
راحت فتح علي خان
راحت فتح علي خان: ناليواري گلوڪار ۽ موسيقار راحت فتح علي خان ولد فتح علي خان 1974ع ڌاري پنجاب جي شھر فيصل آباد ۾ جنم ورتو، سندس تعلق پنجاب جي هڪ موسيقار گهراڻي سان آهي. هي دنيا جي مڃيل قوال، گلوڪار ۽ موسيقار استاد نصرت فتح علي خان جو ڀائٽيو آهي. راحت فتح علي خان ۽ سندس خاندان جي بنيادي سڃاڻپ قوالي آهي، پر هن نوجوان پنھنجي چاچي جي نقش قدم تي هلندي غزل، گيت، ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل توڙي فلمي موسيقيءَ ۾ بہ پاڻ مڃرايو آهي. هو پاڪستان کانسواءِ دنيا جي تمام گهڻن ملڪن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. راحت فتح علي خان موسيقيءَ جي فن جي سکيا پنھنجي چاچي استاد نصرت فتح علي خان کان ورتي، هن پهريون ڀيرو 1985ع ۾برطانيا ۾ پنھنجي چاچي جي پٺيان ڳائي پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، ان محفل ۾ راحت جي گائڪيءَ کي ايترو تہ پسند ڪيو ويو، جو کيس جدا ڳائڻ لاءِ فرمائش ڪئي وئي ۽ هن هڪ پنجابي غزل ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. ان وقت سندس عمر 11 سال هئي. جنهن کانپوءِ راحت فتح علي خان مسلسل نصرت فتح علي خان سان گڏجي ڳايو. 1997ع ۾ استاد نصرت فتح علي خان جي وفات کانپوءِ راحت فتح علي خان اڪيلي سر ڳائڻ شروع ڪيو ۽ قوالي توڙي غزل سان گڏوگڏ فلمي موسيقيءَ ۾ بہ پير پاتائين. هن پهريون ڀيرو هڪ پاڪستاني فلم لاءِ گيت ڳايو. سندس پهرين فلمي گيت جا ٻول هئا ”ڪِسي روز ملو، همين شام ڍلي“ هن 2004ع ۾ پنھنجي ڳايل گيت ”من ڪي لگن“ سان هندوستاني فلمن ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. ائين سندس آواز پاڪستاني فلمن سان گڏوگڏ هندستاني فلمن ۾ بہ گونجڻ لڳو. کيس 2010ع ۾ برطانيا پاران ايشيا جي موسيقيءَ جو اوارڊ (Best International Act) مليو. سـندس آواز ۾ ڳايل ڪيترائي فلمي گيت جن ۾: ’نيـنا ٺـگ ليـندي‘، ’دل تو بچا هي جي‘، ’تيري ميري پريم ڪهاني هي مشڪل‘ سميت ٻيا ڪيترائي گيت مقبول ٿيا. راحت فتح علي خان ڀارت ۾ ٿيندڙ موسيقيءَ جي ڪيترن مقابلن ۾ جج طور بہ ٿي رهيو آهي. هن هڪ ڀيرو صنم مارويءَ سان گڏجي شاھہ لطيف جي وائي ’پرچن شال پنهوار‘ ڳائي خوب داد حاصل ڪيو. سندس سڃاڻپ وارن اردو گيتن سان گڏ لطيف سائينءَ جي وائي ’پرچن شال پنهوار‘ بہ شامل آهي.