راسوڙو: لوڪ گيت جو قسم آهي، جيڪو ڪڇ ۽ پارڪر طرف ڪولهي ذات وارن ۾ رائج آهي. ڪولهي مرد توڙي زالون شادي مرادي، ڌرمي ڏڻن توڙي خوشيءَ جي موقعن تي گڏجي راسوڙا ڳائيندا آهن ۽ دهل تي ڊانس بہ ڪندا آهن. لفظ ’راسوڙي‘ جي معنيٰ آهي رَس ڀريو. راسوڙي کي راجسٿان ۾ راسو ۽ گجرات ۽ ٿر ۾ ’راسوڙو‘ چئبو آهي. آڳاٽي زماني ۾ راجسٿان جو چندر بردائي ۽ آشانند چارڻ راسوڙن جا اهم شاعر ليکيا وڃن ٿا. راسوڙو ايڏو تہ اهم گيت آهي، جو جديد سنڌي شاعر شيخ اياز بہ ان بابت هيٺين ريت لکيو آهي:
هيءَ ٿڌڙيءَ جي رات، ٿر ۾ ڪيئي ڪولهڻيون،
تاڙيون وڳيون اوچتو، چِيري چُپ چپات،
آئي تنھنجي بات، راسوڙا رُڪجي ويا.