راشدي غلام شاهه:

راشدي، غلام شاهه: سيد غلام شاهه، سنڌ جي مشهور راشديه خاندان مان، سيد اصغر شاهه ’اصغر‘ کانپوءِ باڪمال شاعر ٿي گذريو آهي. سندس والـد جـو نالو پيـر علي ذوالفقار شاهه هو، جيڪو سيد صـبغـت الله شـاهه پير پاڳاري جو پٽ ۽ پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو پوٽو هو. سيد غلام شاهه 1259هه/1843ع ڌاري پير ڳوٺ ضلعي خيرپور ۾ ڄائو. نامور استادن کان عربي، فارسي ۽ ٻين علمن جي تحصيل ڪيائين. کيس تحرير تي پورو عبور حاصل هو. شروع ۾ پاڻ پير حزب الله شاهه ’مـسـڪـيـن‘ جي عـلمـي مجـلسن جو ميمبر هو، پر پوءِ ڪن خانداني ناسازگار حالتن سبب اباڻو شهر ترڪ ڪري بدين ضلعي جي ڳوٺ گولاڙچيءَ (هاڻي شهر ۽ تعلقي) ۾ وڃي رهيو ۽ آخر تائين اتي ئي رهيو. سندس ڪلام ۾ سوز، گذار ۽ دلي جذباتن جي ترجماني نمايان نظر اچي ٿي. کيس موسيقيءَ سان به دلچسپي هوندي هئي. سازن تي هٿ لڳائڻ سان سندس عجيب ڪيفيت ٿي ويندي هئي.
هن باڪمال شاعر 60 سالن جي ڄمار ۾ 3 ذوالحج 1319هه/ 13 مارچ 1902ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1902.03.13  عيسوي

هن باڪمال شاعر 60 سالن جي ڄمار ۾ 3 ذوالحج 1319هه/ 13 مارچ 1902ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوناڪشي سنها
خدابخش سومري جي درگاهه
رابرٽ ايڇ گوڊارڊ
رضوي شاهه نصرالدين
جيوڻ شاهه سيد
ارباب کهاوڙ
جتوئي مظهر علي ڪامريڊ
جسو ۽ جسراج
سمر سجوڙو
بنده علي خان ٽالپر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون