راجڪمار

راجڪمار: هي اصل سنسڪرت جو لفظ آهي ۽ شھزادي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. هند ۽ سنڌ ۾ راجائن ۽ بادشاهن جي پٽن ۽ پوٽن کي راجڪمار سڏيو ويندو هو. هي هڪ لقب آهي، جيڪو گهڻو ڪري هندو راڄ وارن علائقن ۾ گهڻو مروج هو. اڳي جنهن ذات مان راجا هوندو هو تہ ان ذات وارن جو راڄواڙو سڏبو هو. راجڪمار لفظ راڄواڙي لفظ کي جدا ڪري بيهاري ٿو، جو راڄواڙي وارا ذات مان ۽ راجڪمار راجائن جي اولاد مان هوندا آهن.


لفظ راجڪمارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو