رامائڻ1: رامائڻ، هندن جو ڌرمي ڪتاب آهي، جنهن کي والميڪي يا بالميڪي رامائڻ به چيو ويندو آهي. ’رامائڻ‘ جو سنسڪرت زبان ۾ مطلب ’رام جو رستو يا سفر‘ آهي، جيڪو سفر هن ايوڌيا نگريءَ کان 14 سالن تائين بنواس ۾ رهڻ جي صورت ۾ ڪيو هو. رامائڻ 5 هزار ق. م کان 2 هزار ق. م ڌاري والميڪي نالي هڪ رشيءَ سنسڪرت ۾ لکي هئي، جنهن کي 1574ع ۾ مشهور ويدانتي شاعر تلسيداس ’رام چرت مانس‘ (تلسي ڪِرت رامائڻ) جي روپ ۾ ٻيهر لکي عام ڪيو هو. رامائڻ جا هندو ادب تي وڏا اثر مرتب ٿيا آهن. هي مهاڀارت کان پوءِ هندستان جو هڪ عظيم رزميه داستان آهي.
رامائڻ ۾ ڀڳوان وشنوءَ جي ستين اوتار، رامچندر جي جنم، تعليم، سيتا سان شاديءَ ۽ سندس پتني سيتا ۽ ڀاءُ لڇمڻ جي هنومان جي مدد سان راوڻ خلاف ٿيل جنگ ۽ سيتا کي واپس آڻڻ جو قصو بيان ڪيل آهي، جيڪو ’تريتا يُگ‘ جو قصو چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ ان ۾ سندس والد جي ڪردار، سُٺي نوڪر، سٺي ڀاءُ، سُٺي ونيءَ ۽ سُٺي بادشاهه جون خوبيون بيان ٿيل آهن.
رامائڻ ستن بابن (ڪانڊن) ۽ 24 هزار اشلوڪن (شعرن) تي مشـتـمـل آهـي، اُنهن بابن جـا نـالا: (1) ٻـال ڪـانڊ، (2) ايـوڌيــا ڪـانـڊ، (3) آرڻيا ڪانڊ، (4) ڪشڪند ڪانڊ، (5) سُندر ڪانڊ، (6) يُڌ ڪانڊ ۽ (7) اُتر ڪانڊ آهن. ٻال ڪانڊ ۾ شري رامچندر جو جنم، ننڍپڻ ۽ سيتا سان شاديءَ جي باري ۾ ڄاڻايل آهي؛ ايوڌيا ڪانڊ ۾ رامچندر جي راڄ تِلڪ ۽ بنواس وڃڻ بابت ذڪر آهي؛ آرڻيا ڪانڊ ۾ بنواس ۾ راوڻ پاران سيتا کي اغوا ڪرڻ جو ذڪر آهي؛ ڪشڪند ڪانڊ ۾ هنومان جي سيتا سان ملاقات ۽ باندرن جي فوج جي بادشاهه جي تباهي ۽ اُن جي ڀاءُ سُگريي جي ڪشڪند جي راڄ تلڪ بابت تذڪرو آهي؛ سندر ڪانڊ ۾ هنومان جي بهادريءَ، لنڪا ۾ اُڏامي وڃڻ ۽ سيتا سان ملاقات جو ذڪر آهي، يُڌ ڪانڊ ۾ شري رامچندر ۽ راوڻ جي وچ ۾ جنگ جو ذڪر؛ ۽ اُتر ڪانڊ ۾ شري رامچندر جي ٻن پٽن: لوَ ۽ ڪُش جي جنم، ۽ رامچندر جي 14 سال بنواس ڪاٽڻ کان پوءِ ايوڌيا واپسيءَ جو ذڪر موجود آهي.
رامائڻ جي دؤر بابت مختلف عالم مختلف راءِ رکن ٿا. ڪن جو چوڻ آهي ته رامائڻ جو قصو ويدڪ دؤر جي آخري وقت سان واسطو رکي ٿو ۽ مهاڀارت واري قصي کان ڪجهه اڳ جو آهي، جڏهن ڳوٺاڻي زندگيءَ(Past urbanization) جي شروعات ٿي رهي هئي. ماڻهو رولاڪيءَ واري زندگي ڇڏي رهيا هئا.
ڪن ان جي شروعات ٽين صدي ق. م ۾ ڄاڻائي آهي ۽ ان جي پـڄـاڻـيءَ وارو واڌارو بعد جـو ڄـاڻايو ويـو آهـي، پـر ايڇ. ڊي. سنڪاليا (H. D. Sankalia) هن لکت جو دؤر 4 ق. م ٻڌائي ٿو. مهاڀارت ۾ رامائڻ جهڙو ئي هڪ قصو ’رامو پکيانا‘ جي نالي سان به ملي ٿو.
رامائڻ موجب رام پيءُ جي تخت تي جائز حق کان محروم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي پتني سيتا ۽ ڀاءُ لڇمڻ سان گڏ بنواس ورتو هو. ان دوران شيطان صفت راوڻ سيتا کي اغوا ڪيو هو ۽ رام باندرن جي فوج ۽ هنومان جي مدد سان راوڻ کي شڪست ڏئي سيتا کي آزاد ڪرايو هو، ۽ ٻيهر تخت نشين ٿي، دانشمنداڻي طريقي سان حڪومت ڪئي هئي. هڪ واڌاري واري پڄاڻيءَ ۾ سيتا جي پاڪدامنيءَ تي بنواس دوران الزام لڳو هو، پر سيتا پاڪدامن هئي ۽ هن قيد دوران رام جي ٻن پٽن: لو ۽ ڪش کي جنم ڏنو. ورهين کان پوءِ رام ۽ سيتا جو ٻيهر ميلاپ ٿيو.
بنيادي طرح رامائڻ سيڪيولر تحرير آهي، پر اُن ۾ ڪافي ويدڪ مواد موجود آهي. رامائڻ جو پاٺ، عبادت ۾ شمار ڪيو ويندو اهي. هن داستان جا منظر سڄي ڏکڻ ايشيا جي ملڪن جي ناٽڪن ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا.