راجا سونيه

راجا سونيه: راجا سونيه قديم دور ۾ سنڌ جو حاڪم ٿي گذريو آهي. ان دور جي جن حاڪمن سخاوت جا گڻ ڏيکاريا ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا، تن جو رگ ويد ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙن راجائن مان راجا سونيه به هڪ آهي، جيڪو نيڪ نيتي ۽ سخاوت سبب گھڻو مشهور هو. راجا سونيه، راجا ڀاويه جو پٽ هو. سندس زال جو نالو راڻي روماسا هو. پاڻ ڪروي (Krivi) آرين مان هو، جيڪي اڳتي هلي ’پنچال‘ سڏجڻ لڳا. سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجھه حصي تي ان وقت پنچالن جي حڪومت هئي، جن مان ڪي سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ته ڪي ’اشڪني نديءَ‘ (Ashkini) جي ڪناري تي آباد هئا، اشڪني ندي، سڪندراعظم جي د‍ؤر ۾ ’چندر ڀاڳ‘ (Chandrabhaga) سڏبي هئي، جيڪا هاڻي ’چناب‘ سڏجي ٿي. پرو ۽ ڀروت لوڪ به راجا سونيه جا پري جا سؤٽ هئا، جن سان راجا سورسداس لڙائي ڪئي هئي. مسٽر پارجيٽر ڄاڻايو آهي ته راجا سونيه، راجا سورسداس ۽ سندس ڏاڏي ديوداس جي حڪومت جي وچ واري عرصي ۾ سنڌ جو راجا رهيو. ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ۾ ڀيرو مل، رگويد جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته راجا سونيه جي سخاوت جو ذڪر ڪاڪشون نالي هڪ رشيءَ پنهنجين رچنائن ۾ ڪيو آهي، جيڪو پيدائش کان ئي نابين هو ۽ اگني ديوتا جي پوڄا ڪرڻ سبب سندس اکين ۾ نور موٽي آيو هو. هڪ ڏينهن ڪاڪشون پنهنجي گروءَ وٽان مڪمل گيان حاصل ڪري واپس موٽيو ته رات پوڻ سبب رستي تي سمهي پيو، جتان صبح ٿيڻ تي راجا سونيه پنهنجن ڪجهه ماڻهن سان گڏ گذريو، جنهن کي ڪاڪشون رشيءَ جي شڪل شبيهه ۽ سونهن وڻي وئي، جنهنڪري کيس اتان اٿاري پنهنجي محلات ڏانهن وٺي ويو، جتي ڪيترائي ڏينهن سندس عقل، اخلاق ۽ چال چلت تي نظر رکيائين. راجا سونيه کي ڏهه نياڻيون هيون، جيڪي ڏهه ئي ڪاڪشون رشيءَ کي پرڻايائين ۽ کيس تمام گھڻو ڌن دولت پڻ ڏنائين. ڪاڪشون راجا وٽان گھڻو ڌن دولت ملڻ تي سندس سخا بابت ڳايائين. رگ ويد مان ڪاڪي ڀيرو مل انهن داستانن مان هڪ جو مطلب هن ريت ڪڍيو آهي ته: ”سنڌ جي راجا مون کي هڪ سؤ نشڪ (سونا سڪا)، هڪ سؤ گھوڙا، هڪ سؤ ڍڳا، هڪ هزار سٺ ڍڳيون ۽ يارنهن رٿ ڏنا. (ڏهه رٿ ڏهن زالن لاءِ ۽ يارهون رٿ ڪاڪشون لاءِ). هر هڪ رٿ ۾ چار چار سنڌي گھوڙا ٻڌل هئا، جن تي موتين سان جڙيل سنج هئا. سنڌ جي راجا سونيه هيترو سارو دان ڪري پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو.“


لفظ راجا سونيهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو