
راجن راهيجا
راجن راهيجا: هندستان جي نامياري صنعتڪار راجن بھاري لالا راهيجا 1954ع تي جنم ورتو. هن جا وڏا اصل لاڙڪاڻي جا آهن. عمارتون ٺاهڻ جي ڪاروبار کان شروعات ڪندڙ راجن جو شمار اڄ هندستان جي ٽيهين نمبر وڏي شاهوڪار شخص طور ٿئي ٿو. هن آهستي آهستي پنھنجي ڪاروبار کي وسعت ڏني ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سندس گروپ مارڪيٽ تي ڇائنجي ويو. سندس گروپ ’راجن راهيجا‘ جي نالي سان ڪاروبار ۾ تمام وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن، جن ڪاميابين جو تفصيل تمام ڊگهو آهي. هن گروپ جون ذيلي تنظيمون مختلف قسمن جي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن. هن گروپ جي ڪاروبار ۾ ٽائيلس ٺاهڻ، بيٽريون، پلاسٽڪ مٽيريل، سيمينٽ، سافٽ ويئر، فائيو ڪيبل، سيٽ لائيٽ ڪميونيڪيشن، ڪيبل نيٽ ورڪ ۽ لائيف انشورنس ڪمپنين جھڙا ڪاروبار اچي وڃن ٿا. هن جو گروپ هاڻي دهليءَ ۾ سڀ کان وڏي عمارت جوڙڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيو آهي.