راشدي خاندان جو شجرو (ڪتاب): هي ڪتاب راشدي خاندان متعلق آهي، جنهن کي سيد فيض الدين راشديءَ سهيڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي راشدي خاندان سان تعلق رکندڙ نامور شخصيتن، بزرگن، عالمن، اديبن جون سوانح عمريون، خاڪا ۽ راشدي خاندان جو مڪمل شجرو ڏنل آهي. هي ڪتاب راشدي خاندان جي حوالي سان هڪ مڪمل ۽ تاريخي دستاويز آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيتريون صديون اڳ وفات ڪري ويل بزرگن جا احوال ڏنا ويا آهن. ان کان سواءِ ڪيترن ئي نامور اديبن، شاعرن ۽ بزرگن جي سوانح عمرين سان گڏ سندن تصويرون ۽ شجرا وغيرہ ڏنل آهن. هن ڪتاب ۾ سيد علي مڪيءَ جي سنڌ ۾ اچڻ، سيد خدا بخش شاھہ، شاھہ مردان شاھہ اول، پير شھاب الدين راشدي، سيد علي گوهر شاھہ، پير صبغت ﷲ شاھہ راشدي، پير حسين علي شاھہ راشديءَ کان ويندي پير حسام الدين راشدي ۽ ٻين انيڪ شخصيتن جا مڪمل تعارف ڏنل آهن. جڏهن تہ ڪتاب جي قيمت ۽ سال ڄاڻايل نہ آهي. هي ڪتاب راشدي خاندان جي حوالي سان هڪ تاريخي اهميت رکي ٿو. ڪچي جلد سان ڊبل ڪرائون سائيز جي هن ڪتاب ۾ 128 صفحا آهن.