
راضيءَ جون رمزون
راضيءَ جون رمزون (ڪتاب): هيءُ عوامي شاعر راضي فقير جي شاعريءَ ۽ رمزن تي مشتمل ڪتاب آهي، جنهن کي ﷲ بخش ٽالپر، ’راضيءَ جون رمزون‘ عرف ’راضي فقير جو خيالي خزانو‘ عنوان سان ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. راضي فقير، لاڙ خطي جو شاعر هو، هن ڪتاب ۾ راضيءَ جون رمزون عنوان هيٺ ناصحانه نڪتا 13 رمزن هيٺ پيش ڪيل آهن، جن جا ڪي عنوان هي آهن: ميلي جي حقيقيت، چار منزلون، حضرت عليعه ۽ حضرت عبدالقادر جيلاني رح جا قول، مجاز جا قسم، نفعا، نقصان، منزلون، فقيريءَ جون صفتون ۽ نشان، فقيرن جا قسم، اڄوڪا فقير، شادي، انسان ۽ قرآن، راڳ بابت بيان، بي انصافي، مولوي، ملان ۽ فقير، عقل عشق، خودي، اڄ جي ماڻهن جي حقيقت، محبت جي نعمت، دنياوي ۽ خدائي ماڻهوءَ ۾ فرق وغيرہ شامل آهن. سڄي ڪتاب ۾ ڪٿي نثري مواد ڏنل آهي. ڪٿي گفتا بيان ڪيا ويا آهن ۽ ڪٿي شعر ڏنا ويا آهن. ڪرائون سائيز جي 96 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب آر. ايڇ. احمد ۽ براردز حيدرآباد، 1968ع ۾ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت هڪ روپيو 50 پئسا آهي.