راج پٽ چندر برهمڻ

راج پٽ چندر برهمڻ: فتح نامہ سنڌ عرف چچنامي ۾ ڄاڻايل آهي تہ چچ پٽ سيلائج جي مرڻ کانپوءِ سنڌ جو حاڪم چندر پٽ سيلائج ٿيو، چندر ست سال بادشاهي ڪئي ۽ اٺين سال مري ويو، جنهن کانپوءِ سنڌ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. اروڙ جي تخت تي راجا ڏاهر ويٺو ۽ برهمڻ آباد جي تخت تي چندر جو پٽ راج ويٺو. راج پنھنجي وڏن وانگر راهب ۽ ڀڳت هو، جنهنڪري هن کان حڪومتي ڪاروبار هلي نہ سگهيو، تنهن هوندي بہ حڪومتي ڪاروبار تقريباً هڪ سال هلائڻ کانپوءِ بيزار ٿي حڪومت جون واڳون پنھنجي سؤٽ ڏهر سينه پٽ چچ جي هٿ ۾ ڏنائين ۽ پاڻ وڃي عبادت ۽ رياضت ڪرڻ لڳو. راجا ڏاهر ۽ ڏهر سينه ٻئي ڀائر راج برهمڻ جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا ۽ راج برهمڻ پنھنجي سؤٽ ڏهرسينه سان گڏ رهندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو