
راجڪوٽ شهر جو هڪ منظر
راجڪوٽ: ڀارتي رياست گجرات جو چوٿون نمبر وڏو شھر راجڪوٽ 22.3° اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 70.78° اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. 2012ع جي انگرن اکرن موجب هن شھر جي آبادي لڳ ڀڳ 16 لک آهي ۽ تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ شهرن مان دنيا ۾ ٻاويهين نمبر تي ليکيو وڃي ٿو. راجڪوٽ لاءِ محققن لکيو آهي تہ ’سارڌر‘ جي حاڪم 1607ع ڌاري اجي نديءَ جي اڀرندي ڪناري تي هيءُ شھر آباد ڪيو هو، جيڪو سوراشٽر جي وچ ۾ واقع آهي. اڳتي هلي 1720ع ڌاري جهوناڳڙھہ جي نواب جي نائب فوجدار معصوم خان راجڪوٽ کي فتح ڪري، ان جو نالو بدلائي معصوم آباد رکيو ۽ پنجن ڪلوميٽرن تائين فوجي قلعو ٺهرايائين، جنهن جون ديوارون اٺ فوٽ ويڪريون هيون، جن ۾ اٺ دروازا (ناڪا) لڳايا ويا هئا. انهيءَ قلعي جا يادگار اڄ بہ رامناٿ پاڙي وٽان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. بعد ۾ 1892ع ڌاري انگريز سرڪار جي چيف انجنيئر سر رابرٽ بيل قلعي جي بيدي گيٽ جي زيبائش ڪري، اتي ٽه- ماڙ ڪلاڪ ٽاور جوڙيو.
معصوم آباد (راجڪوٽ) بعد ۾ جاڙيجا حڪمران بواجي راج، فتح ڪيو، جنهن ۾ روي راج گاڌويءَ سندس مدد ڪئي هئي. جنهن بعد اهڙي ساٿ ڏيڻ تي سندس نالي کي شامل ڪري شھر تي ’راجڪوٽ‘ نالو رکيو ويو. بواجي راج جاڙيجي اتي ’درٻار ڳڙھہ‘ ٺهرايو، جيڪو اتان جو پهريون محل چيو وڃي ٿو. بواجي راج کان پوءِ سندس پٽ سر لاکا جي راج جي ڀاءُ جو راڄ هو. ان بعد ڌرمڪ ايسٽ هاف لائيف ڪمپنيءَ اتي سوراشٽر ايجنسي قائم ڪئي، جنهن بعد راجڪوٽ نواڻ طرف روان دوان ٿيو. برطانوي عملدارن اتي شاندار عمارتون ۽ تعليمي ادارا جوڙايا. ڀارت جي قومي اڳواڻ موهن داس گانڌيءَ جو والد ڪرمچند جنهن وقت راجڪوٽ جي حاڪم جو ديوان هو تڏهن مهاتما گانڌيءَ بہ زندگيءَ جا ابتدائي سالَ هتي گذاريا هئا ۽ آزاديءَ جو پرچار ڪندي هن راشٽريه شالا (راجڪوٽ) ۾ 1939ع ڌاري ’پيپلس ڪائونسل‘ جوڙي هئي.
هندستان جي آزاديءَ کان پوءِ راجڪوٽ، سوراشٽر رياست جي گاديءَ وارو شھر ٿيو. ان بعد راجڪوٽ نئين جڙيل رياست گجرات ۾ ضم ڪيو ويو، گجرات 1960ع ڌاري بمبئيءَ کان الڳ ٿيو.
راجڪوٽ جي موسم سراسري طور خشڪ هوندي آهي. هتي سانوڻ جي مند جولاءِ کان سيپٽمبر تائين هلي ٿي. هتان جو گرمي پد 24 کان 42 ڊگري سينٽي گريڊ گرميءَ ۾ ۽ سياري ۾ 10 کان 22 ڊگري سينٽي گريڊ رهي ٿو ۽ برساتون پون ٿيون. هي شھر سياحت جي لحاظ کان بہ موزون آهي. جوبلي گارڊن هتان جي وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل باغ آهي، جنهن ۾ انگريز دؤر جا يادگار موجود آهن. باغ جي ڀرسان موهن داس گانڌي اسڪول، راشٽريه شالا، واٽسن ميوزيم، روٽري مڊ ٽائون لائبرري وغيرہ گهمڻ جھڙا هنڌ آهن. هتي قائم روٽري ڊالس ميوزم ۾ دنيا جون 1400 خوبصورت گُڏيون رکيل آهن. ان کانسواءِ مختلف ويدانتي درگاهون ۽ سوامي نارائڻ گرو ڪل بہ ڏسڻ وٽان آهن.
هتان جا ماڻهو پرفارمنگ آرٽ جا وڏا شوقين آهن. هتي هيمو گاڌوي ناٽيه ڳڙھہ نالي غير منافع بخش ٿيٽر بہ آهي. موسيقيءَ جي دنيا جا مشھور شخص، ڪي بورڊ جو عظيم ڪلاڪار ڪانتي لال سونچترا، پنڪج ڀٽ، راجو تِرويدي ۽ منوج بِمل بہ راجڪوٽ جا واسي آهن.
راجڪوٽ ۾ هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جا وڏا گرائونڊ ۽ راندين جا ڪلب بہ آهن. راجڪوٽ جي زيوَر مارڪيٽ مشھور آهي، جڏهن تہ هتي گهريلو صنعت بہ اوج تي آهي. هي شھر ريل ۽ روڊ رستي سڄي هندستان سان ڳنڍيل آهي، جڏهن تہ هتي ايئرپورٽ بہ قائم آهي. هتي سوراشٽر يونيورسٽي، آر. ڪي. يونيورسٽي، درشن انجنيئرنگ انسٽيٽيوٽ، آتميه انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، ڪرائسٽ ڪاليج، موهن داس گانڌي ودياله سميت ڪيترائي تعليمي ادارا، اسڪول ۽ ڪاليج قائم آهن. هن وقت (2012ع) شھر جو ميئر سنڌيابين وياس آهي.