راسل پٽ وسايو: ’چچ نامہ‘ ۾ ڄاڻايل آهي تہ: راسل پٽ وسايو، راجا ڏاهر جي خاص ماڻهن مان هو. راسل جو ڀاءُ موڪو پٽ وسايو پنھنجي ڀاءُ کان سڙندو هو ۽ جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملي ڪرڻ لاءِ اچي ڪڙڪيو تہ موڪي سندس مدد ڪئي ۽ محمد بن قاسم کي درياھہ ٽپڻ لاءِ ٻيڙيون مهيا ڪري ڏنيون. اهو ٻڌي راسل، راجا ڏاهر وٽ ڀڳو ۽ کيس وڃي چيائين تہ ٻيٽ جي قلعي جي نگهبانيءَ لاءِ کيس موڪليو وڃي تہ هُو عربن جي لشڪر کي ڪڏهن بہ درياھہ ٽپڻ نہ ڏيندو. راسل کي راجا ڏاهر هڪدم ٻيٽ جي قلعي جو گورنر ڪري موڪليو ۽ جئسينه کي اتان واپس گهرائي ورتو. راسل ڪناري تي پهچي، عربن کي ڪناري تي پهچڻ کان اڳ ئي روڪي ورتو. ان وقت موڪو بہ محمد بن قاسم سان گڏ هو، جنهن عربن جي رهنمائي ڪري کين ٻيٽ جي قلعي تائين پهچايو، جنهن کانپوءِ عربن ۽ راسل جي لشڪر جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ عرب ڪامياب ٿيا. محمد بن قاسم تختگاھہ تي حملي جون تياريون ڪرڻ لڳو، جڏهن پهرين لڙائيءَ ۾ جئسينه کي شڪست آئي، تڏهن راسل محمد بن قاسم ڏانهن صلح جو پيغام موڪليو، محمد بن قاسم کي سٺو موقعو ملي ويو ۽ هن موڪي جي ڀاءُ راسل کي پاڻ وٽ سڏائي وڏا عهدا ڏنا. اهڙيءَ طرح راسل پٽ وسايو بہ ڀاءُ وانگر راجا ڏاهر سان غداري ڪري وڃي محمد بن قاسم سان مليو. پوءِ هي ٻئي ڀائر محمد بن قاسم جي لشڪر جي اڳيان هوندا هئا ۽ کين رستن کان آگاھہ ڪندا رهندا هئا.