
راشد منهاس
راشد منهاس: راشد منهاس، پاڪستان جي فضائي فوج جو پائلٽ هو. راشد منهاس ولد عبدالمجيد منهاس، 17 فيبروري 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد عبدالمجيد منهاس پاڪستان فوج ۾ گيريزن انجنيئر هو. هن سينٽ ميري اسڪول راولپنڊيءَ مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي. 1969ع ۾ پي. اي. ايف اڪيڊمي رسالپور ۾ داخل ٿيو. مارچ 1971ع ۾ تربيت مڪمل ڪرڻ بعد وڌيڪ تعليم لاءِ ڪراچيءَ آيو، 15 آگسٽ 1971ع تي هن پنھنجي آخري تربيت مڪمل ڪئي ۽ پائليٽ آفيسر بڻيو. 20 آگسٽ 1971ع واري ڏينهن کيس اڪيلي سر اڏام ڪرڻي هئي، ان وقت ڀارت، بنگلاديش جي قيام جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو تہ هن جو جھاز اڃا رن وي تي موجود هو تہ کيس بنگالي انسٽرڪٽر فلائيٽ ليفٽيننٽ مطيع الرحمان رن وي تي نظر آيو، جنهن کيس روڪڻ جو اشارو ڪيو، هن جھاز بيهاري سبب معلوم ڪيو تہ بنگالي انسٽرڪٽر هڪدم ٽپو ڏئي ڪاڪ پٽ ۾ داخل ٿي ويو ۽ هن جي پٺينءَ سيٽ تي قبضو ڪري ورتو. ان کان پهرين جو راشد ڪجهہ ڪري سگهي، انسٽرڪٽر ڊبل ڪنٽرول کان فائدو وٺي پرواز شروع ڪري ڇڏي ۽ جھاز جو رخ ڀارت طرف ڦيري ڇڏيو، مطيع الرحمان وٽ ڪجهہ اهم دستاويز هئا، جيڪي کيس ڀارتي حڪومت کي ڏيڻا هئا، هن پنھنجي ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٻن دوستن کي وائرليس تي پيغام ڏنو تہ هُو جوڌپور وڃي رهيو آهي، ان ڪري سندس خاندان کي ڀارتي هاءِ ڪميشن جي دفتر پھچايو وڃي تہ جيئن کين پناھہ ملي سگهي. سندس پيغام ٻڌندي ئي هن کي خبر پئجي وئي تہ جھاز کي اغوا ڪيو پيو وڃي، ان دوران مطيع الرحمان، راشد منهاس کي ڪلورو فارم سنگهائي بيهوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڀرپور مزاحمت ڪئي، جڏهن جھاز ڀارت کان اڃا چاليھہ ميل پنڌ تي هو تہ هن آخري دفعو ان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت کانپوءِ جھاز زمين تي ڪيرائي وڌو. اهڙيءَ طرح هن مخالف جي منصوبي کي ناڪام بڻايو. 21 آگسٽ 1971ع تي هن کي پوري فوجي اعزاز سان ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فضائيه جي چيف ايئر مارشل اي رحيم خان هن لاءِ ’ستارہ جرات‘ جو اعزاز ڏيڻ جي سفارش ڪئي، پر هن جي ڪارنامي کي ڏسي صدر مملڪت هن کي اعليٰ ترين فوجي اعزاز ’نشان حيدر‘ ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
1951.02.17 عيسوي
راشد منهاس، پاڪستان جي فضائي فوج جو پائلٽ هو. راشد منهاس ولد عبدالمجيد منهاس، 17 فيبروري 1951ع تي ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.
1971.08.15 عيسوي
15 آگسٽ 1971ع تي هن پنهنجي آخري تربيت مڪمل ڪئي ۽ پائليٽ آفيسر بڻيو.
1971.08.21 عيسوي
21 آگسٽ 1971ع تي هن کي پوري فوجي اعزاز سان ڪراچيءَ ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.