راشدي، بديع الدين شاھہ: سيد بديع الدين ولد سيد احسان علي شاھہ راشدي 12 مئي 1926ع تي ڳوٺ پير جهنڊي، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. پاڻ مشھور عالم، محدث ۽ مفسر ٿي گذريو آهي. سندس تعلق مشھور راشدي خاندان سان آهي. سندس نسب جو سلسلو سيد محمد راشد روضي ڌڻيءَ سان ملي ٿو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي مدرسي ’دارالرشاد‘ ۾ حاصل ڪئي. جتان قرآن شريف سان گڏ سنڌي، فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم جي تڪميل ڪيائين. قرآن پاڪ جي ترجمي، تفسير، حديث، فقھ وغيرہ جي تعليم مولانا عبدالغفور وٽ حاصل ڪيائين. هيءُ قرآن پاڪ جو حافظ بہ هو. هن 1988ع ۾ ’جمعيت اهلحديث سنڌ‘ جو بنياد وڌو، جنهن جو تاحيات امير رهيو. پاڻ ڪجهہ وقت سعودي عرب حڪومت جو خاص صلاحڪار بہ رهيو. بديع الدين شاھہ راشديءَ کي حديث بابت وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ عالم، مفسر هجڻ سان گڏ سٺو خطيب بہ هو، سندس تقرير ۾ وڏو اثر هوندو هو. هن عربي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا، جن مان ڪي ڇپيل ۽ ڪي اڻڇپيل آهن. سندس سنڌيءَ ۾ لکيل قرآن پاڪ جو تفسير ’بديع التفاسير‘ مشھور آهي، جنهن جا ست جلد ڇپجي چڪا آهن. ان کانسواءِ سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’عوام جي عدالت ۾‘، ’تحفه نماز مغرب‘، ’توحيد رباني‘، ’هر برائيءَ جو علاج جهاد‘ ۽ ’حجة الوداع‘ وغيرہ شامل آهن. پير بديع الدين شاھہ راشدي 8 جنوري 1996ع تي وفات ڪئي.
1926.05.12 عيسوي
سيد بديع الدين ولد سيد احسان علي شاهه راشدي 12 مئي 1926ع تي ڳوٺ پير جهنڊي، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.
1996.01.08 عيسوي
پير بديع الدين شاهه راشدي 8 جنوري 1996ع تي وفات ڪئي.