راجو خمره: ’تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دؤر‘ ۾ غلام رسول مھر ڄاڻائي ٿو تہ: ”راجو خمره ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي جي خاص امير راڄو ليکيءَ جو ڀاءُ هو. راجو خمره وڏو دلير هوندو هو. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي ۽ سندس ڀائرن ميان عطر خان ڪلهوڙي ۽ ميان احمد يار خان ڪلهوڙي جي وچ ۾ روهڙيءَ واري جنگ لڳي تہ راجو خمره ميان غلام شاھہ جي فوج ۾ شامل هو. روهڙيءَ جي لڙائي ۾ ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي سان ٻئي ڀائر لشڪر سميت وڙهڻ آيا. اها لڙائي 1171ھہ/ 1758ع ۾ لڳي، جنهن ۾ راجو خمره دليريءَ سان وڙهندي مارجي ويو هو.