راجا کينئرو

راجا کينئرو: راجا کينئرو، سنڌي ۽ هندي لوڪ ادب جو هڪ مشهور ڪردار آهي، جنهن جو تعلق جيسلمير رياست سان آهي. نه صرف هيءَ روايت ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي، بلڪ راجا کينئرو هڪ نيم تاريخي ڪردار سمجھيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب ’لوڪ ڪهاڻيون-7‘ ۾ هن قصي کي لوڪ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي ته: ”ڪنهن زماني ۾ جيسلمير رياست تي ’کينئري‘ نالي هڪڙو بهادر راجا راڄ ڪندو هو. کيس ’ڪامل‘ نالي هڪ سهڻي ۽ سلڇڻي راڻي هئي، جنهن کي راجا تمام گھڻو پيار ڪندو هو. هڪ ڀيري دنگئي راجا شڪار تي نڪتا، جن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته راجا کينئري وٽ هلي رهاڻ ڪجي ۽ کيس شڪار تي به وٺي هلجي. کينئري يارن جي سٺي آجيان ڪئي ۽ کين ٻه چار ڏينهن ويهاري سندن خدمت ڪيائين. تڏهن يارن هن کي پاڻ سان گڏ شڪار تي هلڻ لاءِ چيو، هو کين انڪار ڪري نه سگھيو. هلندي هڪ اهڙي جھنگ ۾ پهتا، جتي تمام گھڻا سها هئا، راجائن وٺي جو ڪتا ڇڏيا ته ڳچ جيترا سها جھلجي پيا. راجا کينئري کي سهن جي کل تمام نرم لڳي، ڇا ڪيائين، جو ان مان تمام بهترين قسم جو بسترو راڻيءَ لاءِ ٺهرايائين، جيڪو راڻيءَ کي سوکڙي ڪري ڏنائين، پر راڻي نابري واري چيو ته آءٌ هن تي نه سمهنديس. راجا ڪارڻ پڇيو، جنهن تي هن ٻڌايس ته: راجا! هتان کان مهيني پنڌ تي منهنجي ساهيڙي ‘آڀل‘ رهندي آهي. هڪڙي ڀيري اتفاق سان ان جي جسم تي سهي جو وار لڳي ويو، کيس اهڙو ته گھاءُ ٿي پيو، جو ڪيترائي ڏينهن پئي علاج هليو، نيٺ وڃي اهو زخم مس مس ٺيڪ ٿيو. راڻيءَ جي واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي راجا کينئرو آڀل تي اڻ ڏٺو عاشق ٿي پيو ۽ کيس ڏسڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيائين. اهو عهد ڪري هو راڻيءَ کان شڪار جي اجازت وٺي، گھوڙن جي ڪُڙهه ۾ آيو ۽ نيري رنگ جي هڪ گھوڙي وٽ بيٺو، گھوڙي کي چيائين ته:
نيلا تم ڍيلو ڦرين، پڪا پهن ٿي ڏور،
آڀل سندي ڪامڻي، منا ميل ضرور،
اوڀا منا ميل ضرور.
جنهن تي گھوڙي وراڻيس ته جي بنا ککڙين کارڪون کارائيندين ته گھڙيءَ پلڪ ۾ آڀل جي ملڪ هلي پهچائيندس:
منا تو سردي لاڳي، کارڪ تي پچوءِ،
آڀل سندي ڪامڻي، جھٽ پلڪ ۾ جوءِ،
او ڀئي! جھٽ پل ۾ جوءِ.
راجائي حڪم مطابق گھوڙي کي بنا ککڙين جي کارڪون کارايون ويون، جنهن کانپوءِ کينئرو راجا گھوڙي تي سوار ٿيو ۽ گھوڙو وٺي اڏاڻو، شام ڌاري آڀل جي ملڪ پهتو. آڀل جي محلات جي پڇا ڪرڻ لاءِ تلاءَ تي پهتو، جتي هڪجھڙي پوشاڪ پهري، هڪٻئي کان وڌيڪ سهڻيون ڇوڪريون پاڻي ڀري رهيو هيون. هن شڪ ڪيو ته شايد انهن ۾ ڪا آڀل هوندي، پر پڪ ڪرڻ خاطر انهن کان پڇيائين ته اوهين آڀل جون ٻالڪيون آهيو؟ يا اوهان ۾ لال ڪنوار آڀل به آهي؟ پهريائين ته ڇوڪريون نٽائي ويون، پر انهن مان ڪا هڪ رحمدل هئي، جنهن چيو ته اسين سڀ آڀل جون ٻانهيون آهيون. آڀل محل ۾ آهي. نيٺ هي انهن ڇوڪرين پٺيان لڪندو ڇپندو، آڀل جي محل تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. قدرت خدا جي ان مهل سخت مينهن پوڻ شروع ٿيو. محل جي پاتال جي پاڻيءَ ۽ برسات هن کي تنگ ڪيو، تنهنڪري هن پنهنجي مٿان ڍال جھلي، جنهن ڪڪرن جي گجگوڙ جھڙو آواز ڪيو. مڄاڻ جنهن محلات هيٺان بيٺو هو، اها آڀل جي محلات هئي. شور جي ڪري آڀل ٻانهيءَ کي حڪم ڪيو ته ڏس هي آواز ڇا جو آهي؟ ٻانهيءَ دري کولي ٻاهر ليئو پاتو ته رڙ ڪَري ڪِري پئي. ان کانپوءِ ٻي ٻانهي به ائين ئي ڪيو... نيٺ آڀل پاڻ دريءَ مان ٻاهر نهاريو ته نظر وڃي راجا کينئري ۾ کتس. نظرون نظرن سان مليون ۽ ٻئي هڪٻئي جا ٿي ويا. آڀل سمجھي وئي ته هي ڪو راجا آهي. پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائينس؛ کينئري وراڻي ڏني ته راجا پريتم سنگهه جو پٽ کينئرو راجا آهيان ۽ گر چوٽيلو منهنجو ڳوٺ آهي. آڀل؛ جنهن جي بهادري ۽ سونهن جي تعريف رڳو ٻڌي هئي. سو ان کي سامهون ڏسي ڏاڍي خوش ٿي. انهيءَ دوران هڪٻئي سان شاديءَ جو انجام ڪري کينئرو پنهنجي ملڪ موٽيو. آڀل گھڻا ڏينهن انتظار ڪيو، پر کينئرو نه موٽيو، تنهن اوسيئڙي ۾ هوءَ ڳرندي پڄرندي وئي. نيٺ پنهنجي ويجھي سرتي ’جوري‘ سان صلاح ڪيائين، جنهن کيس چيو ته ڪنهن ويڄ طبيب جو بهانو ڪري هتان نڪري کينئري جي ڳوٺ هلجي. سا ڳالهه آڀل کي آئڙي. آڀل پنهنجي پيءُ ڪنول سنگهه کان ان ڳالهه جي اجازت گھري، جنهن پهريائين ته انڪار ڪيو، پر پوءِ ڌيءَ جي ناساز حالت کي ڏسي موڪل ڏنائين. آڀل پنهنجي سرتين سان قافلو تيار ڪري رواني ٿي. جڏهن راجا کينئري جي باغ وٽ پهتي، تڏهن ڇا ڪيائين، جو مالهيءَ کي ڏاڍي مار ڪڍرائي، ميويدار باغ، اٺن ۽ گھوڙن کي چارائي ڇڏيائين.
جڏهن اهو اطلاع راجا کي مليو ته هڪ شهزادي باغ وڍرائي اٺن ۽ گھوڙن کي چارائي ڇڏيو آهي ته راجا پنهنجي راڻيءَ سان گڏجي پنهنجي ڀيڻ جا ڪپڙا پائي، زنانو ويس ڪري باغ ڏانهن ويو، جتي اهي ٻئي عاشق پردي ۾ مليا ۽ خوش ٿيا ۽ ائين ڪيترائي ڏينهن سندن ملاقات ٿيندي رهي. هوڏانهن هڪ ڏينهن جڏهن راجا کينئري جي ڀيڻ جي ڪپڙن ۾ مرد جي پگھر جي ڌپ کي سندس مڙس محسوس ڪيو ۽ سمجھيائين ته سندس زال پڪ ڪنهن غير مرد سان ڦٽل آهي. کينئري جي ڀيڻ پنهنجي مڙس کي اعتبار ڏيڻ جي گھڻي ئي ڪوشش ڪئي، پر سندس هڪ به نه ٻڌائين ۽ ويتر ڪپڙن کان آجو ڪري، کٽ جي چئن پاون هيٺ سندس هٿ ۽ پير ڏيئي ڇڏيائين. اها ڳالهه کينئري کي ناگوار لڳي، جو ڪڍندي ئي تلوار ڀيڻ جي مڙس کي قتل ڪري ڇڏيائين. ڀيڻ جو پنهنجي مڙس جي قتل ٿيڻ جي خبر ٻڌي ته مٿس ڏاڍي ڪاوڙي ۽ پنهنجي سهري کي خط لکيائين ته کينئري منهنجي ڌڻيءَ کي ماري مون کي رن زال ڪري وڌو آهي. هاڻ جي اوهان کينئري کان پلاند نه ڪندؤ ته آءٌ پنهنجي پاڻ کي ماري ڇڏينديس. سهري کي جو اهڙو خط مليو ته ان جنگ جو اعلان ڪيو. مقرر ڏينهن پڄاڻان جنگ ٿي. کينئري دشمن جي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجھي کين ڀڄائي ڪڍيو ۽ ميدان خالي ڏسي سرخرو ٿيو ۽ گھوڙي تان هيٺ لٿو ته هڪ مست هاٿيءَ مٿانئس حملو ڪري کيس ماري ڇڏيو. اها خبر ٻڌي آڀل ۽ ڪامل منهن مٿو پٽي روئڻ لڳيون. جڏهن ستيون ٿيڻ تي هيون ته خدا جي قدرت سان کينئري ۾ ساهه پئجي ويو. جنهن کانپوءِ آڀل پنهنجي ساهيڙيءَ کان اجازت گھري راجا کينئري سان شادي ڪئي. اها روايت هند ۽ سنڌ ۾ رائج اهڙن ٻين لوڪ قصن وانگر ڏندڪٿائي انداز رکي ٿي، جنهن جا ٽاڻا ۽ اهڃاڻ ڳولڻ عبث آهي، پر ان جي لوڪ ادب ۾ حيثيت ضرور آهي.


لفظ راجا کينئروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو