راس مسعود حسين

راس مسعود حسين: سنڌ جو اڳوڻو ڪليڪٽر راس مسعود حسين ولد محمد حسن، 12 جون 1928ع تي هندستان جي علائقي پوني ۾ ڄائو. سندس والد عليڳڙھہ جو گرئجوئيٽ هو، جيڪو ورهاڱي کان پوءِ گجرانوالا لڏي آيو. هن ابتدائي تعليم سينٽ پيٽرڪ اسڪول مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ 1949ع ۾ سنڌ مسلم لا ڪاليج مان گريجوئيشن ڪيائين. هي ’لا ڪاليجيئن‘ رسالي جو ايڊيٽر بہ رهيو ۽ ان کانسواءِ ڪيترن غير نصابي سرگرمين ۾ بھرو ورتائين، خاص ڪري تقريري مقابلن ۾ ڪيترا انعام حاصل ڪيائين.
هن 1951ع ۾ سي. ايس. پي جو امتحان پاس ڪيو ۽ ان کانسواءِ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم. پي. اي (پبلڪ ائڊمنسٽريشن) جي ڊگري بہ حاصل ڪئي. سنڌ ۾ ڪيترن ضلعن ۾ ڪليڪٽر جي عهدي تي رهيو ۽ سنڌ جي باصلاحيت عملدارن ۾ شمار ٿئي ٿو.


لفظ راس مسعود حسينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.06.12  عيسوي

سنڌ جو اڳوڻو ڪليڪٽر راس مسعود حسين ولد محمد حسن، 12 جون 1928ع تي هندستان جي علائقي پوني ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شجاعت علي بکري
روشن آرا مغل
آسو ٻائي
عبن فقير پلي دهلڙي وارو
پيرغلام رسول سرهندي
در محمد اوستو
شفيع محمد ڪرناڻي
حاجي خان محمد مڱريو
رفيق مغل ڊاڪٽر
ڄيٺي سپاهيملاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون