راحيل

راحيل: اسرائيلي روايتن موجب راحيل حضرت يعقوب عليہ السلام جي گهرواريءَ ۽ حضرت يوسف عه جي ماءُ جو نالو آهي. قرآن مجيد ۾ ان جو نالو نہ آيو آهي، پر سورة النساءِ جي 23هين آيت ۾ آهي تہ: ”توهان هڪ وقت ۾ ٻن ڀينرن کي زالون ٺاهي نہ ٿا سگهو، جيڪڏهن اها ڳالھہ اڳ ۾ ٿي چڪي آهي تہ تعاليٰ ان کي معاف فرمائي ٿو.“ ڪن ڪتابن موجب انهيءَ آيت ۾ راحيل ۽ ليئه (لياھہ) ٻنهي ڀينرن سان حضرت يعقوب عليہ السلام جي شاديءَ ڏانهن اشارو آهي. اسلامي روايتن ۾ عام طور اهو خيال ڏيکاريو ويو آهي تہ حضرت يعقوب عليہ السلام ليئه جي وفات کانپوءِ سندس ڀيڻ راحيل سان شادي ڪئي هئي. ساڳيءَ سورت جي حوالي سان الطبري، الزمخشري، البيضاوي ۽ ابن الاثير تاريخن ۾ بہ ذڪر ٿيل آهي. الڪسائيءَ جو خيال آهي ليئه ۽ پنھنجي ٻن ڪنيزن جي وفات کانپوءِ پاڻ حضرت يعقوب راحيل سان شادي ڪئي. اسرائيلي روايتن موجب راحيل جي اهميت حضرت يوسف عليہ السلام جي قصي ۾ بہ آهي. يوسف عليہ السلام کي حسن راحيل کان ورثي ۾ مليو. بهرحال راحيل حضرت يعقوب عليہ السلام جي گهر واري ۽ حضرت يوسف عليہ السلام جي والدہ هئي.


لفظ راحيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو