راشدي سيد ڪليم الله شاهه

راشدي سيد ڪليم الله شاهه

راشدي سيد ڪليم ﷲ شاھہ

راشدي، سيد ڪليم شاھہ: نامور شاعر سيد ڪليم شاھہ راشديءَ 1876ع ڌاري پير جي ڳوٺ، نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم سبي بلوچستان مان حاصل ڪيائين. کيس سنڌي، اردو، سرائيڪي ۽ فارسي ٻولين تي عبور حاصل هو ۽ چئني ٻولين ۾ نهايت سليقي سان شعرگوئي ڪيائين. پر اردو ٻوليءَ ۾ سندس شاعريءَ جو تعداد وڌيڪ آهي. سنڌ جي نامياري محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’سنڌ مين اردو شاعري‘ (راز عھد شاھجھان تا قيامِ پاڪستان) ۾ سيد ڪليم شاھہ راشديءَ جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي تہ 1904ع ۾ سندس اردو غزلن جو مجموعو ڇپيل آهي، جنهن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سندس ٻيا بہ شعري مجموعا ڇپيا هوندا، جيڪي هن وقت اڻ لڀ آهن. سيد ڪليم شاھہ جي شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جو حسين سنگم نظر اچي ٿو. سندس شاعريءَ ۾ بي انتها گهرائي سمايل آهي، کيس راڳ ۽ ويراڳ سان بي انتها چاھہ هو. ان دؤر ۾ ننڍي کنڊ جا ڪيترائي گويا وٽس اچي راڳ رنگ جون محفلون ڄمائيندا هئا. سيد ڪليم شاھہ جو هڪ قلمي نسخو ميرزا عباس علي بيگ وٽ حيدرآباد ۾ محفوظ پيل آهي. کيس سير و سياحت جو پڻ بيحد شوق هوندو هو. هيءُ هڪ ڀيري بمبئيءَ ويو، جتي سندس وفات ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو