راجيو گانڌي

راجيو گانڌي

راجيو گانڌيءَ جي سماڌي

راجيو گانڌيءَ جي سماڌي

راجيو گانڌي

راجيو گانڌي: اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌيءَ جو جنم، هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جي گهر ۾، 20 آگسٽ 1944ع تي ٿيو. سندس ناني جواهر لعل نهروءَ هندستان جي آزاديءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هندستان جو پهريون وزيراعظم بڻيو هو. راجيو جو پيءُ فيروز گانڌي هندستان جي قومي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس جو ميمبر هو. فيروز گانڌي برطانيہ ۾ رهڻ دوران اندرا سان مليو هو، ۽ پاڻ ۾ ايترو ويجهو ٿي ويا، جو جواهرلعل نهروءَ جي مخالفت باوجود شادي ڪري ڇڏيائون. فيروز گانڌي، هندستان جي آزاد ٿيڻ بعد ڪيتري عرصي تائين الھہ آباد مان پنھنجي اخبار ’هندستان ٽائيمز‘ ڪڍندو رهيو. فيروز کي اندرا مان ٻہ پٽ: راجيو گانڌي ۽ سنجئه گانڌي ٿيا. 1960ع ڌاري فيروز گانڌي، دل جي دوري سبب وفات ڪري ويو، ان وقت راجيو گانڌي پرائيويٽ بورڊنگ اسڪول، ويلهم بوائز اسڪول Welham Boys School اتراکنڊ ۾ پڙهندو هو. 1961ع ۾ اي. ليول پڙهڻ لاءِ برطانيہ ويو. 1962ع ۾ ٽرنٽي ڪاليج ڪئمبرج ۾ انجنيئرنگ پڙهيو، جنهن بعد اميپريل ڪاليج لنڊن ۾ پڙهيو، پر ڊگري وٺڻ کان ڪاليج کي ڇڏي ڏنائين. 1965ع ۾ ڪئمبرج جي هڪ ريسٽورينٽ ۾ راجيو گانڌيءَ جي ملاقات هڪ اطالوي خاتون ائنٽونيا مانيو (Antonia Manio) سان ٿي. 1968ع ۾ ٻنهي جي شادي ٿي، جنهن بعد اُها اطالوي عورت ائنٽونيا مائنو پنهنجو نالو بدلائي سونيا گانڌي بڻجي، دنيا جي سامهون آئي. 1966ع ڌاري راجيو جي ماءُ اندرا گانڌي هندستان جي وزيراعظم بڻي. ان دوران راجيو سياست ۾ ڪا بہ دلچسپي نہ وٺندو هو ۽ نہ ئي پنھنجي ماءُ سان وزيراعظم هائوس ۾ رهندو هو. ان دور ۾ راجيو، انڊين ايئر لائينز ۾ پائليٽ هو. 1980ع ڌاري پنھنجي ننڍي ڀاءُ سنجئه گانڌيءَ جي وفات بعد انڊين نيشنل ڪانگريس جي سياستدانن ۽ ماءُ جي گهڻي اصرار تي انڊين ايئر لائينز ڇڏي سياست ۾ پير پاتائين. شروع ۾ پنھنجي والدہ جو سياسي صلاحڪار ۽ سياسي شاگرد رهيو. راجيو گانڌي، پنھنجي پهرين چونڊ اميٿي لوڪ سڀا جي تڪ تان وڙهيو، جنهن ۾ شردُ يادوَ کي 2 لکن کان وڌيڪ ووٽن تان هارايائين، جنهن بعد هو پنھنجي ماءُ اندرا گانڌيءَ جو سياسي صلاحڪار بڻيو. راجيو گانڌي، اولھہ بنگال ۾ ئي هو تہ سندس ماءُ هندستان جي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ کي 31 آڪٽوبر 1984ع تي سندس ئي محافظن طور مقرر ٿيل سِک ڀائرن قتل ڪري ڇڏيو. ماءُ جي قتل بعد صدر گياني زيل سنگهہ ۽ ڪجهہ ٻين سياسي اڳواڻن راجيو گانڌيءَ تي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ زور ڀريو. هن وزيراعظم ٿيڻ بعد صدر کي پارليامينٽ ختم ڪري چونڊون ڪرائڻ جي صلاح ڏني. ان کان پوءِ راجيو گانڌي پارٽيءَ جو صدر بڻيو ۽ ڪانگريس جماعت چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ راجيو گانڌي هندستان جو وزيراعظم بڻيو. پنھنجي دور حڪومت ۾ هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ، صنعتڪاريءَ ۽ برآمدي شين تي ٽيڪس گهٽائڻ کان سواءِ ڪمپيوٽر، ايئرلائينز، دفاع ۽ مواصلات جي نظام کي وڏي ترقي وٺرائي. هندستان جي معيشت جو رُخ ڦيرائي آمريڪا طرف ڪري، آمريڪا جي دوستي ۽ همدردي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو، پر روس ۽ ٻين ڪميونسٽ ملڪن سان بہ واسطا برقرار رکيائين. سندس دؤر ۾ سنڌ جي برک سياستدان سائين جي. ايم. سيد هندستان جو ذاتي سياسي دورو ڪيو، جنهن دوران هن پنھنجي سياسي رفيق خان عبدالغفار خان سان اسپتال ۾ عيادت ڪئي ۽ راجيو گانڌيءَ سان پڻ ملڪي ۽ سياسي معاملن تي ڳالهيون ڪيون. بينظير ڀٽو شھيد جي حڪومت ۾ پاڪ- انڊيا تعلقات جي حوالي سان ڪافي اڳڀرائي ٿي. راجيو گانڌي نهايت برجستو ۽ خطي جي امن جو خواهان سياستدان هو. هن هندستان ۾ ڪيترا سڌارا آڻڻ سميت 1986ع ۾ جديد تقاضائن مطابق نئين تعليمي پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ۽ پوري هندستان ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن پنھنجي حڪومتي دور ۾ خارجہ پاليسيءَ ۾ بہ ڪافي تبديلي آڻي سڌارو آندو، جنهن دوران هندستان جا روس سان تمام گهرا تعلقات جڙيا، جنهن ذريعي سائنسي ۽ اقتصادي شعبي ۾ روس جو تعاون ڪارآمد ثابت ٿيو. راجيو گانڌيءَ تي سندس حڪومتي دور ۾ بدعنوانين جا الزام پڻ مڙهيا ويا، جيڪي مٿس ثابت نہ ٿي سگهيا. بوفورس (Bofors) وارو معاملو سندس بدناميءَ جو باعث بڻيو ۽ سندس ڪيترا ساٿي وي. پي. سنگهہ جي اڳواڻيءَ ۾ کانئس جدا ٿي ويا، جنهن سبب 1989ع وارين چونڊن ۾ کيس اڪثريت حاصل نہ ٿي سگهي. امن امان جي حوالي سان راجيو گانڌي، وزيراعظم رهڻ واري دؤر ۾ سريلنڪا ۾ هندستاني فوجون موڪليون، جن وچ جو ڪردار ادا ڪندي، ’تامل ايلم‘ جي باغي تحريڪ کي ڪچلڻ ۾ سريلنڪا حڪومت جي مدد ڪئي. ساڳئي وقت جڏهن مالديپ تي ٻاهران حملو ٿيو، تہ اُتي بہ هندستاني فوج موڪلي مالديپ حڪومت جي حفاظت ۾ حصو ورتائين. سندس دؤر ۾ آسام جي نوجوانن ’آزاد آسام‘ جو نعرو هنيو، جن سان ٺاھہ ڪري آسام جي نئين صوبائي حڪومت ۾ کين شامل ڪيائين. راجيو گانڌي، سارڪ ملڪن جي سربراھہ جي حيثيت ۾ بہ ڪافي حد تائين ڪامياب ويو. هن پنجاب ۾ دهشتگرديءَ خلاف سخت قدم کنيا ۽ امن امان بحال ڪرايو. 21 مئي 1991ع تي راجيو گانڌي جڏهن چنائيءَ کان 30 ميلن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو تہ هڪ تامل ٽائيگر عورت کيس گلدستو ڏيڻ بهاني مٿس خودڪش حملو ڪيو، جنهن جي ڪپڙن ۾ 700 گرامن جو ڌماڪيدار مادو لڪل هو، ان خودڪش حملي ۾ راجيو گانڌي، ڪيترن ئي جان نثارن سميت مارجي ويو. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن سندس آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي. پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو پڻ انهن شرڪت ڪندڙن ۾ شامل هئي. سندس ياد ۾ راجيو گانڌي ميموريل تعمير ڪرايو ويو آهي، جيڪو ڪيترن ئي سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آهي. هن وقت سندس زال سونيا گانڌي ڪانگريس پارٽيءَ جي سربراھہ آهي. ڪانگريس پارٽي هن وقت بہ ڀارت جي ۡحڪمران پارٽي آهي.


لفظ راجيو گانڌيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1944.08.20  عيسوي

ڳوڻي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌيءَ جو جنم، هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ جي گھر ۾، 20 آگسٽ 1944ع تي ٿيو.


1991.05.21  عيسوي

21 مئي 1991ع تي راجيو گانڌي جڏهن چنائيءَ کان 30 ميلن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ عوامي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو ته هڪ تامل ٽائيگر عورت کيس گلدستو ڏيڻ بهاني مٿس خودڪش حملو ڪيو، جنهن جي ڪپڙن ۾ 700 گرامن جو ڌماڪيدار مادو لڪل هو، ان خودڪش حملي ۾ راجيو گانڌي، ڪيترن ئي جان نثارن سميت مارجي ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاھہ فيصل
عمران خان 1
ڀليڏنو کٽي
ٻاگهل ٻائي
جانڻ سونارو
حاڪم علي شاھہ بخاري
شادي خان کوسو
امام بخش مڱريوحڪيم
شيخ جھان امير
شالم عاشر زيويئر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون