
راجيش کنا
راجيش کنا: مشھور هندستاني فلمي اداڪار. راجيش کنا 1942ع ڌاري پيدا ٿيو. کيس هندستاني فلمي صنعت جو پهريون چاڪليٽي هيرو مڃيو وڃي ٿو. هي 96-1991ع دوران هندستاني پارليامينٽ جو ميمبر بہ رهيو. کيس فلمي دنيا ۾ مشھور فلم ڊائريڪٽر چيتن آنند متعارف ڪرايو. شروع ۾ هن کي ڪاميـابـي نہ ملـي. فـلـم ’عــــورت‘ (1967ع) ۽ ’بهارون ڪي سپني‘ (1967ع) ۾ پهريون ڀيرو ماڻهن هن جي اداڪاريءَ کي سنجيدگيءَ سان ورتو. فلم ’اراڌنا‘ (1969ع) جي ڪاميابيءَ کيس سپر اسٽار بنايو. هن سوين فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جن مان سندس ڪيتريون ئي فلمون ڪامياب ۽ ڪيتريون ناڪام ويون. 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ڪشور ڪمار جي آواز ۾ ڪيترائي گانا راجيش کنا تي فلمايا ويا. هن1991ع کان فلمن ۾ هيري طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ شروع ڪيو.
هن ڊمپل ڪپاڊيا سان شادي ڪئي ۽ ٻن ڌيئرن جو پيءُ بڻيو. بعد ۾ زال ۽ مڙس ۾ 1984ع ۾ علحدگي ٿي وئي. سندس وڏي ڌيءَ ٽوئنڪل کنا پڻ اداڪاريءَ ۾ مشھور ماڻي ۽ ان جي شادي هندستاني فلمن جي مشھور اداڪار اڪشي ڪمار سان ٿي، جڏهن تہ سندس ننڍي ڌيءَ رنڪيءَ بہ فلمن ۾ قسمت آزمائي، پر ڪامياب نہ ٿي. هن جي شادي هڪ ڪاروباري ماڻهوءَ سان ٿي.
راجيش کنا جي مشھور فلمن ۾: راز، دو راستي، اتفاق، ڊولي، بنڌن، خاموشي، ٽرين، سفر، سچا جهوٽا، ڪٽي پتنگ، محبوب ڪي مهندي، آنند، مريا دا، انداز، هاٿي ميري ساٿي، ڇوٽي بهو، پريم نگر، ڪيا دل ني ڪها، باورچي وغيرہ شامل آهن.
راجيش کنا شديد بيمار رهڻ بعد، 18 جولاءِ 2012ع تي وفات ڪئي.
2012.07.18 عيسوي
راجيش کنا شديد بيمار رهڻ بعد، 18 جولاءِ 2012ع تي وفات ڪئي.