راجا نند

راجا نند: راجا نند، سنڌ جي مشھور لوڪ داستان ’مومل راڻي‘ جي سورميءَ مومل جو پيءُ هو، جيڪو قصي ۾ ميرپور ماٿيلي جو حاڪم ٻڌايو ويو آهي. روايتن مطابق هن کي پندرهين صدي عيسويءَ جي اوائل جو ڄاڻايو ويو آهي، جيڪو گجر ذات وارن جو سردار هو. ڪن محققن موجب راجا نند، سومرن جي پوئين حاڪم همير سومري پاران گهوٽڪيءَ کان اٻاوڙي تائين (ٻارهن ڪوهن جي پکيڙ جو) راجا هو. سندس پيءُ جو نالو رتل راءِ ۽ ماءُ جو نالو سمي هو، جڏهن تہ سندس زال جو نالو گنگ راڻي هو، جنهن مان کيس نو (9) ڌيئرون هيون: سهجان، سومل، مومل، سوڍي، نسيمت، صحت، ساڏهان، سلهان يا صالحان ۽ مرادان. روايتن ۽ لوڪ شاعريءَ ۾ آهي تہ کيس پٽ جو اولاد ڪونه هو. ڪهاڻيءَ موجب راجا نند کي شڪار ڪندي هڪ سوئر جو ڏند مليو هو، جنهن جي خاصيت جادوئي هئي، جو اهو ڏند جتان بہ گذاربو هو تہ اتان درياھہ جو پاڻي هٽي ويندو هو. ان ڏند جي مدد سان راجا نند پنهنجو خزانو درياھہ جي پيٽ ۾ لڪائي ڇڏيو هو، بعد ۾ اهڙي کڙڪ پوڻ تي هڪ چور، فقير جي روپ ۾ راجا نند جي غير موجودگيءَ ۾ مومل کان اهو ڏند تڳائي خزانو چورائي ويو تہ راجا نند کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي، پر سندس ڌيءَ سومل ساڻس واعدو ڪيو تہ هوءَ کيس اهو نقصان ڀري ڏيندي ۽ پوءِ ڪاڪ نديءَ ڪناري جادوئي محلات اڏي مومل ماڻڻ لاءِ مالدارن ۽ شهزادن جو امتحان وٺي انهن کي ڪنگلو ڪري مال ميڙيائين ۽ راجا نند کي چورايل خزاني جي پورت ڪري ڏنائين.
سنڌ جي سماجي توڙي ادبي ماحول ۾ لوڪ قصن ۽ داستانن ۾ موجود جادوئي ۽ مافوق الفطرت عنصرن کان قطع نظر ڪردارن کي تاريخي ۽ جاگرافيائي ٽاڻا ڏيڻ جو رواج آهي. ان ڪري اهي تاريخي نہ تہ بہ نيم تاريخي ضرور لڳن ٿا.
تاريخ مان راجا نند جي ڪردار جي ڪا تصديق نہ ٿي سگهي آهي، البت سگهڙن ۽ شاعرن سندس گهڻو ذڪر ڪيو آهي.
ڪن سگهڙن راجا نند کي ڌيئرن ذريعي مال حاصل ڪرڻ واري عادت سبب ننديو بہ آهي، جڏهن تہ سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن مان شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ کيس اهميت ڪانہ ڏني آهي ۽ صرف هڪ هنڌ اُن جو ذڪر ڪيو آهي:
مومل، سومل، سهجان، مرادي منجهن،
ٻيٽيون راجا نند جون، چالي پر چکن،
راڻو مٿان تن، اوچتو ئي آئيو!


لفظ راجا نندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو