راحت ٻائي

راحت ٻائي: راحت ٻائي، نيڪ سيرت، عابده، زاهده ۽ مهمان نواز ۽ بزرگ عورت هئي. هن 1905ع ڌاري ڳوٺ وهري تعلقي عمرڪوٽ ۾ مشھور بزرگ ميان جان محمد ڪيريي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد ميان جان محمد ناليوارو بزرگ هو، جنهن جي درگاھہ ڳوٺ وهري شريف ۾ آهي، مٿس هر سال ميلو لڳندو آهي. سندس وڏن ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ وهري ۾ اچي مدرسو قائم ڪيو هو. راحت ٻائي والد جي وفات بعد مدرسي ۽ والد جي درگاھہ جو انتظام سنڀاليو. هوءَ انتهائي پرهيزگار ۽ سخي دل نيڪ خاتون هئي. سڄي زندگي شادي نہ ڪيائين ۽ درگاھہ ۽ مدرسي جي خدمت ڪندي رهي. مذهبي عقيدي موجب پاڻ نقشبندي طريقي سان وابستہ هئي. پنھنجي مريدن وٽ پنھنجي نالي راحت بدران ’ٻائي صاحبہ‘ جي نالي سان مشھور ٿي. مدرسي ۽ درگاھہ تي هلندڙ لنگر جو خرچ پاڻ ڪندي هئي. سندس مدرسي ۾ پري وارن علائقن جا ڪيترا شاگرد علم حاصل ڪندا هئا، جن جي سار سنڀال سندس ذمي هئي. مائي راحت پنھنجي والد جي درگاھہ تي هر سال چيٽ جي مهيني ۾ ميلو لڳائيندي هئي. هن بزرگ عورت 27 مئي 1979ع تي وفات ڪئي، کيس درگاھہ ميان جان محمد وهري، تعلقي عمرڪوٽ ۾ دفنايو ويو.


لفظ راحت ٻائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1979.05.27  عيسوي

هن بزرگ عورت 27 مئي 1979ع تي وفات ڪئي، کيس درگاهه ميان جان محمد وهري، تعلقي عمرڪوٽ ۾ دفنايو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٿھيم عبدالرزاق جسٽس
نذير احمد سومرو پروفيسر
عطا محمد خان ٽالپر مير
چنڙ بشير احمد ڊاڪٽر
شيرين عبادي
بوعلي سينا
راڻو ارجن ۽ بجار جوکيو
سيف ﷲ خان مگسي
خيرالنساءِ جعفري
قسمت راءِ ڇڳاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون