
رافيل
رافيل (Raphael): اطالوي نئين جاڳرتا جو مصور، جنهن کي تاريخ جي عظيم ۽ مشھور مصورن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس جنم 1483ع ۾ جوواني سانتيءَ جي گهر ۾ ٿيو، جيڪو پڻ اُربينو جي سرڪردن چترڪارن مان هڪ هو. سندس نالو خوبصورت ترين فرشتي جي نالي وارو ’رافيل‘ رکيو ويو. هن ننڍپڻ کان ئي مصوريءَ جي هنر جي تربيت ورتي. پرمسرت جواني گذارڻ کانپوءِ رافيل پيروجيا ويو، جتي پيروجينو وٽ ٽن سالن تائين ڪم ڪيائين ۽ اُتي پاڪدامن پاڪباز ’ميڊونائون‘ پينٽ ڪرڻ سِکيو.
اُن کان پوءِ هڪ ڪارڊينل جي غسل خاني ۾ گلابي جسم ٺاهڻ لاءِ رافيل جي جنوني ذوق ويٽيڪن جي حُجرن ۾ عيسائي اوليائن سان گڏ يوناني فلسفي کي جاءِ ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ هُن پنھنجي فطرت ۽ آرٽ جي ان زوايي سان خاموش محبت ۾ پرورش ورتي ۽ The Mass of Bolsena ۽ ’سسٽائين ميڊونا‘ جهڙن شاهڪارن کي جنم ڏنو. 1508ع ۾ فلورينس ۾ ملندڙ هڪ عورت رافيل جي زندگيءَ جو نقشو ۽ رُخ ئي بدلائي ڇڏيو.
حڪمت جي فلسفي جي ماهرن ۽ محققن جي مشوري سان هڪڙو شاهاڻو ۽ پيچيدہ منصوبو ٺاهيو ويو. هن منصوبي تحت عروج واري تھذيب جي تصويرن ۾ ڪلاسيڪي ثقافت ۽ عيسائيت، مذهب ۽ فلسفو، ڪليسا ۽ رياست، قانون ۽ ادب جو اتحاد پيش ڪرڻو هو.
رافيل ساڍن چئن سالن تائين وڏي چاھہ سان ان منصوبي تي ڪم ڪيو. هن هڪڙي وڏي ديوار تي ’تثليث‘ کي پيش ڪرڻ لاءِ ڪليسا جي فادرن/ پادرين ۽ ڊاڪٽرن کي عشائي رباني (آخري کاڌو، جيڪو حضرت عيسيٰ عليہ السلام پنھنجي حوارين سان گڏ کاڌو) جي مسلڪ تي مرڪوز عيسائي عقيدي جي نوعيت تي بحث ڪندي ڏيکاريو.
هُن افلاطون، ڊايوجينز، لائريٽس ۽ مارسيليو فچينو ۾ ٽُٻي هڻي، باعلم ماڻهن سان گفتگو ڪري، پاڻ کي پنھنجي اعليٰ ترين تخيل ’دي اسڪول آف ايٿنز‘ لاءِ تيار ڪيو. هن يوناني فڪر جي ڀرپور صدين جو خلاصو پيش ڪندي پنجاھہ کن شبيهون ٺاهيون.
هن افلاطون کي وڻ جهڙين ڀِروَن، گهرين اکين ۽ سفيد وارن ۽ ڏاڙهيءَ سان ڏيکاريو، جيڪو پنھنجي ڪامل راست طرف آڱر سان اشارو ڪري رهيو آهي، ۽ خاموشيءَ سان سندس ڀرسان هلندڙ کانئس 30 سال ننڍو خوبصورت ۽ دلڪش ارسطو ڏيکاريو، جيڪو پنھنجي هٿ جي تري هيٺ ڪري ڄڻ پنھنجي اُستاد جي بلندي ۽ مثاليت کي زمين جي حدن ۾ آڻڻ پيو چاهي.
سقراط کي هن ڏيکاريو تہ اهو پنھنجي آڱرين تي دليل تلاش ڪري رهيو آهي ۽ مسلح ايلسي بياديس کيس وڏي غور سان ٻُڌندي، افلاڪ جي هم آهنگ جدولن ۾ بند ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڏيکاريو ويو آهي. اسپاسياهي جيڪا بنھہ خوبصورت ڏيکاري وئي آهي، سا هيراڪليٽس افسيون جون ڳجهارتون لکڻ ۾ مصروف ڏيکاري وئي آهي.
ڊايوجينز کي ماربل جي چاڙهين تي بي فڪريءَ وچان ليٽيل ڏيکاريو ويو آهي. ارشميدس چئن فڪرمند شاگردن کي تختيءَ تي جاميٽريءَ جو خاڪو ڪڍي ڏيکاري رهيو آهي. اهڙيون ٻيون ڪيتريون شاهڪار پينٽنگس آهن، جيڪي رافيل تخليق ڪيون. Disputa هڪ شاهڪار پينٽنگ هئي، جنهن ۾ هن يونان جون 50 شبيهون ٺاهيون هيون. هي تصويرون تخيل، ترڪيب ۽ ٽيڪنيڪ جو اهڙو مجموعو هيون، جن کي يورپي مصوريءَ جي عروج تي سمجهيو ۽ ڄاتو وڃي ٿو، جن تي صرف مائيڪل اينجلو، ٽنٽوريٽو، ۽ ويرونسيءَ کي برتري حاصل ڪرڻي هئي.
هن 1508ع کان 1512ع تائين سٽائن گرجا گهر جي ڇت پينٽ ڪئي، جڏهن هو جوليئس ٻئي وٽ ڪم ڪندڙ هو.