راجا ظفرالحق

راجا ظفرالحق

راجا ظفرالحق

راجا ظفرالحق: ناميارو سياستدان ۽ قانوندان، راجا ظفرالحق، 18 نومبر 1935ع ۾ ماٽور (Matore)، تعلقي ڪهوٽا، ضلعي راولپنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم سيالڪوٽ ۾ حاصل ڪيائين. گورنمينٽ ڪاليج لاهـور مان بـي. اي جـو امتحـان پاس ڪري، پنجـاب يونيـورسٽيءَ مان ايم. اي معاشيات ۽ لا ڪاليج مان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ 1958ع ۾ راولپنڊيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين. 1964ع تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل راولپنڊيءَ جو ميمبر ۽ مسلم ليگ راولپنڊيءَ جو صدر رهيو. 1977ع ۾ راولپنڊي بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊيو ويو. هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن راولپنڊي سرڪل جو نائب صدر بہ رهيو. 1981ع ۾ وفاقي ڪابينا ۾ وزير اطلاعات ۽ نشريات مقرر ٿيو. 1985ع تائين ان عهدي تي برقرار رهيو. 84-1983ع ۾ مذهبي معاملن واري وزارت جي اضافي چارج بہ سندس حوالي رهي. 1985ع ۽ 1986ع ۾ مصر ۾ پاڪستان جو سفير رهيو. 1986ع ۽ 1987ع ۾ وزيراعظم جو سياسي صلاحڪار رهيو.
راجا ظفرالحق ڪيترين ئي بين الاقوامي ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جن ۾ 1990ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جو پنجيتاليهون اجلاس بہ شامل آهي. 1991ع ۾ ڇھن سالن لاءِ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ۽ پ پ جي حڪومتي دؤر ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ رهيو. راجا ظفرالحق، ميان نواز شريف جي دؤر ۾ قائد ايوان چونڊيو ويو. سندس شمار مسلم ليگ (ن) جي اهم ۽ ڀروسي وارن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. راجا ظفرالحق سنڌ ۾ ساڄي ڌر جي اديبن جي ’تنظيم فڪر و نظر‘ نالي هڪ ادبي تنظيم منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن تنظيم جي مالي سهائتا پڻ ڪيائين، تہ جيئن اهي ترقي پسند ۽ قوم پرست سنڌي اديبن جو قلم ذريعي مقابلو جاري رکي سگهن.


لفظ راجا ظفرالحقھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.11.18  عيسوي

ناميارو سياستدان ۽ قانوندان، راجا ظفرالحق، 18 نومبر 1935ع ۾ ماٽور (Matore)، تعلقي ڪهوٽا، ضلعي راولپنڊيءَ ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايگزيڪيوٽو
ٽوپڻ شيخ
دلير دِل خان
چئناڻي حشمتراءِ آتما
التتمش
ثابت بن ضحاڪ
چوڌري فضل الاهي
راجيش ڪمار پرسراماڻي
امير پير
طالب حسين ڀورو بروهي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون