راز شاھاڻي

راز شاھاڻي

راز شاهاڻي

راز شاهاڻي: ليکڪ راز شاهاڻيءَ جو اصل نالو رب ڏنو ولد سائين بخش شاهاڻي آهي. هن تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ 15 جولاءِ 1976ع تي جنم ورتو. پرائمري تعليم ڳوٺ مان ۽ مئٽرڪ هاءِ اسڪول جوهيءَ مان ڪيائين. انٽر آرٽس ۽ بي. اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادوءَ مان ڪرڻ کانپوءِ ايم. اي (سنڌي) سچل سرمست آرٽس ڪاليج، حيدرآباد مان 2003ع ۾ ڪيائين. هن ادبي سفر جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي. سندس شاعري ماهوار نئون نياپو، ٽماهي مھراڻ، ماهوار پورب، عبرت مئگزين ۽ ٻين سنڌي رسالن ۾ ڇپجندي رهي. هي سنڌي ادبي سنگت جوهيءَ ۽ حيدرآباد پريس ڪلب جو ميمبر رهيو. ڪجهہ عرصو ريڊيو تي فيچر ۽ ڊراما لکيائين. 1998ع ۾ جونيئر اسڪول ٽيچر ٿيو، پر ڪجهہ عرصي کانپوءِ اها نوڪري ڇڏي حيدرآباد ۾ صحافت ڪيائين. روزاني ’تعميرسنڌ‘، هفتيوار ’سنڌو ڊائجسٽ‘ عبرت گروپ آف پبليڪيشن، ’سنڌ ٽيليويزن‘ نيٽ ورڪ ۽ ’مھراڻ ٽيليويزن‘ نيٽ ورڪ ۾ ڪجهہ عرصو ڪم ڪيائين. جولاءِ 2004ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ پبلڪ رليشن آفيسر ٿيو. آگسٽ 2006ع کان ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ ايڊهاڪ تي سنڌيءَ جو ليڪچرر رهيو. 2012ع ۾ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پراونشل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايجوڪيشن (PITE) نوابشاھہ ۾ ايڊيٽر مقرر ٿـيو. سال 2021ع ۾ ترقي ماڻي ڪنسلٽنٽ گريڊ 19 ۾ مقرر ٿيو. هن ’سنڌي شاعريءَ تي سياسي سماجي تحريڪن جا اثر (1947ع-1990ع)‘ جي موضوع تي ڊاڪٽر اسحاق سميجي جي نگراني هيٺ مقالو لکي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. سندس ڇپيل ڪـتـابـن ۾: ’بلوچ ۽ عشق‘، ’لطيفي معلومات ۽ سھڻا قول‘ (2003ع)، سنڌي ادبي بورڊ پاران ’ٻارڙن جو شاھہ‘ (ترتيب، ٻاراڻو ادب) ۽ ’ڪلاسيڪي شاعري، فلسفو ۽ تاريخ‘ (تحقيق، 2019ع) شامل آهن. جون 2025ع کان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1976.07.15  عيسوي

ليکڪ راز شاهاڻيءَ جو اصل نالو ربڏنو پٽ سائين بخش شاهاڻي آهي. هن تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ حمل خان شاهاڻيءَ ۾ 15 جولاءِ 1976ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٺاڻ آغا طارق
شاهد خاقان عباسي
تانتيا ٽوپي
ثمينه ڪنول
حزب ﷲ ميمڻ شھيد
ڀيو ڪوڙا خان
رحمت ﷲ بھڻ
پير پاڳارا خاندان
ڪريم ڏنو راڄپر
بلو سي راڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون