راجو سيد:

راجو سيد: تحفته الڪرام ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي ڄاڻائي ٿو تہ: ”اُچ جي سيدن مان سيد راجو بن سيد حامد الحسين البخاري هڪ وڏو عالم، فاضل، همت ۽ ڪرامت جو صاحب هو. سندس وڏا بخارا کان هندستان آيا هئا. هن بلوچن جي هڪ وڏي جماعت کي مريد بڻايو هو. هي هڪ دفعي همايون بادشاھہ سان ملاقات ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. بادشاھہ کي خبر پئي تہ سيد راجو جي استقبال جو ارادو ڪيائين، پر سيد جي پهچڻ تي مخدوم الملڪ ملا عبدالله لاهوريءَ بادشاھہ کي چيو تہ: ”هي سيد رافضي آهي. هن جو استقبال دين جي بي حرمتي آهي.“ اهو ٻڌي بادشاھہ همايون استقبال جو ارادو ترڪ ڪري پنھنجي پاران جلال الدين محمد اڪبر ۽ بيرم خان کي سيد راجو جي استقبال لاءِ موڪليو ۽ پاڻ معذرت ڪيائين. تقريباً انهيءَ ڏينهن لاهور جي حاڪم مير حاجي سيستاني، ملا عبدالله کي قيد ڪيو. ملا عبدالله لاهوريءَ پنھنجي آزاديءَ جي دعا گهرڻ لاءِ سلطان پور ۾ رهندڙ شيخ عزيز عباسي ملتانيءَ ڏانهن خط لکيو. روايت موجب شيخ عزيز کي دعا گهرندي اک لڳي وئي، خواب ۾ ڏٺائين تہ سيد راجو، سرور ڪائنات حضور اڪرم صلي عليہ وسلم جن جي محفل ۾ ويٺو آهي، شيخ عزيز، سرور ڪائنات صلي عليہ وسلم جن کي عرض ڪيو تہ: آقا! ملا عبدالله، حضور صلي عليہ وسلم جن جو مداحي آهي. سندس قيد مان آزاديءَ ڏانهن توجھہ فرمايو. سرور ڪائنات، سيد ڏانهن ڏسي فرمايو تہ: ”منهنجو پٽ ملان جي هٿان رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي.“ شيخ عزيز ملا ڏانهن حقيقت لکي موڪلي، جنهن تي هن توبھہ/ استغفار ڏئي ڪري سيد کي راضي ڪيو. (تحفة الڪرام، ص: 260)


هن صفحي کي شيئر ڪريو