
راج ملڪ جو قبرستان
راج ملڪ جو قبرستان (ماڳ): هيءُ سترهين کان ارڙهين صدي عيسويءَ سان تعلق رکندڙ هڪ قديم قبرستان آهي، جيڪو سنڌو نديءَ جي ڪناري تي ضلعي ٺٽي ۾ واقع آهي. هن کي ’قدمن وارو قبرستان‘ بہ چوندا آهن. هن لاءِ عام ماڻهن وٽ مشھور روايت آهي تہ: ”هن قبرستان ۾ ’پيران پير‘ جي قدمن جا نشان آهن، ڪي وري انهن يادگارن کي حضرت علي عليہ السلام جا قدم ڪري مڃين ٿا. انهن قدم مبارڪن تي درگاھہ بہ تعمير ڪيل آهي. هيءُ قبرستان پنجاھہ کن ايڪڙن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي.
هتي موجود قبرون چوڪنڊي ۽ مڪليءَ جي مقامن ۾ موجود قبرن وانگر پيلي پٿر جون آهن، جن کي ’گهاڙيون‘ چيو وڃي ٿو. سڀ قبرون پٿر جون آهن، جن تي اُڪر جو ڪم ڪيل آهي. قبرن تي قرآن شريف جون آيتون اُڪريل آهن، جيڪي شاندار فن جو ڏيک ڏين ٿيون. هنن مان ڪي قبرون ٻہ طبقي ۽ ڪي ٽه طبقي بہ آهن. هتي ڪجهہ قبرن تي مٺو، مگر، هاڙهو وغيرہ نالا اُڪريل آهن. هنن نالن سان لوڪ عشقيہ داستانن جا ڪردار بہ سنڌ ۾ عام رائج آهن، امڪان آهي تہ هي قبرون انهن جون هجن. هن قبرستان ۾ اڪثر برفت قبيلي جي ماڻهن جون قبرون آهن. ان کان سواءِ هتي جوکين، جتن ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو بہ دفن آهن. هتي واقع پٿريلين قبرن مان ڪن تي قرآني آيتن کانسواءِ اٺن ۽ گهوڙن جون تصويرون بہ اُڪريل آهن، جن جي اُڪر جو نمونو چوڪنڊي قبرستان ۾ موجود قبرن تي اُڪريل تصويرن جهڙو آهي. هن قبرستان ۾ 300 جي لڳ ڀڳ قبرون آهن، جيڪي سنڌ جي زندہ تاريخ جو ڏس ڏين ٿيون.