راجا پٿوراءِ

راجا پٿوراءِ: پٿو راءِ، دهلي ۽ اجمير جو راجا ٿي گذريو آهي. جڏهن حضرت خواجہ معين الدين چشتي، سياحت لاءِ ملتان کان دهليءَ پهتو، تڏهن پٿوراءِ ساڻس تڪرار ڪيو ۽ خواجہ چشتيءَ کي ايذائڻ شروع ڪيو. خواجہ صاحب وڏو عالم ۽ بزرگ هو، جنهن کي راجا پٿوراءِ مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ هندو جوڳين کي حڪم ڏنائين تہ خواجہ کي جادوئي علم ذريعي شڪست ڏني وڃي. جوڳين خواجہ تي جادو هلائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي، پر ناڪام ٿيا. نيٺ جوڳين جو وڏو گرو، جيپال مقابلي لاءِ تيار ٿيو. پر جئپال شڪست کاڌي ۽ خواجہ صاحب جي بزرگيءَ کان متاثر ٿي اسلام قبول ڪيو. سندس نالو عبدالله رکيو ويو. جنهن کانپوءِ راجا جا ٻيا ڪيترا امير ۽ ملازم بہ مسلمان ٿي خواجہ معين الدين چشتيءَ جي مريديءَ ۾ آيا. پٿوراءِ پنھنجي ناڪامي ڏسي خواجہ کي ڌمڪي ڏني، جنهن جي جواب ۾ خواجہ معين الدين چشتيءَ فرمايو تہ ’پٿوراءِ کي زندہ مسلمانن جي حوالي ڪريون ٿا.‘ سلطان شھاب الدين ان وقت ’خراسان‘ ۾ هو، جيڪو پوءِ جلدي هندستان تي ڪاهي آيو ۽ پٿوراءِ سان جنگيون ڪيائين. ٻئي حملي بعد شھاب الدين غوريءَ جي لشڪر کي فتح ٿي ۽ پٿوراءِ خواجہ معين الدين جي اڳڪٿيءَ مطابق زندہ گرفتار ٿيو، جنهن کي بعد ۾ سلطان شھاب الدين غوريءَ جي لشڪر قتل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد سلطان شھاب الدين غوري دهليءَ تي قبضو ڪري مسلمانن جي حڪومت قائم ڪئي.


لفظ راجا پٿوراءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو