راشدي، سيد بدرالدّجيٰ شاھہ: نامور حڪيم سيد بدر الدّجيٰ شاھہ راشديءَ جو جنم 1909ع ڌاري پير جو ڳوٺ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد شاھہ محمد شاھہ'>سيد شاھہ محمد شاھہ راشدي بہ پنھنجي دور جو نامور حڪيم ٿي گذريو آهي. کيس حڪمت ورثي ۾ مليل هئي.بدرالدّجيٰ راشديءَ جا پير حسام الدين شاھہ راشديءَ سان گهرا تعلقات هئا. جڏهن بہ سيد حسام الدين شاھہ راشدي نئين ديري ايندو هو تہ وٽس ضرور ويندو هو. بدرالدّجيٰ جي هٿ ۾ شفا رکيل هئي، جنهن سبب سندس دوا خاني ۾ ميڙ متل هوندا هئا. ڊاڪٽر اينيمري شمل سان بہ سندس ملاقات ٿي، سيد بدرالدّجيٰ شاھہ جا اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي سان بہ ويجها تعلقات هئا. شھر جي اهم مسئلن ۽ معاملن بابت کانئس صلاح مشورا وٺندو هو. وچ شھر ۾ سندس مشھور دواخانو هوندو هو، سندس نالو حڪمت سبب ڏيهان ڏيھہ مقبول ٿيو. سندس فرزند امام راشدي سنڌ جو ناليوارو اديب ۽ محقق آهي.