هئي. ان ڪري کيس دنيا جي اهم فوجي ڪمانڊرن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. رنجيت سنگهہ راج کريگا خالصه‘ جو نعرو هنيو ۽ کيس يقين هو تہ سک حڪومت ڪرڻ لاءِ ئي پيدا ٿيا آهن. هن پنجاب ۾ سکن جي حڪومت قائم ڪئي. سندس حڪومت ۾ 80 سيڪڙو مسلمان، 10 سيڪڙو هندو ۽ 1 سيڪڙو سک آبادي هئي. سندس حڪومت، انتظامي لحاظ کان سيڪيولر هئي. ان ڪري مسلمانن جي سهڪار سان هن ’متحدہ پنجاب‘ جي تصور کي ممڪن بنايو.
رنجيت سنگهہ هميشہ انگريزن سان وڙهڻ کان لهرائيندو هو. جڏهن بہ سندس جنرل کيس انگريزن سان وڙهڻ لاءِ چوندا هئا تہ هو انهن کان پڇندو هو تہ: ”مرهٽن جي ٻہ لک فوج انگريزن کان جنگ ڇو هارائي؟“. هن پنھنجي حڪومت ۽ درٻار ۾ قابليت جي بنياد تي هر مذهب جا امير، وزير، منتظم، جنرل ۽ صلاحڪار مقرر ڪيا. هڪ مسلمان عزيزالدين سندس قابل ۽ ڪامياب پرڏيهي وزير هو، ان کانسواءِ سندس فوج ۾ ڪيترا مسلمان جنرل ۽ سپاهي شامل هئا. رنجيت سنگهہ جو سنڌ تي قبضي ڪرڻ جو خيال بہ هو، پر سندس اهو خواب سندس زندگيءَ ۾ پورو نہ ٿي سگهيو. ان جو ڪارڻ اهو هو تہ انگريزن کي خود سنڌ تي قبضو ڪرڻو هو، ان ڪري هنن رنجيت سنگهہ کي ائين ڪرڻ کان سختيءَ سان روڪيو. ان ڪري رنجيت سنگهہ پنھنجي سلطنت سمنڊ تائين ڦهلائي نہ سگهيو ۽ اها حسرت دل ۾ کڻي مري ويو.
رنجيت سنگهہ، نيپولين بوناپارٽ، محمد علي پاشا (مصر) ۽ ٽيپو سلطان جو همعصر هو. انگريز سياح اليگزينڊر برنس هن وٽ هڪ مهينو مهمان ٿي رهيو هو ۽ ٻنهي گڏجي شڪار بہ ڪيو هو. برنس سندس باري ۾ لکي ٿو تہ: ”رنجيت سنگهہ نهايت چالاڪ سفارتڪار هو ۽ سندس سفارتڪاريءَ جو بنياد ذهانت ۽ مفاهمت تي هو. هو ماڻهن کي سمجهڻ جي حيرت انگيز صلاحيت رکندو هو.“
رنجيت سنگهہ 20 جون 1839ع ۾ وفات ڪئي. ڪن مؤرخن سندس وفات جي تاريخ 27 جون 1839ع ڄاڻائي آهي.


لفظ راجا رنجيت سنگهہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1780.11.13  عيسوي

مشهور سک حڪمران، مهاراجا رنجيت سنگهه جو جنم، مغل شهنشاهيت جي زماني ۾، 13 نومبر 1780ع تي گوجرانوالا (پنجاب) ۾ ٿيو.


1801.04.12  عيسوي

رنجيت سنگهه جي واحد سک حڪمران طور ڪمانڊر انچيف ۽ بادشاهه جي حيثيت ۾ 12 اپريل 1801ع تي تاجپوشي ٿي. سندس تاجپوشي گرونانڪ جي اولاد مان هڪ سک سردار صاحبسنگهه بيديءَ ڪئي. لاهور هن جو مستقل تخت گاهه بنجي ويو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ’تخت لاهور‘ سندس گاديءَ جو هنڌ رهيو.


1839.06.20  عيسوي

رنجيت سنگهه 20 جون 1839ع ۾ وفات ڪئي. ڪن مؤرخن سندس وفات جي تاريخ 27 جون 1839ع ڄاڻائي آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

لکميچند پريم ڊاڪٽر
عزيز سانگي
حامد ﷲ ٻيلوي مولانا
الھہ بخش نظاماڻي
غلام نبي سمو
غالب حسين ڊومڪي مير
احسان دانش ڀٽو
عبداللطيف تنيو ڊاڪٽر
عبدالستار سمو
عاشق حسين سمراٽ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون