راشٽرپتي ڀون

راشٽرپتي ڀون

راشٽرپتي ڀون

راشٽرپتي ڀون (Rashtrepati Bhawan): هي دهلي شھر جي خوبصورت عمارت، راشٽرپتي ڀون، ڀارت جي صدر جي سرڪاري رهائش/ صدارتي محل آهي. هن جي خوبصورت ڊزائين Lutyens ٺاهي هئي ۽ انگريز راڄ ۾ وائسراءِ (Viceroy) جي رهائشگاھہ طور استعمال ٿيندو هو. هن محل ۾ 340 ڪمرا آهن ۽ ان جي جملي ايراضي 330 ايڪڙن تي مشتمل آهي. هن عمارت جي جوڙجڪ انتهائي متاثر ڪندڙ ۽ سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آهي. محل جا ٿنڀ ۽ Portions تعميراتي فن جو نادر نمونو آهن، جن ۾ درٻار هال ۽ اشوڪا هال ڏسڻ جھڙا آهن. هن ڪامپليڪس کي ڏسڻ لاءِ خاص اجازت ورتي ويندي آهي. ڪامپليڪس ۾ موجود مغل باغ اکين کي طراوت بخشيندڙ آهي ۽ سال جي مخصوص موقعن تي عام ماڻهن کي ڏسڻ جي اجازت ڏني ويندي آهي.


لفظ راشٽرپتي ڀونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو