راجا سامبس

راجا سامبس: سڪندراعظم مقدونيءَ، جڏهن سنڌو ماٿريءَ (پنجاب ۽ سنڌ) تي ڪاھہ ڪئي هئي تہ هن جهلم، چناب ۽ راويءَ جي ڪنارن سان آباد علائقن کي فتح ڪري، جڏهن ملتان تي ڪاھہ ڪئي، ان وقت سنڌ هڪ خودمختيار ملڪ هو ۽ ملتان اُن جي رياستي حدن ۾ شامل هو. سڪندر پنجاب ۾ سواءِ ڪنهن وڏي مزاحمت ۽ جنگ جي فتحون ماڻيندو جڏهن ملتان پهتو تہ سنڌي عوام سندس سخت مقابلو ڪيو. هتان جي راجا پورس جي فوج ۾ سنڌي کترين جو تعداد گهڻو هو. سندس فوج ۾ 30 هزار پيادا، گهوڙيسوار ۽ هاٿي هئا. سنڌي کترين پنھنجي تاريخي روايتن ۽ صلاحيتن کي قائم رکندي سڪندر سان زبردست مقابلو ڪيو.
يوناني مؤرخن سندن بهادريءَ جو نقشو هن ريت چٽيو آهي:
پورس جا ماڻهو بہ ترارون ۽ هڪڙي ڍال کڻي وڙهيا ٿي. سندن ڪمان ماڻهن جي قد جيڏي هئي. تيرن اڇلائڻ مهل، ڪمان جي تار کي پوئتي ڇڪي تير هڻندا هئا، سندن تير چار فوٽ ڊگها هئا، جيڪي ڪيڏي بہ مضبوط ڍال مان لنگهي پار ٿي ويندا هئا. پنھنجي کاٻي هٿ ۾، هو چمڙي مان ٺهيل ڊگهي، پر سوڙهي ڍال کڻندا هئا. ٻيا سپاهي تلوارباز هئا، جن جون تلوارون ساڍا چار فوٽ ڊگهيون هيون. هو ٻنهي هٿن سان تلوارون هڻندا هئا. پورس جي پيادل فوج مان جتي هڪ ٿي مئو تہ سڪندر جي پنجن ماڻهن جو سر ٿي کنيائين“.
ملتان ۾ ان وقت هڪ سنڌي جنگجو ذات مل يا مالي رهندا هئا، جن سڪندر جو زبردست مقابلو ڪيو.
منو سمرتيءَ موجب ملي (مالهي) کترين جو هڪ پاڙو هو ۽ ٻيو پاڙو پهلو (پهلوان) هو. گنگارام سمراٽ، پليو ٽارچ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي تہ: ”ملي (مالهي) ڀارت جي سڀ کان وڌيڪ جنگجو جاتي ليکي ويندي هئي، جن سڪندر سان جنگ ڪئي ۽ کيس زخمي ڪيو هو.“ هن جنگ ۾ مالهين پاڻ سان سنڌ مان 900 هاٿي بہ جنگ جي ميدان ۾ آندا هئا. مشھور مؤرخ پليوٽارچ لکيو آهي ته، ”پورس خلاف وڙهندي سڪندري فوجون پست همت ٿي پيون، دراصل هتي کيس شڪست ملي هئي“. رابن لين فاڪس لکيو آهي تہ: هندستاني مؤرخن جو خيال آهي تہ پورس سڪندر کي ماري مڃايو هوندو، ان ڪري ئي سڪندر کيس اعزاز ڏنو هو.“
ان کانپوءِ سڪندر پنھنجي لشڪر مان مکيہ سپھہ سالار، پهلوان ۽ قابل جوڌا چونڊ ڪري هڪ لک ويھہ هزار سپاهين (پيدل) ۽ 15 هزار گهوڙيسوارن سان باقي سنڌ تي حملو ڪيو، پر سندس وک وک تي مقابلو ڪيو ويو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لکيو آهي تہ: ”سڪندر کي سنڌ ۾ گهڻي مخالفت ڏسڻ ۾ آئي. هو سنڌ مان جتان بہ گذريو، اتان سندس فوج جو سخت مقابلو ٿيندو ويو.“ ان دؤر ۾ سنڌ جي فوج مضبوط ۽ اعليٰ پائي جي هـئي. سـنڌ جي راجائن وٽ ٻہ لک پيادا، 20 هزار گهوڙيسوار، 2 هـزار رٿ ۽ چار هزار جنگي هاٿي هئا. سندن تير هلڪا هئا، جن جي چوٽين ۾ لوهي اڻيون لڳل هيون. راجائن وٽ مضبوط قلعا هئا. جنگ ۾ سنڌ جا راجا لشڪر جي اڳيان، هاٿين جون قطارون کڙيون ڪندا هئا، جن جي پٺيان پيادا سپاهي صفن ۾ بيهندا هئا. ساڄي ۽ کاٻي سوارن جا دستا، راجا جي حڪم لاءِ انتظار ڪندا هئا. سوارن سان رٿ بہ هوندا هئا، لشڪر جي اڳيان جهنڊي بدران ڪرشنا يا اندرا جا بُتَ، بانس جي ڇڙين تي بيٺل هوندا هئا. حملي ڪرڻ وقت نغارا ۽ شرنايون وڄايون وينديون هيون. محمد ابراهيم جويي ڪتاب ’شاھہ، سامي ۽ سچل‘ ۾ لکيو آهي ته، 325 ق. م ۾ جڏهن سڪندراعظم پنھنجي فتح هند لشڪر سان سنڌ جي حدن ۾ شامل ٿيو، تڏهن کيس ٻڌايو ويو ته، اُتي هڪ اهڙو مخفي اثر موجود آهي، جيڪو ڌارين جي مقابلي لاءِ ماڻهن جي ارادي کي مضبوط ڪري سگهيو ٿي.“ اهو مخفي اثر برهمڻن جو هو، جيڪي پوءِ واقعي سڄو وقت پنهنجن ماڻهن کي دشمن جي خلاف وري وري گڏ ٿي ۽ وري وري اُٿي وڙهڻ لاءِ اُڀاريندا رهيا هئا ۽ انهن سان گڏ پاڻ بہ قربان ٿيندا رهيا. اهڙا ٻہ واقعا تاريخن ۾ موجود آهن: (1) ماسيڪانس (ماڇي؟)، قبيلي جي شڪست کاڌل (راڻي) جو، جنهن کي سڪندر بادشاھہ سندس ئي راڄڌاني الور جي چؤنڪ تي اتان جي سڀني (ويڙهاڪ) برهمڻن سان گڏ ڦاسيءَ تي چاڙهڻ جو حڪم ڏنو هو، ڇو تہ انهن ئي هن کي ائين مقابلي لاءِ آمادہ ڪيو هو.
(2) راجا سامبس (سمه؟) قبيلي جي راڄڌاني سنڊيمن (سيوهڻ) جو شھر هو، جتي فتح کان پوءِ سڀ کان اول سڪندر سڀني برهمڻن کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، ڇو تہ هن کي معلوم هو تہ انهن ئي ماڻهن کي مقابلي لاءِ اُٿاريو هو.“ (ص: 37-36 شاھہ، سچل، سامي (1689- 1850) هڪ مطالعو)
يوناني تاريخن موجب راجا سامبس (پنھنجي بھادر ساٿين برهمڻن جي سڪندر هٿان قتل ٿيڻ بعد مجبور ٿي) سڪندر جي اطاعت قبول ڪئي، جنهنڪري سڪندر کيس سنڌ جي جابلو علائقي جو گورنر مقرر ڪيو.
ڊاڪٽر حبيب صديقيءَ لکيو آهي تہ ”جڏهن يوناني فوج سيوهڻ جي راجا سامبس کي شڪست ڏني هئي، تڏهن عام ماڻهن ويڙھہ بند نہ ڪئي هئي“. ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ سنڌ جا عام ماڻهو پنهنجن ڏاهن/ برهمڻن جي اثر هيٺ هئا. اها بہ روايت ملي ٿي تہ سڪندر تي سيوهڻ مان موٽندي سيوهڻ ۽ لڪيءَ جي آسپاس منڇر جي مهاڻن تيرن سان حملو ڪيو هو ۽ سندس فوج تي ڪتا بڇيا هئا. سڪندراعظم ان حملي ۾ زخمي ٿيو هو. مطلب تہ سنڌي سورهين سڪندر کي آرام سان سنڌ لٽڻ نہ ڏني. ايڇ. ٽي. لئمبرڪ لکيو آهي: ”هن مغرب جي پهرئين ڌاڙيل سان سنڌين جون طويل خوني جنگيون ظاهر ڪن ٿيون تہ سنڌين ۾ آزاديءَ لاءِ وڏو جوش هو. جيترو عرصو سڪندر سنڌ ۾ رهيو، سڪون گهڙيءَ لاءِ نہ مليس.“
زخمي حالت ۾ بابل واپس وڃڻ وقت سڪندر فوج کي ٻن حصن ۾ ورهايو. هڪ حصو پنھنجي ڪمان هيٺ خشڪي رستي ۽ ٻيو حصو نرخوس جي ڪمان هيٺ سمنڊ رستي روانو ڪيو، جنهن بحري فوج کي سنڌين حملو ڪري تباھہ ڪري ڇڏيو.
(حوالا: سنڌ عرب فتح کان اڳ (لئمبرڪ)، سنڌ جي فوجي مهارت (دادا سنڌي
شاھہ سچل سامي (م. ا. جويو) ۽ ٻيا ڪتاب)




لفظ راجا سامبسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو