
رازو
رازو (Mason Or Bricklayer): رازو سرن جي جاين جوڙڻ واري کي چوندا آهن. رازي کي اردوءَ ۾ ’راج‘ ۽ عربيءَ ۾ ’معمار‘ چيو ويندو آهي. رازي جي لغوي معنيٰ آهي رازڪو ڪم ڪندڙ، جايون اڏيندڙ، اوساري کڻندڙ وغيرہ. اوائلي زماني ۾ پٿرن گهڙڻ واري کي ’سنگتراش‘ سرن پائڻ واري کي ’سريگر‘ ۽ پٿرن ۽ سرن سان عمارت ٺاهڻ واري ڪاريگر کي ’رازو‘ سڏيندا هئا. رازو فقط انهيءَ کي ٿو سڏجي، جيڪو ڪنهن جاءِ جي اوساريءَ جو ڪم ڪري ٿو. رازي کي ڀتين جي اوساريءَ جي ڪم لاءِ سڀ کان وڌيڪ تيشي، ڪرني، شاهل ۽ ڏور جي ضرورت ٿئي ٿي. رازو تيشي سان سر کي گهڙي پوريءَ چال ۾ بيهاريندو آهي. ڪرنيءَ سان گارو کڻي پوريءَ جاءِ تي لاهيندو آهي ۽ شاهل سان ڏسندو آهي تہ اوساري چڙهي يا لھي تہ ڪانہ ٿي. ڏورِ، فرش جي ليول وٺڻ لاءِ ڪم آڻيندو آهي. رازي جي سڄي ڪم جو راز ڪنهن بہ عمارت جي بنياد جي پهرين سر رکڻ ۾ هوندو آهي. جيڪڏهن بنياد واري هڪ سر ڦڏي رکجي وئي تہ سڄي عمارت جي ترتيب خراب ٿي ويندي ۽ رازي جي سڄي محنت برباد ٿي ويندي. انهيءَ لاءِ پيڙھہ رکڻ تي رازو سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏيندو آهي. جيڪڏهن هڪ دفعو جاءِ جي پيڙھہ غلط رکجي ويندي تہ پوءِ سٽ ڪانہ جهليندي.
لسي اوساريءَ کي تہ رازو ائين ئي کڻي ويندو آهي. ٿوري گهڻي تڪليف درن ۽ درين جي بيهارڻ ۽ انهن جي سردرن جي سرين کي درست بيهارڻ وقت ٿيندي آهي. جيڪڏهن سر در سيمنٽ جا هوندا آهن تہ پوءِ رازي کي ڪا تڪليف نہ ٿيندي آهي. هو چند ڏينهن ۾ هڪ ئي جاءِ کي وڃي ڇت تائين پهچائيندو آهي. ڇت ٻن ٽن ڏينهن ۾ چاڙهي ۽ ڀتين جو پلستر ڪري وٺندو آهي. اڄڪلھہ سڄيءَ دنيا ۾ عمارت سازيءَ جو ڪم وڏي پيماني تي هلي رهيو آهي. سائنس جي ترقيءَ جو اثر عمارتن تي بہ ڪافي ٿو ڏسجي. پٿرن ۽ سرن جي بجاءِ سيمنٽ ۽ لوھہ جو رواج عام ٿي ويو آهي. جديد طريقن سان گهر ٺاهڻ جو جتي رواج آهي، اتي اڃا بہ رازا موجود آهن، جيڪي پنھنجي مهارت ۽ بغير ڪنهن نقشي جي گهر کي وڏي خوبصورتيءَ سان اَڏيندا آهن.
هو پنھنجي فن ۾ وڏي مهارت رکندا آهن، جڏهن ڊزائيننگ يا انجينئرنگ سِکڻ جا ڪي باقاعدي ادارا ۽ يونيورسٽيون نہ هيون، تڏهن رازا ئي وڏين وڏين عمارتن جا نمونا تجويز ڪندا هئا. هو حاڪمن جي درٻارن ۾ ٽن مرحلن تي پنهنجو وقت سيڙائيندا هئا، يعني: تجويز، تعمير ۽ تڪميل. جڏهن ڪو حاڪم يا شهنشاھہ ڪا يادگار عمارت يا قلعو اڏائڻ جو ارادو ڪندو هو تہ ماهرن کي گهرائي پنھنجي ارادي جو اظهار ڪندو هو ۽ پوءِ اهي اڏيندڙ نمونن جون فهرستون، طريقا، خرچ وغيرہ ٻڌائيندا هئا. اڄ جيتوڻيڪ مشيني دؤر اچي ويو آهي، يونيورسٽين مان ڊگريون رکندڙ انجينئر ڊزائين ٺاهڻ ۽ رازن جي هٿ ونڊائڻ لاءِ ٻيون بہ کوڙ مشيني سهوليتون اچي ويون آهن، پر ان جي ڀيٽ ۾ اڳوڻن رازن جي محنت ۽ ڪم قابلِ تعريف آهي. تاج محل، بادشاهي مسجد ٺٽو، ديوار چين کان سواءِ مصر مان ملندڙ فرعونن جون حيرت ۽ عبرت ۾ وجهندڙ عمارتون سندن محنت جو ثبوت آهن. موهن جي دڙي جي قديم اڏاوت ۽ خوبصورت بناوت پڻ تڏهوڪن هنرمند رازن جي هنر جي عظمت جو عڪس آهن.