راجيش ڀاردواج

راجيش ڀاردواج: مشهور چترڪار، سنگيتڪار ۽ گائڪ راجيش ڀاردواج جو جنم 7 اپريل 1947ع تي ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي ضلعي بينظيرآباد) ۾ ٿيو. ورهاڱي بعد سندس خاندان هندستان هليو ويو، جتي هن مئٽرڪ تائين تعليم پرائي، ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو موسيقيءَ ڏانهن هو. اهو ئي سبب هو جو جيئن سمجھه ڀريو ٿيو ته موسيقيءَ سان سلهاڙجي ويو. هن ڪيترائي گيت پاڻ ڪمپوز ڪري ڳايا. سندس ڪيترائي لوڪ گيت آل انڊيا ريڊيو تان نشر ٿيندا رهن ٿا. طبلي وڄائڻ ۾ خاص مهارت حاصل اٿس. هيءُ هند ۾ رهندي به سنڌ جي محبت کي سيني ۾ سانڍيو پيو اچي.


لفظ راجيش ڀاردواجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.04.07  عيسوي

مشهور چترڪار، سنگيتڪار ۽ گائڪ راجيش ڀاردواج جو جنم 7 اپريل 1947ع تي ضلعي نوابشاهه (هاڻوڪي ضلعي بينظيرآباد) ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رامانج آچاريه
سيد محمد مراد شاهه
ڀٽو نور محمد
زيب النساء
ڀائي ڪلاچند
باتو خان
ڇٻلاڻي منگهارام
ٽالمي
الاهي بخش ٻانڀڻ
راجا رفيق پنهور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون