راس ليلا: عام طور هن کي ’راس نرتيه‘ بہ چيو ويندو آهي. هيءُ اصطلاح سنسڪرت ٻوليءَ جي ٻن لفظن راس ۽ ليلا جو مرڪب آهي. راس جي معنيٰ گل رس، سونهن، جماليات، مٺاس، امرت وغيره، جڏهن تہ ليلا جي معنيٰ ڪري ڏيکارڻ، معجزاڻو عمل ۽ ڪلا آهي. اهڙيءَ ريت هن ادبي لفظ جي اشتقاقي معنيٰ سھڻي ڪلا، سٺو عمل بيهي ٿي، جنهن ۾ نرتيه ۽ ترنم شامل هجي.
عـام طـور مـذهبـي عقيـدتمـنديءَ کـي فنڪـاراڻـي يا مـوسيقـيءَ واري انـداز ۾ پيش ڪرڻ سبب راس ليلا کي عشق جو رقص يا ناچ (The Dance of Love) يا الوهي پيار جو رقص پڻ چيو ويندو آهي.
بنيادي طور راس ليلا/ راس نرتيه، هندو ڌرمي ماخذ ڀاڳوت پراڻ ۽ ادبي ماخذ گيتا گووندا ۾ بيان ڪيل هڪ ثقافتي ۽ روايتي آکاڻي آهي، جنهن ۾ ڀڳوان ڪرشن، راڌا ۽ ٻين گوپين سان گڏجي نرت ڪري ٿو. هندو ڌرم ۾ رقص کي مذهبي عقيدي جي اظهار موجب تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. خود هندو مت ۾ سرسوتي ديوي راڳ ۽ نرتيه جي علامت سمجهي ويندي آهي. هندستان ۾ قديم زماني کان رائج هندستاني ڪلاسيڪي رقص ڪٿڪ براج ۽ مان براج ماڻيپوريءَ جي اساسي رقص نٽور نرت مان درجي بہ درجي ترقي ڪري اسريو، جنهن کي 1960ع ڌاري ڪٿڪ رقاصہ (ناچڻي) اُما شرما نئين سر اجاگر ڪيو.
ڌرمي روايت مطابق هڪ رات ڀڳوان ڪرشن جي بانسريءَ جي مڌر آواز تي موهت ٿي بندرابن جون سموريون گوپيون پنهنجا گهر ٻار ۽ خاندان ڇڏي بانسريءَ جي سريلي آواز پٺيان جهنگ طرف ڪاهي پيون، جتي اهي ڀڳوان ڪرشن جي بانسريءَ جي مڌر گيتن تي سڄي رات رقص ۾ محو رهيون.
هندن جي ڌرمي ڪتاب ’ڀڳوت پراڻ‘ موجب جيڪو بہ شري ڪرشن جي راس ليلا جي بيان کي عقيدت سان ٻُڌندو يا ان جي ادائگيءَ ۾ حصو وٺندو آهي، اهو ڀڳوان ڪرشن سان سچي محبت ۽ عقيدت جو اظهار ڪندو آهي. وشنو مت روايت موجب ماڻيپوري راس ليلا کي ڪلاسيڪي ماڻيپوري رقص وسيلي خاڪي جي صورت ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ڀڳوان شري ڪرشن جي راڌا نالي ڌنار گوپيءَ سان ازلي محبت جو اظهار ڄاڻايل آهي. هڪ اندازي مطابق راس ليلا جي ابتدا 1779ع ڌاري ڀاگياچندرا طرفان ڪئي وئي ۽ اها روايت هندستان جي مختلف حصن ۾ اڄ سوڌو هر سال ڀڳوان شري ڪرشن جي جنم ڏينهن ’جنم اشٽميءَ‘ تي ملهائي ويندي آهي. هن موقعي تي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين طرفان هٿن ۾ ڏؤنڪا کڻي لوڪ گيتن تي رقص ڪيو ويندو آهي.