راغب اصفهاني امام

راغب اصفهاني، امام (502ھہ/1108ع): ابو القاسم حسين بن محمد بن مفضل، ديني علم جو ناليوارو عالم ۽ عربي ٻوليءَ جو مصنف. جنهن لاءِ امام فخرالدين رازي پنھنجي ڪتاب ’اساس التقديس‘ ۾ صحيح عقيدي جو سُني هجڻ جي تصديق ڪئي آهي. امام راغب جا لکيل ڪتاب تفسير القرآن، ادب ۽ ثقافت متعلق آهن، جن مان ’جامع التفاسير‘ قابل ذڪر آهي. امام راغب قرآن مجيد جي هڪ بھترين لغت ’المفردات‘ جي نالي سان لکي هئي، جنهن جو سڄو نالو ’ڪتاب المفردات في غريب القرآن‘ آهي، جنهن جو اردو ترجمو ’مفردات القرآن‘ جي عنوان سان محمد عبده الفلاح فيروزپوري، 1383ھہ/ 1963ع م لاهور مان ڇپايو. امام راغب جي مقبول ترين ادبي تصنيرف ’ڪتاب الحاضرات‘ آهي، جيڪا عام ادبي موضوعن تي ٻَڌل آهي. سندس هڪ ٻي تصنيف ’الذريعة في مڪارم الشريعة‘ لاءِ چيو وڃي ٿو تہ ان ڪتاب جو هڪ نسخو حضرت امام غزالي هميشہ پاڻ سان گڏ رکندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو