راز شاھاڻي

راز شاھاڻي

راز شاهاڻي

راز شاهاڻي: ليکڪ راز شاهاڻيءَ جو اصل نالو رب ڏنو ولد سائين بخش شاهاڻي آهي. هن تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ 15 جولاءِ 1976ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ڪيائين. انٽر آرٽس ۽ بي. اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سنڌي) سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان 2003ع ۾ ڪيائين. هن ادبي سفر جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. سندس شاعري ماهوار نئون نياپو، ٽماهي مھراڻ، ماهوار پورب، عبرت مئگزين ۽ ٻين سنڌي رسالن ۾ ڇپجندي رهي. هي سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جو ميمبر رهيو. ڪجهہ عرصو ريڊيو تي فيچر ۽ ڊراما لکيائين. 1998ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر ٿيو، پر ڪجهہ عرصي کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي حيدرآباد ۾ صحافت ڪيائين. روزاني ’تعميرسنڌ‘، هفتيوار ’سنڌو ڊائجسٽ‘ عبرت گروپ آف پبليڪيشن، ’سنڌ ٽيليويزن‘ نيٽ ورڪ ۽ ’مھراڻ ٽيليويزن‘ نيٽ ورڪ ۾ ڪجهہ عرصو ڪم ڪيائين. جولاءِ 2004ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيو. آگسٽ 2006ع کان ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ ايڊهاڪ تي سنڌيءَ جو ليڪچرر رهيو. 2012ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پراونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايجوڪيشن (PITE) نوابشاھہ ۾ ايڊيٽر مقرر ٿـيو. سال 2021ع ۾ ترقي ماڻي ڪنسلٽنٽ گريڊ 19 ۾ مقرر ٿيو. هن ’سنڌي شاعريءَ تي سياسي سماجي تحريڪن جا اثر (1947ع-1990ع)‘ جي موضوع تي ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي نگراني هيٺ مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ڇپيل ڪـتـابـن ۾: ’بلوچ ۽ عشق‘، ’لطيفي معلومات ۽ سھڻا قول‘ (2003ع)، سنڌي ادبي بورڊ پاران ’ٻارڙن جو شاھہ‘ (ترتيب، ٻاراڻو ادب) ۽ ’ڪلاسيڪي شاعري، فلسفو ۽ تاريخ‘ (تحقيق، 2019ع) شامل آهن. جون 2025ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.07.15  عيسوي

ليکڪ راز شاهاڻيءَ جو اصل نالو ربڏنو پٽ سائين بخش شاهاڻي آهي. هن تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ 15 جولاءِ 1976ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حافظ شفيع محمد محمدي
مير فتح علي خان ٽالپر
بيرم خان
سيد محمد شاھہ امروٽي مولانا
شھمير شاھہ شھيد سيد
پليجو مخدوم يعقوب
شاھہ حسن مرزا ارغون
خليفو محمد خان جمالي
محب ڀيل ڪامريڊ
امام بخش گهرياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون