رامانج آچاريه
رامانج آچاريه: مشهور ويدانتي مفڪر ۽ فلاسافر رامانج آچاريه، 1017ع ڌاري پيرمبدور (Perumbudur) تامل ناڊو جي هڪ برهمڻ خاندان ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو ’آسوري ڪيشو سومايه جي دکشتر‘ (Asuri keshava Somayaji Dekhistar) ۽ ماءُ جو نالو ڪنتي متي هو. آچاريه رامانج ننڍپڻ کان وٺي برهمڻ سماج جي پيدا ڪيل متڀيد، رنگ، نسل، ذات پات جي ورڻ واري نظام جي خلاف هو. جنهنڪري هو پنهنجي طبع ۽ مزاج ۾ خود مختيار، روشن ضمير، ۽ روشن خيال استاد ۽ اعليٰ شخصيت جو مالڪ ٿي گذريو آهي.
کيس ڪيترن ئي نالن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. جهڙوڪ: ادياوار، اٿي راجر، يتي راجا، ايمبريو منر، ۽ لڪشمڻا مني وغيره. هو پنهنجي دور جو مقبول ۽ مشهور ويدانتي مفڪر، فلاسافر، استاد، شارح ۽ مفسر ٿي گذريو آهي. سندس ويدانتي فڪر ۽ نظريي کي ’وسيشٽ ادوتا‘ (Visishta advita) چيو وڃي ٿو، جنهن جو هو موجد، پرچارڪ، مبلغ ۽ داعي هو. ويدانت جي هن مت يا نظريي(School of thought) مان مراد آهي. ادوتا، يعني خدا جي هيڪڙائيءَ يا وحدت ۽ ’وسيشتا‘ يعني ويدانتي فلسفي ۾ پنهنجي حقيقي معبود جي ٻڌايل رستي تي هلڻ ۽ انهن قاعدن قانونن تحت زندگي گذارڻ.
رامانج آچاريه ننڍپڻ ۾ هڪ گھٽ ذات واري شيواڌاريءَ، ڀڳت ڪانسيءَ پورڻا کان تمام گھڻو متاثر ٿيو، جيڪو ان وقت وشنو مندر جو شيواڌاري هو. ڪانسي پورڻا نيڪ دل ۽ روشن خيال شخص هو، جنهن پنهنجي سڄي عمر وشنو ڀڳتي، وشنو مندر جي شيوا ۽ عام ڀلائي توڙي ڌرمي ڪمن ۾ وقف ڪئي هئي، جنهنڪري سندس سڀاويڪ ڪردار کان رامانج تمام گھڻو متاثر ٿيو ۽ ڪانسي پورڻا کي پنهنجو اولين استاد ۽ گرو تسليم ڪرڻ لڳو. پر گھٽ ذات ۽ معاشرتي توڙي سماجي اڻ برابريءَ جي ڪري ڪانسي پورڻا ظاهري طرح کيس پنهنجو شِش (مريد) بڻائي نه سگھيو، پر وقت بوقت رامائج کي جڏهن ڪانسي پورڻا جي ضرورت پئي، تڏهن اهو کانئس مشورا وٺندو رهندو هو.
ان دور جي رسم رواج موجب رامانج جي شادي ننڍي عمر ۾ ڪرائي وئي، جنهن کان ستت ئي پوءِ سندس والد ديهانت ڪري ويو. ان ڪري سندس خاندان ڀرواري شهر ڪانسيپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. جتي برهمڻي دستور موجب رامانج ويدانت جي ماهر ۽ استاد يادو پرڪاش کان ويدانتي تعليم حاصل ڪئي. يادو پرڪاش ويدانت جي هڪ نظريي ’ادويت‘ يعني خدا جي هيڪڙائيءَ تي يقين رکندو هو. رامانج ننڍپڻ کان ئي تمام ذهين ۽ هوشيار هو، جنهنڪري هو يادو پرڪاش جي ڏنل علم ۽ ويدانت جي ڳوڙهي ۽ ڏکئي فڪر کي به آسانيءَ سان سمجھي ويندو هو. پهريائين ته رامانج جي سوچ، سمجھه، ذهانت، ايشور ڀڳتي، محنت ۽ لگن کان يادو پرڪاش تمام گھڻو متاثر ٿيو، پر اڳتي هلي ويدانيت جي علم ۽ موضوع تي استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ ڪيترائي علمي ۽ فڪري بحث مباحثا ٿيا، جنهن بعد يادو پرڪاش محسوس ڪيو ته رامانج فڪر ۽ فهم ۾ کانئس گھڻو مٿيرو آهي، ان ڪري سندن تدريسي عمل ۾ ڪيترا اختلاف پيدا ٿيا، نتيجي ۾ يادو پرڪاش رامانج سان حسد ڪرڻ لڳو ۽ کيس قتل ڪرائڻ جي سازش سٽڻ لڳو. کيس ان ڳالهه جو يقين ۽ ڊپ هو ته هي ڇوڪرو کانئس مٿي مدبرانه ۽ هڪ مهان گرو جي حيثيت ۾ مڃتا حاصل ڪري سگھي ٿو. يادو پرڪاش جي اهڙي منصوبي جي خبر ’گوند ڀٽا‘ کي پئجي چڪي هئي، جيڪو رامانج جو سڳو سوٽ ۽ يادو پرڪاش جو شاگرد هو. اُن رامانج جي جان بچائڻ ۽ کيس فرار ڪرڻ ۾ تمام گھڻي مدد ڪئي. جنهن کانپوءِ رامانج پنهنجي پهرئين گرو ڪانسي پورڻا وٽ آيو، جنهن کيس ’يمن آچاريه‘ وٽ ’شري رنگم‘ وڃڻ جو تاڪيد ڪيو، جتان پوءِ رامانج گھر گرهستيءَ تياڳڻ ۽ سنياسي جيون اختيار ڪرڻ جو آغاز ڪيو.
رامانج جڏهن شري رنگم پهتو، ته يمن آچاريه ديهانت ڪري چڪو هو ۽ سندس ارٿيءَ (لاش) کڻڻ جون آخري رسمون ادا ڪيون پئي ويون. پر هڪ ڳالهه سڀني کي منجھائيندڙ هئي ته ارٿيءَ جي هٿ جون ٽي آڱريون هٿ طرف ڀڪوڙيل مٺ وانگر مڙيل هيون، جنهن بابت شاگرن ۾ اهي چؤٻول ٿي رهيا هئا ته يمن آچاريه جون ڪي ٽي مرادون يا ٽي مکيه ڪم هن دنيا ۾ رهجي ويا آهن. اجل کيس موقعو نه ڏنو، جنهنڪري هو پنهنجي ڪمن يا مرادن کي تڪميل تي پهچائي نه سگھيو. شاسترن موجب دراصل هي لقاءُ رامانج ڏانهن اشارو هو، جنهن جلد ئي ان راز کي ڳولي لڌو، جنهن جو مطلب يمن آچاريه جي زندگيءَ جا ٽي مکيه مقصد هئا، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ پورا نه ٿي سگھيا، جن تي يمن آچاريه سموري زندگي غور ۽ فڪر ڪيو هو، اهي هي هئا:
(1) وشسٽ ادوتا جي تعليم/فلسفي کي لکت جي صورت ۾ محفوظ ڪرڻ.
(2) رشي پاراسر جي رچيل ’وشنو پراڻ‘ جي آسان شرح لکڻ.
(3) رشي سٿڪوپ جي رچنائن کي قلمبند ڪرڻ.
روايت موجب ان لمحي رامانج انهن ٽنهي مکيه مقصدن کي سرانجام ڏيڻ جو عهد ڪيو ته يمن آچاريه جي ارٿيءَ جي هٿ جون ٽئي آڱريون کُلي سڌيون ٿي ويون، ڄڻ سندس مقصد پورو ٿي چڪو، جنهن بعد رامانج، يمن آچاريه کي پنهنجو روحاني گرو تسليم ڪيو. هي شري رنگم ۾ آچاريه جي آشرم ۾ ڇهه مهينا رهي پيو ۽ يمن آچاريه جي ششن ۽ سڪشکن کان سندس تعليمات بابت پڇاڳاڇا ڪيائين ۽ آچاريه جي ويدانتي فڪر کان چڱيءَ ريت واقف ٿيو.
ان بعد رامانج سنياسي جيون جي سفر جي شروعات ڪئي. هو ڳوٺن، واهڻن، وستين ۾ وشنو (ڀڳوان) جي مندرن ۾ وڃي ماڻهن کي ويدانتي تعليم ڏيڻ لڳو ۽ پنهنجي ويدانتي مت جي پرچار ڪرڻ لڳو، جنهنڪري ڪيترائي ماڻهو وشنو پنٿ اختيار ڪري سندس شش، شاگرد، مريد ۽ معتقد ٿيا. انهيءَ عرصي دوران هن ڪيتريون ڌرمي سرگرميون ڪيون، ڪيترا ويدانتي فڪر ۽ فلسفي تي ٻڌل ڪتاب ۽ سوتر جوڙيا. هن وشنو ڀڳتيءَ ۾ اجتماعي عبادت ۽ پوڄا جو رجحان پيدا ڪيو، هن جي تعليمات جو اثر ٻڌ مت ۽ جين مت جي پوئلڳن تي به ٿيو ۽ پڻ وقت جي راجائن ۽ مهراجائن به سندس تعليمات ۽ پرچار کي قبول ڪيو، جنهنڪري سندس وقت ۾ ڪيترائي ’وشنو‘ ۽ ’نارائڻ‘ مندر تعمير ڪرايا ويا ۽ ڀڳتي تحريڪ ۾ ’وشنو ڀڳتي‘ ۽ ’وسيشٽ ادوتا‘ جي فڪر ۽ نظريي تحرڪ ورتو.
رامانج پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ 9 شاهڪار ڪتاب تصنيف ڪيا، جن مان هر هڪ ڪتاب ويدانتي فڪر ۽ فلسفي جي لحاظ کان املهه ماڻڪ جي حيثيت رکي ٿو. انهن ڪتابن کي ’رامانج آچاريه جا نورتن‘ به چيو وڃي ٿو:
(1) ’شري ڀاشا‘ يا برهمڻ سوتر ڀاشا، جنهن ۾ برهم سوترن ۽ ويدانتي فڪر جي اٿاهه ڄاڻ ڏنل آهي.
(2) گداهيا ٿرايم جو پهريون ڀڄن ۽ ڪتاب وئڪنٽ گدايم، جنهن ۾ شري وشنوءَ جي ٻڌايل رستي تي زندگي گذارڻ جي تلقين ڪيل آهي.
(3) گداهيا ٿرايم جو ٻيو ڀڄن ۽ ڪتاب ’شري رنگا گدايم‘، جنهن ۾ شري رنگ ناٿ وشنو اڳيان سر نمائڻ ۽ سندس پوڄا بابت ٻڌايو ويو آهي.
(4) گداهيا ٿرايم جو ٽيون ڀڄن ۽ ڪتاب ’شرڻا گتي گدايم‘ آهي، جنهن ۾ رامانج آچاريه، وشنو ۽ لڪشمي ديويءَ سان هم ڪلامي ڪري ٿو.
(5) ’ويدارٿا سنگھرا‘، جنهن ۾ ويدانتي فڪر موجب برهم ۽ ان جي وجود، آتما ۽ پرم آتما، ڪائنات جي حقيقت ۽ تعلق بابت مفصل ڄاڻ ڏني وئي آهي.
(6) ويدانتا سارا،
(7) ستون ڪتاب ويدانتا ديپا آهي، دراصل ’ويدانتا سار‘ ۽ ’ويدانتا ديپا‘ ٻئي ڪتاب ’برهم سوتر‘ ۾ ڪيل واڌارا ۽ ان جي شرح آهن.
(8) ’گيتا ڀاشا‘، جنهن ۾ شريمد ڀاڳوت‘ گيتا جي شرح ڪيل آهي.
(9) ’نٽيا گرنٿم‘، جنهن ۾ وشنوءَ جي ڪم ۽ ڪارنامن بابت احوال درج آهي.
اهڙيءَ طرح آچاريه رامانج، پنهنجي سموري زندگي هندو ڌرم جي مکيه پنٿ، ’سناتن ڌرم‘ ۽ وشنو ڀڳتيءَ ۾ صرف ۽ ارپڻ ڪئي. سندس ديهانت 1137ع ۾ ٿيو. سندس سماڌي يا آخري آرامگاهه سندس روحاني گرو ’يمن آچاريه‘ جي ڀرسان ’شري رنگ ناٿ سوامي‘ مندر ۾ واقع آهي. جنهن کي پريه ڪوئل يا ڪوئل جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هي مندر تامل ناڊو رياست هندستان ۾ واقع آهي، جتي رامانج آچاريه جي ميڻ مان ٺهيل مورتي به رکي وئي آهي. هي مندر عوام جي درشن لاءِ هميشه کليل رهي ٿو. هن مندر جي صفائي سال ۾ ٻه ڀيرا چندن ۽ سفورن سان ڌوئي ڪئي ويندي آهي. هندستان ۾ هي مندر عمارتسازيءَ جي خيال کان تمام خوبصورت ۽ سيروسياحت جو مرڪز ۽ هندن جي تيرٿ آستانن مان مکيه تيرٿ آستان آهي. سنڌ ۾ ويدانتي فلسفي ۽ شاعريءَ تي سندس نمايان اثر نظر اچي ٿو.