
راحة القلوب
راحة القلوب (ڪتاب): هيءَ تصنيف پير عبدالله جان عرف شاھہ آغا سرهنديرحه جي آهي، هن ڪتاب ۾ غمن جو علاج، اعتقاد، اخلاق، صبر، توڪل، حسنِ ظن، سوچ ويچار، ذڪر، فڪر، مراقبي، دعائن، استغفار، استخاري، درود ۽ ڪلمي شريف، دوائن، وردن، عمليات عنوان سان مضمون شامل آهن، جن کي تعويذن ۽ قرآني آيتن ۽ سورتن ذريعي سھڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ ڪجهہ فقهي مسئلا بہ بيان ڪيا ويا آهن. هن ڪتاب جي نظرثاني علامہ عبدالوحيد جان سرهنديءَ ڪئي آهي. ڪچي جلد، چار رنگي ٽائيٽل ۽ 261 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو ستون ڇاپو 1998ع ۾ مفت ورهائڻ خاطر سيد قمر الزمان شاھہ حيدرآباد مان شايع ڪرايو ۽ هن ڪتاب جو ٽائيٽل فيض محمد سڪندري پتافيءَ ڪتابت ڪيو آهي. ڪتاب جو اردو ترجمو پڻ ڇپجي چڪو آهي.