راجا سونيه: راجا سونيه قديم دور ۾ سنڌ جو حاڪم ٿي گذريو آهي. ان دور جي جن حاڪمن سخاوت جا گڻ ڏيکاريا ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا، تن جو رگ ويد ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي. اهڙن راجائن مان راجا سونيه بہ هڪ آهي، جيڪو نيڪ نيتي ۽ سخاوت سبب گهڻو مشھور هو. راجا سونيه، راجا ڀاويه جو پٽ هو. سندس زال جو نالو راڻي روماسا هو. پاڻ ڪروي (Krivi) آرين مان هو، جيڪي اڳتي هلي ’پنچال‘ سڏجڻ لڳا. سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه حصي تي ان وقت پنچالن جي حڪومت هئي، جن مان ڪي سنڌو نديءَ جي ڪناري تي تہ ڪي ’اشڪني نديءَ‘ (Ashkini) جي ڪناري تي آباد هئا، اشڪني ندي، سڪندراعظم جي دؤر ۾ ’چندر ڀاڳ‘ (Chandrabhaga) سڏبي هئي، جيڪا هاڻي ’چناب‘ سڏجي ٿي. پرو ۽ ڀروت لوڪ بہ راجا سونيه جا پري جا سؤٽ هئا، جن سان راجا سورسداس لڙائي ڪئي هئي. مسٽر پارجيٽر ڄاڻايو آهي تہ راجا سونيه، راجا سورسداس ۽ سندس ڏاڏي ديوداس جي حڪومت جي وچ واري عرصي ۾ سنڌ جو راجا رهيو. ڪتاب ’قديم سنڌ‘ ۾ ڀيرو مل، رگويد جي حوالي سان ڄاڻايو آهي تہ راجا سونيه جي سخاوت جو ذڪر ڪاڪشون نالي هڪ رشيءَ پنهنجين رچنائن ۾ ڪيو آهي، جيڪو پيدائش کان ئي نابين هو ۽ اگني ديوتا جي پوڄا ڪرڻ سبب سندس اکين ۾ نور موٽي آيو هو. هڪ ڏينهن ڪاڪشون پنھنجي گروءَ وٽان مڪمل گيان حاصل ڪري واپس موٽيو تہ رات پوڻ سبب رستي تي سمهي پيو، جتان صبح ٿيڻ تي راجا سونيه پنهنجن ڪجهہ ماڻهن سان گڏ گذريو، جنهن کي ڪاڪشون رشيءَ جي شڪل شبيھہ ۽ سونهن وڻي وئي، جنهنڪري کيس اتان اٿاري پنھنجي محلات ڏانهن وٺي ويو، جتي ڪيترائي ڏينهن سندس عقل، اخلاق ۽ چال چلت تي نظر رکيائين. راجا سونيه کي ڏھہ نياڻيون هيون، جيڪي ڏھہ ئي ڪاڪشون رشيءَ کي پرڻايائين ۽ کيس تمام گهڻو ڌن دولت پڻ ڏنائين. ڪاڪشون راجا وٽان گهڻو ڌن دولت ملڻ تي سندس سخا بابت ڳايائين. رگ ويد مان ڪاڪي ڀيرو مل انهن داستانن مان هڪ جو مطلب هن ريت ڪڍيو آهي تہ: ”سنڌ جي راجا مون کي هڪ سؤ نشڪ (سونا سڪا)، هڪ سؤ گهوڙا، هڪ سؤ ڍڳا، هڪ هزار سٺ ڍڳيون ۽ يارنهن رٿ ڏنا. (ڏھہ رٿ ڏهن زالن لاءِ ۽ يارهون رٿ ڪاڪشون لاءِ). هر هڪ رٿ ۾ چار چار سنڌي گهوڙا ٻڌل هئا، جن تي موتين سان جڙيل سنج هئا. سنڌ جي راجا سونيه هيترو سارو دان ڪري پاڻ کي امر ڪري ڇڏيو.“