راجو سمراٽ

راجو سمراٽ

راجو سمراٽ

راجو سمراٽ (ڪٿڪ): معراج حسين ولد بھار بخش سمراٽ عرف راجو معراج 1952ع ڌاري کاهي روڊ ڇُٽن شاھہ جي پڙ حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد بھار بخش پنھنجي وقت جو وڏو طبلي نواز ۽ ڪٿڪ نرتڪار هو. هي اصل بيڪانير رياست جا مارواڙي آهن. سندن وڏو ڏاڏو قطب الدين 1926ع ۾ حيدرآباد ۾ پنهنجن 8 پٽن سميت اچي رهيو هو. ماسٽر عاشق حسين ۽ ماسٽر صديق سمراٽ هن جا چاچا ٿين. راجو سمراٽ پرائمري تائين تعليم الفاروق اسڪول مان جڏهن تہ مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪئي. طبلي ۽ نرتيه علم جي ابتدائي تعليم پنھنجي والد ۽ چاچن کان حاصل ڪئي. بعد ۾ پنھنجي چاچي ميران بخش جو ڳاني ٻڌو شاگرد ٿيو. سندس شاگرديءَ جي رسم درگاھہ محمود شاھہ حيدرآباد ۾ ٿي.
راجو سمراٽ پهريون ڀيرو پنھنجي فن جو مظاهرو حيات شاھہ جي درگاھہ تي حيدرآباد ۾ ڪيو، جنهن ۾ سندس والد بھار بخش، حبيب علي بينڪار، خير محمد خان ماڙيچو، پنڊت مقبول، نيازو خان سارنگي نواز ۽ ٻيا ڪيترائي بزرگ فنڪار موجود هئا. ان کانپوءِ ترت هو راجڳڙھہ هندستان هليو ويو، جتي هن ڪٿڪ جي هڪ دنگل ۾ حصو ورتو، اتي بہ سندس فن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو. انهيءَ دنگل ۾ هندستان جي بنارسي گهراڻي جو وڏو ڪٿڪ گوپي ڪرشن ۽ ستارہ ديوي بہ موجود هئا. ستارہ ديوي سندس چاچي عاشق حسين سمراٽ جي شاگردياڻي رهي آهي.
ان کانپوءِ هن لاهور، ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو. بنارسي ڪٿڪن وٽ اها رسم آهي تہ هو ڪٿڪ سان گڏ هڪ ساز وڄائڻ بہ سکندا آهن. هن طبلو سکيو. اڄ بہ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جا طبلي نواز کيس استاد ڪري مڃيندا آهن. جيئن تہ سندس چاچا صديق سمراٽ ۽ عزيز سمراٽ فلم انڊسٽريءَ سان واڳيل هئا تہ انهيءَ سلسلي سان هي بہ عزيز سمراٽ سان اسسٽنٽ طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن ننڍي عمر ۾ سڀ کان پهرين سنڌي فلم ‘بادل ۽ برسات’ جا گانا ڪوريوگراف ڪيا. انهيءَ فلم جو موسيقار غلام نبي عبداللطيف هو. هن ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪوريوگرافر طور ڪم ڪيو. هن فلم ‘جهڪ گيا آسمان’، ‘سورٺ’ ۽ ‘گهونگهٽ لاھہ ڪنوار’ ۾ پڻ ڪم ڪيو. جڏهن تہ هن صديق سمراٽ ۽ عزيز سمراٽ سان لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ بہ ڪيترين ئي فلمن ۾ ڊانس ماسٽر جا فرائض سرانجام ڏنا، جن ۾ غازي علم الدين شهيد، نقش قدم، نيا راسته، شمع وغيرہ ۽ عاشق حسين جي پٽ اڪبر سمراٽ سان فلم ‘دل لگي’، ‘مجرم ڪون’ ۽ ‘پهلي نظر’ وغيرہ ۾ اسسٽنٽ ڪوريوگرافر طور قابل ذڪر آهن.
معراج حسين ڪلاسيڪل طبلي نواز پڻ آهي. طبلي ۾ هو پنھنجي پيءُ بھار بخش ۽ استاد انعام خان جو شاگرد رهيو ۽ وڏن وڏن گائڪن سان طبلو وڄايو. اڄ بہ ڇھن کان اٺ ڪلاڪ مسلسل طبلي تي رياض ڪندو آهي. سندس شاگردن ۾ فلم انڊسٽريءَ جا مشھور ڪيوروگرافر خانو سمراٽ، حنيف ڪٿڪ، پپو سمراٽ، اداڪارا چڪوري، حسن جان ڪٿڪ، بوبي رضا، زاهده نور، فرزانه، شبانه رضا شاھہ ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن، جن کي هن ڪٿڪ نرت جي تعليم ڏئي ميدان ۾ لاٿو آهي. خانو سمراٽ ۽ پپو سمراٽ لاهور جي فلم توڙي ڊراما انڊسٽريز ۾ تمام گهڻو نالو ڪمايو آهي. کيس 7 پٽ ۽ پنج نياڻيون آهن. سندس ٻہ پٽ راحيل معراج ۽ ضمير احمد ۽ هڪ پوٽو شاڪر عباس سمراٽ ڪٿڪ جي ميدان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. راجو سمراٽ سان آڪٽوبر 2014ع تي پريس ڪلب حيدرآباد ۾ شام ملهائي وئي هئي. سندس ڪيل خدمتن جو اعتراف ڪندي کيس ‘سنڌ ڪٿڪ’ جو اعزاز ڏنو ويو. پاڻ هن وقت اکين جو نور وڃائي چڪو آهي، پوءِ بہ 6 کان 8 ڪلاڪ طبلي تي رياض ڪندو آهي ۽ ناچ نچندو آهي. هن وقت حيدرآباد جي سرفراز ڪالونيءَ ۾ رهي ٿو.


لفظ راجو سمراٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو