راجا ڪنشڪ

راجا ڪنشڪ

راجا ڪنشڪ جي دور جا سڪا

راجا ڪنشڪ جي دور جا سڪا

راجا ڪنشڪ

راجا ڪنشڪ: اشوڪ اعظم کانپوءِ هندستان ۾ بادشاهي نظام جي پڄاڻيءَ بعد تاريخ ۾ جنهن راجا جو نالو اچي ٿو، سو ڪشان خاندان جو راجا ڪنشڪ آهي. هي ٻڌمت جو پيروڪار هو ۽ ٻوڌين وٽ سندس نالو اشوڪ وانگر اهم تصور ڪيو وڃي ٿو. راجا ڪنشڪ 78ع ڌاري تخت نشين ٿيو، هن جي وسيع سلطنت سنڌ تائين بيان ڪئي وڃي ٿي. سندس گاديءَ جو هنڌ ’پرشپور‘ (پشاور) هو، جتان ئي حڪومت جو ڪاروبار هلائيندو هو. چيني سياح هيون سانگ لکيو آهي تہ: ڪنشڪ جڏهن گنڌارا (قنڌار) جي علائقي ۾ حڪمران هو تہ سندس طاقت جو اثر آسپاس جي علائقن تي بہ ڇانيل هو. هن جا پاڙيسري بادشاهن سان سٺا تعلقات هئا، جن ۾ روم جو شهنشاھہ ٽراجن (Trojan) بہ شامل هو. 99ع ۾ جڏهن ٽراجن جي پنھنجي ملڪ فتحيابيءَ سان واپسي ٿي تہ کيس مبارڪ ڏيڻ لاءِ ڪنشڪ هڪ سفارتي جماعت سندس درٻار ۾ موڪلي هئي. ٽرائجن جي حڪومت جون سرحدون دجله ۽ فرات نديءَ جي ڪناري تائين پهچي چڪيون هيون، ٻنهي بادشاهن جي وچ ۾ صرف 600 ميلن جو مفاصلو باقي وڃي رهيو هو. راجا ڪنشڪ نهايت دلير ۽ بھادر بادشاھہ هو. پنھنجي حڪومت ۽ ملڪي سرحدن جا چارئي پاسا مضبوط ڪرڻ کانپوءِ هن چين ۽ ترڪمانستان جا وسيع ترين علائقا ڪاشغر، يارقند ۽ ختن طاقتور فوج جي مدد سان هٿ ڪري ورتا. ايتريقدر جو چين جي شھزادي کي بہ ڪجهه وقت پاڻ وٽ يرغمال بڻائي رکيو هئائين. قديم تاريخ هند ۾ لکيو ويو آهي تہ: راجا ڪنشڪ کي بہ اشوڪ اعظم وانگر علم ادب جي ترقيءَ سان وڏو چاھہ هو. سندس عالمگير عظمت حڪمرانيءَ جي پوئين اڌ (90ع-103ع) واري عرصي ۾ عروج تي پهتي، جڏهن هن ڌرم سان گڏ علم ادب کي بہ وسعت ڏني. هڪ موقعي تي ڌرمي پيشوا ’پارسو‘ کيس چيو تہ ڌرم جي تعليم کي ماڻهن ڏاڍو منجهائي ڇڏيو آهي، تنهنڪري شاهي حڪم ڪڍو تہ قديم قلمي نسخا ڪٺا ڪري ڀيٽي ڏسجن. ڪنشڪ پارسوءَ جي ڳالھہ قبول ڪئي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ شاهي خزاني جا دروازا کولي ڇڏيائين. هن ڪم ۾ ڪنشڪ جو ذاتي صلاحڪار سنگ رڪشا ۽ ڪاتيا پني، پارسوءَ سان ٻانهن ٻيلي ٿيا ۽ مشھور عالم اشوگهوش بہ سندس ساٿاري بڻيو. اها علمي مجلس ڪشمير ۾ قائم ڪئي وئي، جتي سڄيءَ دنيا جا هزارين عالم/ ڀڪشو قديم ڪتاب پاڻ سان کڻي اچي شريڪ ٿيا. ڪتابن جي پيچيدن حصن ۽ ڏکين مسئلن تي نهايت باريڪ بينيءَ سان بحث مباحثا ٿيا، پڇاڙيءَ ۾ جيڪي فيصلا ٿيا، سي سڀ اشو گهوش جي نگرانيءَ ۾ ٽامي جي چادرن تي لکائي ’وڇامشا‘ نالي وڏو شاستر تيار ڪرايو ويو. انهيءَ شاستر ۾ ٽي لک تُڪون ڪٺيون ڪيون ويون، جن لاءِ لڳ ڀڳ ٻارهن سال وقت لڳو. ان کانپوءِ سڄي ڪشمير کي مذهب جو ڳڙھہ تسليم ڪيو ويو ۽ ان کي ٻڌمت جي اشاعت لاءِ وقف ڪيو ويو. هن دور ۾ پالي ۽ پراڪرت ٻولين کي وڏي پذيرائي حاصل رهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڄاڻايو آهي تہ: اشوڪ اعظم ۽ ڪنشڪ جي سياسي اقتدار ۾ پالي ۽ ٻين (ٻئي دور وارين) پراڪرت زبانن جو اثر سنڌي ٻوليءَ تي ممڪن نظر ٿو اچي. اڳتي لکي ٿو تہ: عيسوي سن 50 ڌاري ڪوشان گهراڻي جي بادشاھہ ڪنشڪ جي ڏينهن ۾ ٻڌمتي ’هنايتن‘ تي مهاين پنٿ غالب ٿيو، جنهن موجب ظاهري ڪرياڪرم ۽ پاٺ پوڄائن زور ورتو. مهاتما ٻڌ جي ذاتي وسلن ۽ ٽڳن، توڙي سندس آستانن ۽ تڪين تي پوڄا واسطي ٺلھہ (اسٽوپا)، منارا ۽ مندر ٺهيا. اهي ٺلھہ ۽ اسٽوپا مهاين پنٿ جا نمايان نشان هئا. سنڌ ۾ ٻُڌڪا ٽـَڪر، مير رڪڻ جو ٺُلھہ، ڏيپر گهانگهري جو ٺُلھہ، ڪاهوءَ جي دڙي ۽ موهن جي دڙي جا ٻڌڪا مندر انهن مهاين پنٿ جا پڪا ثبوت آهن. مگر هن ڳالھہ کي اڃا قياس جي معنيٰ ۾ ورتو وڃي ٿو تہ مهاين پنٿ جي شروعات راجا ڪنشڪ جي دور ۾ ٿي هجي، مگر اهو گمان غالب ۾آهي تہ هن پنٿ جي شروعات ڪنشڪ جي ٽين پيڙهيءَ جي حاڪم واسديو جي دور ۾ اٽڪل ٻي عيسوي صديءَ ڌاري زور ورتو هو. موهن جي دڙي جي مٿين سطح واري ٻوڌي کنڊرن مان واسديو جي دور ۾ رائج ڪيل ڪجهه سِڪا پڻ هٿ آيا آهن، جنهن مطابق سنڌ ۾ ڪشان گهراڻي جو سياسي اقتدار ٻي صدي عيسويءَ جو زمانو چئي سگهجي ٿو.
مهاين پنٿ جي سنڌ ۾ پرچار جو ثبوت بہ ڪنشڪ جي دور جي هڪ پالي عبارت مان ملي ٿو، جيڪا عبارت هڪ ٽامي جي ٿالهيءَ تي اڪريل آهي. اها ٿالهي سنڌ جي قديم سرحد اندر بھاولپور کان سورهن ميل ڏکڻ اولھہ طرف ٻُڌمت جي جهوني مندر سُئي وهار جي کنڊرن مان هٿ آئي هئي. انهيءَ عبارت جو مقصد اهو پڙهيو ويو آهي تہ: دمن وهار مندر جي هڪ پوڄارڻ مائي ٻال ندي ۽ سندس ماءُ مائي ٻال جيد مهارجا ڪنشڪ جي حڪمرانيءَ جي يارهين سال دائيس مهيني جي 20 تاريخ سئي وهار مندر ۾ ڀکشو گياني ناگدت کي ڀيٽا ڏني. هن عبارت کي سڀ کان اڳ سر بيلي ۽ پروفيسر ڊائوسن 1870ع ۾ پڙهي، ان جو انگريزيءَ ۾ الٿو ڪيو هو.


لفظ راجا ڪنشڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو