راشدي سليم

راشدي سليم

راشدي سليم

راشدي، سليم: ٽي. وي آرٽسٽ ۽ هدايتڪار سيد سليم راشديءَ، 13 سيپٽمبر 1975ع تي ڳوٺ شريفاڻي، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو. سندس والد جو نالو سيد روح الحق شاهه هو. سليم راشديءَ، اداڪاريءَ جي سکيا ايوب گاد کان ورتي ۽ 1992ع کان فني ڪيريئر جو آغاز ڪيو. هن پهريان اسٽيج ڊراما ڪيا ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فن جو مظاهرو ڪيو. 2003ع کان پوءِ ڪي. ٽي. اين چئنل تي سنڌي ڊرامن کيس وڌيڪ شهرت ڏني. هن سوپ سيريل ’ڪڏهن ته ملنداسين‘ سميت مختلف ڊرامن: ’وفائون منتظر آهن‘، ’تپش‘، ’رواج‘، ’ڪاري‘، ’پرهه‘ وغيره ۾ ڪم ڪيو. سليم راشدي، ريڊيو ڊرامن ۾ به صداڪاري ڪئي. اسٽيج ڊرامي ’آخري گولي‘ تي کيس 1998ع ۾ اوارڊ به مليو. هي لاڙڪاڻي شهري اتحاد جو ميمبر پڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.09.13  عيسوي

ٽي. وي آرٽسٽ ۽ هدايتڪار سيد سليم راشديءَ، 13 سيپٽمبر 1975ع تي ڳوٺ شريفاڻي، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عـالـو مـل ٽـيڪـم داس
حڪيم محمد حسن قريشي
سيد قطب علي شاهه جھانيان
ديوان نرمل داس
شاهه محمد گاڏهي بلوچ
چارلس بريڊلي پرچرڊ (Charles Bradley Pritchard)
حبيب الله صديقي ڊاڪٽر
احفاظ الرحمان
عبدالفتاح ميمڻ 2
صوفي فقير عبدالله سومرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون