راجو قتال

راجو قتال: مخدوم سيد راجو قتال بخاري پنھنجي دؤر جو ڪامل ولي ۽ عالم هو. هو سيد احمد ڪبير جو پٽ، مير جلال الدين سرخ بخاريءَ جو پوٽو ۽ مخدوم سيد جلال الدين جھانيان جھان گشت جو ڀاءُ هو. هي حسيني سيدن مان هو.
سيد راجو جو اصل نالو سيد صدر الدين هو، پر هي راجو قتال جي لقب سان مشھور هو. سندس جنم 760ھہ/ 1359ع تي ٿيو. هن تعليم ۽ تربيت پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪئي ۽ ننڍي ڄمار ۾ ئي فارغ التحصيل ٿيو. پنھنجي والد سيد ڪبير جي وفات کانپوءِ مخدوم جلال الدين جھان گشت خلافت جي گاديءَ تي ويٺو ۽ مخدوم جھان گشت جي وفات کانپوءِ مخدوم راجو قتال خليفو بڻيو. ڪتاب ’اُچ شريف‘ ۾ زبير شفيع غوري ڄاڻائي ٿو تہ: ”سيد راجو قتال هندستان جي رجل المشائخ (جليل القدر مشائخن) مان هو. هن ايتري تہ رياضت ڪئي، جو هي قتال يعني قتال النفس سڏجڻ لڳو.“ اخبار الخيار مطابق هي هميشہ استغراق جي عالم ۾ رهندو هو ۽ ماڻهن جي ميل جول کان پري رهندو هو. مخدوم جلال الدين جھانيان جھان گشت پنھنجي هن ڀاءُ سان ڏاڍي محبت سان پيش ايندو هو ۽ چوندو هو تہ: ”خالق حقيقي مون کي ماڻهن جي معاملات ۾ مشغول ڪيو ۽ منهنجي پياري ڀاءُ صدرالدين (راجو قتال) کي پنھنجي ذات (خدا) جي عشق ۾ مستغرق ڪري رکيو آهي.“
راجو قتال جي ذريعي ملتان ۽ اُچ ۾ اسلام جي گهڻي اشاعت ٿي. ان بابت ’مناقب الولايت‘ ۾ لکيو ويو آهي تہ: راجو قتال جي صرف گفتگو ٻڌي هڪ هندو مسلمان ٿي ويو، جنهن جو نالو دين محمد رکيائين ۽ کيس اجازت ۽ خلافت سان سرفراز ڪيائين. اُچ ۾ ئي سندس مزار واقع آهي. سيد راجو قتال بابت ’تحفة الڪرام‘ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ: ”سيد راجو قتال عجيب و غريب حال ۽ ڪمال جو مالڪ هو. هن جي شان ۾ جيڪي بہ لکيو وڃي، سو ٿورو آهي. هن جي صحبت مان ڪيترن طالبن فيض پرايو، جن مان هڪ سنڌ جو بزرگ عارف بلوچ آهي.“ قاضي نور شوستري شھيد ثالث پنھنجي جڳ مشھور تصنيف ’مجالس المؤمنين‘ ۾ عارف بلوچ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو راجو قتال جو خاص طالب ۽ مريد هو.
راجو قتال 18 جمادي الثاني 827ھہ/ 18 مئي 1424ع ۾ وفات ڪئي. راجو قتال جي هڪ تصنيف ’مجموعه تڪبيرات راجو قتال‘ رضا لائبرري، رامپور ۾ موجود آهي.


لفظ راجو قتالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو