راجا هرش (606ع-647ع): راجا هرش (هرشا) قديم دور ۾ اتر هندستان جو شهنشاھہ ٿي گذريو آهي. هرش جو والد پرڀاڪر ورڌنا، ٿانيسر (پنجاب) جو بادشاھہ هو. هرش پنھنجي ڀاءُ راجيا ورڌن جي قتل کانپوءِ 16 سالن جي عمر ۾ اقتدار سنڀاليو، سندس تخت نشينيءَ وقت هڪ وڏي لڙائي هلي رهي هئي. ان جنگ ۾ مگڌ ۽ مالوھہ توڙي بنگال جو بادشاھہ ساسنڪا گڏجي قنوج جي راجا مئوکري سان وڙهي رهيا هئا، جنهن سان هرش جي مٽي مائٽي هئي. قنوج جو بادشاھہ گرها ورمن مارجي ويو، ان ڪري سندس ملڪ بہ هرش جي قبضي ۾ اچي ويو. پوءِ قنوج سندس حڪومت جو تختگاھہ بڻجي ويو. بعد ۾ نوجوان هرش جنگين جو هڪ سلسلو شروع ڪري ڇڏيو ۽ اتر هندستان کي فتح ڪرڻ ۾ سوڀارو ٿيو. هن ڪنهن زبردست مرڪزي حڪومت جي قيام جي ڪوشش نہ ڪئي ۽ روايتي طرح سان حڪمراني ڪئي. فتح ڪيل علائقن جي حاڪمن کي ماتحت ڪرڻ بجاءِ، انهن کي پابند ڪيو تہ اهي خراج ۽ ڏن ڀريندا رهن. سندس اثر گجرات کان آسام تائين وڌي ويو، پر حقيقي طرح سندس حڪومت موجودہ اتر پرديش، پنجاب ۽ راجسٿان جي ڪجهه حصن تي مشتمل هئي. هن 620ع ڌاري دکن کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر شهنشاھہ چالوڪيه پؤلاڪيسن (ٻئي) هرش کي ناڪام ڪري ڊوڙائي ڪڍيو. ڪتابن ۾ هرش جو نالو زندھہ رهيو آهي. بانا پنھنجي ڪتاب ’هرشا چيريتا‘ ۾ سندس ذڪر سٺن لفظن ۾ ڪيو آهي. چيني سياح ’هوئان چوانگ‘ هرش جو ذاتي دوست ٿي ويو هو ۽ پوءِ ٻڌ ڌرم جو زبردست پرچارڪ رهيو. چيني سياح هرش جي حڪومت جي ڏاڍي واکاڻ ڪري ٿو، هرش جي انتظامن جي ساراھہ ڪندي، سندس ملڪ جي اقتصادي بهتريءَ جي ڳالھہ بہ ڪري ٿو. هندستان جي روايتي تاريخ ۾ هرش جو دور قدامت کان نواڻ طرف وک سمجهڻ کپي، جنهن کي پوءِMedieval period جو نالو ڏنو ويو. ان وقت هندستان ۾ مرڪزيت ختم ٿي رهي هئي ۽ جدا جدا رياستون وجود ۾ اچڻ شروع ٿي ويون هيون. ٻين هندو بادشاهن وانگر هرش بہ ادب ۽ آرٽ جي واڌويجهہ ۾ دلچسپي ورتي. هن پاڻ بہ قلم کنيو ۽ سنسڪرت زبان ۾ ٽي ڊراما: نگنندا، رتنا ولي ۽ پريا درسيڪا لکيا، جيئن تہ هرش جو ڪو والي وارث نہ هو، ان ڪري اڳتي هلي سندس خانداني رياست ۽ سياست جو خاتمو ٿي ويو.
ڪراچي سنڌ ۾ 1894ع ۾ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ پهرين ڊراميٽڪ سوسائٽي ’ڊي. جي. سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائتي‘ نالي قائم ٿي هئي، جنهن ڪيترا ڊرامانگار پيدا ڪيا، جن ۾ ليلارام وطڻ مل هڪ قابل ذڪر ڊرامانگار ٿي گذريو آهي. هن سوسائٽيءَ لاءِ ليلارام 1895ع ۾ جيڪو پهريون ڊرامو لکيو، سو ’هرشچندر‘ هو. ڊرامي جو مرڪزي خيال رامائڻ مان ورتل هو.
اهڙيءَ طرح مشھور شاعر ڪشنچند بيوس سال 1907ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ’چانڊڪا اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽيءَ‘ جو بنياد وڌو، جنهن طرفان ڪيترا ڊراما اسٽيج ڪيا ويا، جن ۾ ڪشنچند بيوس جو هڪ مشھور ڊرامو پڻ ’راجا هرشچندر‘ هو، جيڪو اسٽيج ٿيو. اهڙيءَ طرح هن تاريخي ڪردار راجا هرش جو سنڌي ادب (ناٽڪ) ۾ اسان کي ذڪر ملي ٿو.
(حوالو: ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ، غلام حيدر صديقي، ص: 146– 147)