راشدي، سيد محمد سليم شاھہ: ناليواري شاعر سيد محمد سليم شاھہ راشدي عرف وڏل شاھہ 1907ع ڌاري ڳوٺ ننڍا موهل نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هيءُ سنڌي، عربي ۽ فارسي ٻولين جو ڄاڻو هو. سيد محمد سليم شاھہ راشدي، شاعريءَ جي شروعات ان دؤر کان ڪئي، جڏهن ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي حڪومت هئي. انهيءَ دؤر ۾ سنڌي شاعريءَ تي فارسي ۽ عربي ٻوليون ڪافي اثر انداز هيون. ان دؤر ۾ سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو شاعر هجي، جيڪو پنھنجي شاعريءَ ۾ فارسي محاورا، ترڪيبون، تمثيلون، تشبيهون ۽ استعارا استعمال نہ ڪندو هجي. اهڙي دؤر ۾ هن سنڌي سليس عوامي زبان ۾ شعرگوئي ڪئي. سندس شاعريءَ ۾ نج عوامي انداز جا جملا ۽ محاورا ملن ٿا. سندس شاعريءَ جا موضوع پڻ عوامي آهن. هن لطيف سائينءَ جي تقليد ڪندي ڪجهہ بيت سر سسئيءَ ۾ بہ چيا آهن. سيد محمد سليم شاھہ راشدي غزل، نظم، قطعي ۽ رباعيءَ سميت ڪافيءَ تي گهڻي طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪافيءَ تي سندس فني تجربا بہ ٿيل آهن. سندس عوامي رنگ سان رنگيل ڪافيون اڄ بہ سنڌ ۾ ڳايون وڃن ٿيون. هن 1949ع وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ نئين ديري ڀرسان اباڻي ڳوٺ ۾ آهي.