راحت ڪاظمي:

راحت ڪاظمي:

راحت ڪاظمي

راحت ڪاظمي: ناميارو اداڪار ۽ ڪمپيئر راحت ڪاظمي، 30 جون 1946ع تي شِملي ۾ ڄائو. سندس والد هڪ وڪيل هو. هن شروعاتي تعليم راولپنڊيءَ مان ورتي ۽ قانون ۽ انگريزي ادب ۾ ماسٽرس جون ڊگريون پنجاب يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون.
راحت ڪاظميءَ 1968ع ۾ اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر طور عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. 8 سال ملازمت ڪرڻ کان پوءِ استعيفا ڏئي اداڪاريءَ جي دنيا ۾ آيو. کيس ڪاليج جي زماني کان اداڪاريءَ جو شوق هو، ان ڪري هن ٿوري عرصي ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي. هن 1965ع کان لاهور ۽ اسلام آباد ٽيليويزن تي ڊراما ۽ ڪوئز شو ڪيا. راحت ڪاظمي سٺو ٽاڪ شو ڪمپيئر بہ رهيو آهي. هن مشھور ٽي. وي اداڪارہ سائره سان پسند جي شادي ڪئي. سائره ڪاظمي ۽ راحت شاديءَ کان پوءِ شوبز ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيا آهن.


لفظ راحت ڪاظميھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو