رازي، ابوبڪر محمد بن ذڪريا

رازي، ابوبڪر محمد بن ذڪريا

رازي ابوبڪر محمد بن ذڪريا

رازي، ابوبڪر محمد بن ذڪريا: مشھور طبيب، ڪيميادان ۽ فلسفي، ابوبڪر محمد بن زڪريا رازي، 250ھہ/ 865ع ڌاري ايران جي شھر ’ري‘ ۾ ڄائو. هن پنھنجي وقت جي تمام وڏي طبيب جي باري ۾ معلومات نہ هجڻ جي برابر آهي. معلوم ٿئي ٿو تہ ري شھر ۾ ئي هن رياضي، فلسفي، هيئت ۽ ادب جو تمام گهڻو مطالعو ڪيو ۽ جوانيءَ ۾ ئي علم ڪيميا حاصل ڪرڻ ۾ بہ مصروف رهيو. وڏيءَ عمر کي پهچڻ تائين هن طب ۾ پڻ مهارت حاصل ڪري ورتي. هن جي قابليت کي ڏسندي ’ري‘ جي حاڪم کيس شھر جي اسپتال جو نگران اعليٰ مقرر ڪيو. ٿوري ئي وقت کان پوءِ هو بغداد ۾ بہ ساڳي ئي عهدي تي فائز ٿيو. اهڙيءَ طرح پنھنجي دور جو وڏو طبيب هئڻ سبب کيس وڏي شھرت ملي ۽ هو هڪ درٻار کان ٻيءَ درٻار تائين وڏن عهدن تي فائز ٿيندو رهيو. بادشاهن جي پنھنجي مرضيءَ واري مزاج ۽ غير يقيني سياسي حالتن سبب هو ڪٿي بہ مستقل طور ٽِڪي نہ سگهيو. هو ڪيترائي ڀيرا وطن کان ٻاهر ويو، پر وفات (البيروني مطابق) شعبان 313ھہ/ 925ع ۾ پنھنجي وطن ۾ ئي ڪيائين. رازيءَ جو اهم ترين ڪمال سندس طبابت آهي. کيس بجا طور اسلام جو سڀ کان وڏو طبيب مڃيو وڃي ٿو. هن مختلف بيمارين جي تحقيق ۽ علاج تي ڪجهہ رسالا لکيا، جن ۾ وڏي ماتا ۽ ننڍي ماتا (هنبسڙا) تي لکيل رسالو ’ڪتاب الجدري والحصبه‘ سڀ کان گهڻو مشھور آهي. ان کانسواءِ هن طب جي موضوع تي ڪيترا ڪتاب لکيا، جيڪي اسلام جي وچئين دور ۾ معروف ۽ مشھور هئا. هن جي ڪجهہ ڪتابن جو لاطينيءَ ۾ ترجمو بہ ٿيو ۽ سترهين صدي عيسويءَ کان پوءِ تائين رازيءَ جي مستند هجڻ ۾ ڪو اختلاف نہ رهيو. هن جو هڪ ڪتاب ’طب المنصوري ملڪ‘ جي والي منصور بن اسحاق جي نالي سان لکيل آهي ۽ سندس ٻيو ڪتاب ’طب الملوڪي‘ طبرستان جي حاڪم علي بن وَيمسُوذان جي نالي منسوب ڪيل آهي. رازيءَ جو هڪ ٻيو مشھور ڪتاب ’ڪتاب الحاوي‘ عربي زبان ۾ سڀ کان وڏي طبي انسائيڪلوپيڊيا ليکيو وڃي ٿو، جيڪو هن پندرهن سالن جي محنت سان لکيو. هن ڪتاب ۾ هن طب جي هر مسئلي تي سمورن يوناني ۽ عرب طبيبن جا رايا نقل ڪيا. طبيعات، رياضي، فلڪيات ۽ بصريات تي ڪتاب لکندڙن رازيءَ جي ڪيترن ٻين ڪتابن جو بہ ذڪر ڪيو آهي، پر انهن مان ڪو بہ ڪتاب هن وقت موجود ناهي. البيروني، رازيءَ جي سوانح حيات ۽ تصنيفات تي هڪ الڳ رسالو لکيو هو. ان کان سواءِ رازي طبيعات (علم الاجسام، نباتات ۽ جمادات سميت) تي جيڪي بہ ڪتاب لکيا، سي بہ اڻ لڀ آهن. رازي سائنس ۽ فلسفي جي علم تي يقين رکندو هو. سندس دعويٰ هئي تہ هو قديم فلسفي کان اڳتي وڌي ويو آهي. هو پنهنجو پاڻ کي ارسطا طاليس ۽ افلاطون کان مٿانهون سمجهندو هو. رازي فلسفي ۾ پاڻ کي سقراط جي ويجهو ۽ طب ۾ بقراط جي برابر سمجهندو هو. ابوبڪر رازيءَ جي استادن توڙي شاگردن جي پڪي ڄاڻ نہ ٿي ملي. رازيءَ جو خيال هو تہ ايندڙ وقت ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا، جيڪي جي ڪجهہ نتيجن کي ائين ئي رد ڪري ڇڏيندا، جيئن هن پاڻ کان اڳين ماڻهن جي تعليمات کي پوئتي ڪري پنهنجو علمي نظريو پيش ڪيو هو. رازي، 27 آڪٽوبر 925ع تي وفات ڪئي.
ڊاڪٽر سليمان شيخ جي ڪتاب ’مسلمان سائنسدان‘ ۾ ابوبڪر رازيءَ جو ذڪر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو