راجا کينئرو

راجا کينئرو: راجا کينئرو، سنڌي ۽ هندي لوڪ ادب جو هڪ مشھور ڪردار آهي، جنهن جو تعلق جيسلمير رياست سان آهي. نہ صرف هيءَ روايت ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي، بلڪ راجا کينئرو هڪ نيم تاريخي ڪردار سمجهيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنھنجي ڪتاب ’لوڪ ڪهاڻيون-7‘ ۾ هن قصي کي لوڪ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي تہ: ”ڪنهن زماني ۾ جيسلمير رياست تي ’کينئري‘ نالي هڪڙو بھادر راجا راڄ ڪندو هو. کيس ’ڪامل‘ نالي هڪ سھڻي ۽ سلڇڻي راڻي هئي، جنهن کي راجا تمام گهڻو پيار ڪندو هو. هڪ ڀيري دنگئي راجا شڪار تي نڪتا، جن پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ راجا کينئري وٽ هلي رهاڻ ڪجي ۽ کيس شڪار تي بہ وٺي هلجي. کينئري يارن جي سٺي آجيان ڪئي ۽ کين ٻہ چار ڏينهن ويهاري سندن خدمت ڪيائين. تڏهن يارن هن کي پاڻ سان گڏ شڪار تي هلڻ لاءِ چيو، هو کين انڪار ڪري نہ سگهيو. هلندي هڪ اهڙي جهنگ ۾ پهتا، جتي تمام گهڻا سھا هئا، راجائن وٺي جو ڪتا ڇڏيا تہ ڳچ جيترا سھا جهلجي پيا. راجا کينئري کي سھن جي کل تمام نرم لڳي، ڇا ڪيائين، جو ان مان تمام بھترين قسم جو بسترو راڻيءَ لاءِ ٺهرايائين، جيڪو راڻيءَ کي سوکڙي ڪري ڏنائين، پر راڻي نابري واري چيو تہ آءٌ هن تي نہ سمهنديس. راجا ڪارڻ پڇيو، جنهن تي هن ٻڌايس تہ: راجا! هتان کان مهيني پنڌ تي منهنجي ساهيڙي ‘آڀل‘ رهندي آهي. هڪڙي ڀيري اتفاق سان ان جي جسم تي سھي جو وار لڳي ويو، کيس اهڙو تہ گهاءُ ٿي پيو، جو ڪيترائي ڏينهن پئي علاج هليو، نيٺ وڃي اهو زخم مس مس ٺيڪ ٿيو. راڻيءَ جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي راجا کينئرو آڀل تي اڻ ڏٺو عاشق ٿي پيو ۽ کيس ڏسڻ جو پڪو پھہ ڪري ڇڏيائين. اهو عھد ڪري هو راڻيءَ کان شڪار جي اجازت وٺي، گهوڙن جي ڪُڙھہ ۾ آيو ۽ نيري رنگ جي هڪ گهوڙي وٽ بيٺو، گهوڙي کي چيائين تہ:
نيلا تم ڍيلو ڦرين، پڪا پھن ٿي ڏور،
آڀل سندي ڪامڻي، منا ميل ضرور،
اوڀا منا ميل ضرور.
جنهن تي گهوڙي وراڻيس تہ جي بنا ککڙين کارڪون کارائيندين تہ گهڙيءَ پلڪ ۾ آڀل جي ملڪ هلي پهچائيندس:
منا تو سردي لاڳي، کارڪ تي پچوءِ،
آڀل سندي ڪامڻي، جهٽ پلڪ ۾ جوءِ،
او ڀئي! جهٽ پل ۾ جوءِ.
راجائي حڪم مطابق گهوڙي کي بنا ککڙين جي کارڪون کارايون ويون، جنهن کانپوءِ کينئرو راجا گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ گهوڙو وٺي اڏاڻو، شام ڌاري آڀل جي ملڪ پهتو. آڀل جي محلات جي پڇا ڪرڻ لاءِ تلاءَ تي پهتو، جتي هڪجهڙي پوشاڪ پهري، هڪٻئي کان وڌيڪ سهڻيون ڇوڪريون پاڻي ڀري رهيو هيون. هن شڪ ڪيو تہ شايد انهن ۾ ڪا آڀل هوندي، پر پڪ ڪرڻ خاطر انهن کان پڇيائين تہ اوهين آڀل جون ٻالڪيون آهيو؟ يا اوهان ۾ لال ڪنوار آڀل بہ آهي؟ پهريائين تہ ڇوڪريون نٽائي ويون، پر انهن مان ڪا هڪ رحمدل هئي، جنهن چيو تہ اسين سڀ آڀل جون ٻانهيون آهيون. آڀل محل ۾ آهي. نيٺ هي انهن ڇوڪرين پٺيان لڪندو ڇپندو، آڀل جي محل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. قدرت خدا جي ان مھل سخت مينهن پوڻ شروع ٿيو. محل جي پاتال جي پاڻيءَ ۽ برسات هن کي تنگ ڪيو، تنهنڪري هن پنھنجي مٿان ڍال جهلي، جنهن ڪڪرن جي گجگوڙ جهڙو آواز ڪيو. مڄاڻ جنهن محلات هيٺان بيٺو هو، اها آڀل جي محلات هئي. شور جي ڪري آڀل ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو تہ ڏس هي آواز ڇا جو آهي؟ ٻانهيءَ دري کولي ٻاهر ليئو پاتو تہ رڙ ڪَري ڪِري پئي. ان کانپوءِ ٻي ٻانهي بہ ائين ئي ڪيو... نيٺ آڀل پاڻ دريءَ مان ٻاهر نهاريو تہ نظر وڃي راجا کينئري ۾ کتس. نظرون نظرن سان مليون ۽ ٻئي هڪٻئي جا ٿي ويا. آڀل سمجهي وئي تہ هي ڪو راجا آهي. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائينس؛ کينئري وراڻي ڏني تہ راجا پريتم سنگهہ جو پٽ کينئرو راجا آهيان ۽ گر چوٽيلو منهنجو ڳوٺ آهي. آڀل؛ جنهن جي بهادري ۽ سونهن جي تعريف رڳو ٻڌي هئي. سو ان کي سامهون ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. انهيءَ دوران هڪٻئي سان شاديءَ جو انجام ڪري کينئرو پنھنجي ملڪ موٽيو. آڀل گهڻا ڏينهن انتظار ڪيو، پر کينئرو نہ موٽيو، تنهن اوسيئڙي ۾ هوءَ ڳرندي پڄرندي وئي. نيٺ پنھنجي ويجهي سرتي ’جوري‘ سان صلاح ڪيائين، جنهن کيس چيو تہ ڪنهن ويڄ طبيب جو بهانو ڪري هتان نڪري کينئري جي ڳوٺ هلجي. سا ڳالھہ آڀل کي آئڙي. آڀل پنھنجي پيءُ ڪنول سنگهہ کان ان ڳالھہ جي اجازت گهري، جنهن پهريائين تہ انڪار ڪيو، پر پوءِ ڌيءَ جي ناساز حالت کي ڏسي موڪل ڏنائين. آڀل پنھنجي سرتين سان قافلو تيار ڪري رواني ٿي. جڏهن راجا کينئري جي باغ وٽ پهتي، تڏهن ڇا ڪيائين، جو مالهيءَ کي ڏاڍي مار ڪڍرائي، ميويدار باغ، اٺن ۽ گهوڙن کي چارائي ڇڏيائين.
جڏهن اهو اطلاع راجا کي مليو تہ هڪ شھزادي باغ وڍرائي اٺن ۽ گهوڙن کي چارائي ڇڏيو آهي تہ راجا پنھنجي راڻيءَ سان گڏجي پنھنجي ڀيڻ جا ڪپڙا پائي، زنانو ويس ڪري باغ ڏانهن ويو، جتي اهي ٻئي عاشق پردي ۾ مليا ۽ خوش ٿيا ۽ ائين ڪيترائي ڏينهن سندن ملاقات ٿيندي رهي. هوڏانهن هڪ ڏينهن جڏهن راجا کينئري جي ڀيڻ جي ڪپڙن ۾ مرد جي پگهر جي ڌپ کي سندس مڙس محسوس ڪيو ۽ سمجهيائين تہ سندس زال پڪ ڪنهن غير مرد سان ڦٽل آهي. کينئري جي ڀيڻ پنھنجي مڙس کي اعتبار ڏيڻ جي گهڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر سندس هڪ بہ نہ ٻڌائين ۽ ويتر ڪپڙن کان آجو ڪري، کٽ جي چئن پاون هيٺ سندس هٿ ۽ پير ڏيئي ڇڏيائين. اها ڳالھہ کينئري کي ناگوار لڳي، جو ڪڍندي ئي تلوار ڀيڻ جي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيائين. ڀيڻ جو پنھنجي مڙس جي قتل ٿيڻ جي خبر ٻڌي تہ مٿس ڏاڍي ڪاوڙي ۽ پنھنجي سهري کي خط لکيائين تہ کينئري منهنجي ڌڻيءَ کي ماري مون کي رن زال ڪري وڌو آهي. هاڻ جي اوهان کينئري کان پلاند نہ ڪندؤ تہ آءٌ پنھنجي پاڻ کي ماري ڇڏينديس. سهري کي جو اهڙو خط مليو تہ ان جنگ جو اعلان ڪيو. مقرر ڏينهن پڄاڻان جنگ ٿي. کينئري دشمن جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجهي کين ڀڄائي ڪڍيو ۽ ميدان خالي ڏسي سرخرو ٿيو ۽ گهوڙي تان هيٺ لٿو تہ هڪ مست هاٿيءَ مٿانئس حملو ڪري کيس ماري ڇڏيو. اها خبر ٻڌي آڀل ۽ ڪامل منهن مٿو پٽي روئڻ لڳيون. جڏهن ستيون ٿيڻ تي هيون تہ خدا جي قدرت سان کينئري ۾ ساھہ پئجي ويو. جنهن کانپوءِ آڀل پنھنجي ساهيڙيءَ کان اجازت گهري راجا کينئري سان شادي ڪئي. اها روايت هند ۽ سنڌ ۾ رائج اهڙن ٻين لوڪ قصن وانگر ڏندڪٿائي انداز رکي ٿي، جنهن جا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڳولڻ عبث آهي، پر ان جي لوڪ ادب ۾ حيثيت ضرور آهي.


لفظ راجا کينئروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو