راشدي مظهرالدين شاھہ

راشدي، مظهرالدين شاھہ: مشھور عالم، حڪيم مظهر الدين شاھہ جو جنم 1850ع ڌاري نامور عالم پير هدايت شاھہ راشديءَ جي گهر ۾ تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. هن ابتدائي ديني تعليم پنھنجي والد بزرگوار کان حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ پنھنجي خداداد صلاحيتن جي بنياد تي پنھنجي لياقتن کي وڌائيندو رهيو. نامور محقق الھہ رکيو ٻٽ ’سنڌي رسالن جي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”1899ع ۾ پير ابوالقاسم مظهرالدين جي ڪوشش سان ’مطبع مظهر العجائب‘ جي نالي سان هڪ ليٿو پريس قائم ٿي. ساڳئي سال اتان هڪ ماهوار سنڌي رسالو ’الاخوان المسلمينجاري ٿيو. اوڻيهين صديءَ جي آخر ۾ سنڌي پريس ۽ سنڌي رسالي جو قيام ۽ اجراءِ پير مظهر الدين جو وڏو علمي ۽ ادبي ڪارنامو هو.“ هن رسالي ۾ قرآن، حديث، شرعي مسئلن تي مضمون ۽ شاعريءَ ۾ غزل وغيرہ شايع ٿيندا هئا. پير مظهرالدين کي ديني علم سان گڏوگڏ علم طب ۽ حڪمت تي بہ مهارت حاصل هئي. سندس هٿ ۾ شفا هئي. ماڻهن جو وٽس هميشہ ميڙو لڳو پيو هوندو هو. هن ڪيترائي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ۾: سنڌي ڪافين جو ڪلام، رساله در فن ڪيميا (فارسي)، مجربات مظهريھ، تڪبير الامامت، الفوائد الجمھ في احڪام العمامھ، الفوائد المهمھ للفوائد الجمھ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب قابل ذڪر آهن. هن جولاءِ 1900ع ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاھہ ڳوٺ ٺلاھہ شريف ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو