
رامانند
رامانند: سوامي رامانند، جنهن کي سنت رامانند پڻ چيو وڃي ٿو. وشنو سنت ۽ وشنوءَ جي ڇهين اوتار رامچندر جو ڀڳت ۽ پيروڪار ٿي گذريو آهي. هي رامانندي پنٿ (فرقي) جو موجد ۽ ڀڳتي تحريڪ جو باني مباني هو. گڏوگڏ اتر هندستان ۾ سماجي شيوڪ طور گهڻو مشھور هو. رامانند، سنسڪرت ٻوليءَ بجاءِ مقامي هندي ٻوليءَ کي پنھنجي عام گفتگو، رچنا ۽ تخليق ۾ اهميت ڏني. هو روشن خيال ۽ اعليٰ ظرف وارو اعليٰ آدرشي انسان ٿي گذريو آهي، جنهن صدين کان هلندڙ هندن جي غير مساوي، اڻبرابري ۽ ذات پات واري مذهبي نظام خلاف آواز اٿاريو ۽ هر انسان جي سماجي، معاشرتي ۽ مذهبي حقن ۾ هڪجهڙائي ۽ حصيداريءَ جو نظريو هندو سماج ۾ اجاگر ڪيو. هو مڪمل طور تي مساوات ۽ برابريءَ واري نظام جو قائل هو، جنهنڪري سندس فڪر ۽ تعليم کان متاثر ٿي ننڍين وڏين ذاتين ۽ فرقن مان ڪيترا ماڻهو سندس شش ۽ شاگرد ٿيا، جيڪي بہ پنھنجي گرو وانگر وقت جا وڏا اڪابر ۽ آدرشي ڪردار ٿي گذريا آهن، انهن تمام گهڻي شھرت حاصل ڪئي، جن ۾ سندس 12 شاگرد قابل ذڪر آهن: ڀوانند، ڌنا ڀڳت، عظيم شاعر ڀڳت ڪبير، نڀا، نارا هريند، پپا، رويداس (هي بہ هنديءَ جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي)، ڀڳت سائين، سکانند، رنڪا، تلسيداس (جنهن هنديءَ ۾ ’رام چرتر مانس‘ نالي شاهڪار تخليق ڪيو) ۽ اننتانند جا نالا اهم آهن.
عام طور اهو تصور ڪيو وڃي ٿو تہ سنت رامانند جو جنم 1400ع ڌاري ٿيو، پر ڪن مورخن ۽ محققن سندس جنم 1366ع ڄاڻايو آهي. ساڳيءَ طرح سان سندس جنم جي هنڌ بابت بہ ڪيترا متضاد خيال ۽ رايا ڏنا وڃن ٿا. سندس جنم ترويڻي سنگم، الھہ آباد، پرايگا، هندستان ۾ هڪ برهمڻ خاندان ۾ ٿيو. هڪ خيال مطابق سندس پيءُ جو نالو ’پنيا سادن‘ شرما ۽ ماءُ جو نالو سسشيلا ديوي ٻڌايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ديهانت (وفات) جي باري ۾ پڻ ڪيترائي اختلاف آهن. ڪن مورخن جو چوڻ آهي تہ سندس ديهانت 1470ع ۽ 1480ع جي وچ واري عرصي ۾ ٿيو. ڪن محققن اهو خيال ظاهر ڪيو آهي تہ جڏهن سڪندر لوڌي ۽ سندس استاد شيخ تقيءَ جي وچ ۾ مذهبي اختلاف ٿيا، تڏهن رامانند جو شمار پُرکن يعني گذري ويل بزرگن ۾ ٿيو هو. ان مطابق رامانند 15 صدي عيسويءَ جي آخري ڏهاڪن ۾ وفات ڪئي. سندس سماڌيءَ بابت بہ ڪيترا عجيب ۽ غريب خيال پيش ڪيا ويا آهن، جن مان هڪڙن جو چوڻ آهي تہ سنت رامانند سماڌي ورتي هئي تہ ٻين جو چوڻ آهي تہ سنت رامانند سماڌي وٺڻ مھل غائب ٿي ويو هو ۽ باقي عرصو هن زندھہ گذاريو، ان هنڌ کي هندن جي عقيدي موجب ’پاڪ شھر‘ جوخطاب حاصل آهي، جتي سندس ’چرڻ پدڪا‘ (پيرن جا نشان) اڄ بہ موجود آهن، اتي هڪ يادگار بہ تعمير ٿيل آهي.
سنت رامانند جو ننڍپڻ کان ڀڳتي ۽ روحانيت طرف لاڙو هو. آچاريه راگهونند، جنهن کي دکشڻايت رشي پڻ چيو وڃي ٿو، جگن ناٿ پوريءَ جو رهاڪو هو، جنهن رامانند جي طبع ۽ مزاج ۾ ڀڳتي رنگ ڏسي کيس ’راماوت‘ پنٿ ۾ آندو. رامانند بنيادي ۽ برهمڻي تعليم ڪاشيءَ مان حاصل ڪئي. هن ننڍپڻ کان وٺي مذهبي ڪتابن جو مطالعو ڪيو. جنهنڪري منجهس روحانيت جي علم جو تمام گهڻو مشاهدو پيدا ٿيو، جنهنڪري رامانند پنھنجي دور جو تمام وڏو ويدانتي فلسفي ۽ ممتاز مفڪر ٿي گذريو آهي ۽ کيس وشنو پنٿ جي رام ڀڳتيءَ ۾ هڪ ’ديوتا‘ جي حيثيت حاصل آهي. رامانند جو عقيدو هو تہ آتما (روح) ۽ پرم آتما (حق يا عالم الارواح) ڪي هڪ نہ بلڪہ ٻہ الڳ الڳ هستيون آهن، جن کي پنھنجي پنھنجي ڌار سڃاڻپ ۽ شناخت آهي.هن مورتي پوڄا کي ترڪ ڪيو ۽ سندس ويدانت مت ۽ فلسفو، واحد خدا يا برهم جي هيڪڙائي ۽ پاڻ سڃاڻ تي ٻڌل آهي. گرو گرنٿ صاحب ۾ آيل سندس تخليق موجب سندس چوڻ آهي تہ انسان ۾ اها قدرتي ۽ الهامي طاقت آهي، جنهن جي استعمال سان خدا ۽ ڪائنات جي ڪنهن بہ شيءِ يا لڪل راز کي ڳولي لھي سگهجي ٿو.
رامانند هندن جي ڌرم موجب صدين کان هلندڙ ذات پات ۽ اوچ نيچ جي برهمڻي نظام جي بلڪل مخالف هو، سندس تعليمات جو مقصد هندو ڌرم جي هلندڙ ذات پات واري نظام کي غلط ۽ فرسودہ نظام قرار ڏئي انسان جي سماجي رتبي (social status) ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ آهي. سندس مشھور قول آهي تہ: ”جڏهن ڪنهن سان گڏ هڪ ئي برتن ۾ کائو/ پيئو ٿا تہ کانئس ان جي ذات نہ پڇو. ڪو شخص کڻي ڪهڙي بہ ذات سان تعلق رکندڙ هجي، هري (حق) جو نالو وٺي ٿو تہ سمجهو هو هري (حق) جو ٿي ويو.“ رامانند پنھنجي مت ۽ پنٿ لاءِ هڪ اهڙي ڀڳوان/رام جي ڳولا ڪئي، جو کيس سڀني کان وڌيڪ نظرياتي طور ويجهو رهيو ۽ برهمڻي سماج لاءِ هي سڀ کان وڏي ثابتي ۽ شاهدي هئي، جنهن جي اهڙن دليلن سبب سندس مت ۽ تحريڪ ڪجهه قدر ڪامياب ٿي. هن جي اهڙي رام ڀڳتي ۽ پرچار جي ڪري ڪيترن ئي گهٽ ذات وارن هندن سان سٺو وهنوار ٿيو ۽ کين هڪجيترائي حق ڏيئي، ’رامانندي پنٿ‘ ۾ شامل ڪيائين. رامانند جو رامانندي پنٿ هن وقت سموري هندستان جي مختلف ڀاڱن ۾ پکڙيل آهي. اهي رام جي پوڄا ڪن ٿا ۽ واحد، حق، ڀڳوان ۾ يقين رکن ٿا. راما نندي فرقي وارا اتر پرديش، اترا کنڊ، دهلي، اولھہ بنگال، بهار، مڌيه پرديش، اوڙيسا، گجرات، مهاراشٽر، راجستان، هرياڻا، پنجاب، آندرا پرديش ۽ نيپال ۾ رهن ٿا.
رامانند، سنسڪرت ٻوليءَ بجاءِ مقامي هندي ٻوليءَ کي پنھنجي گفتگوءَ ۽ رچنا ۾ اهميت ڏني، جنهنڪري هندستان ۾ هندي ٻوليءَ جو زرخيز ادب پيدا ٿيو. ان ادب ۾ بہ رامانندي پنٿ يا فرقي جو اهم ۽ وڏو ڪردار آهي. اڄ هندستان جي تعليمي ادارن ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن کان وٺي يونيورسٽيءَ جي اعليٰ تعليم تائين جيڪو هندي ادب پڙهايو وڃي ٿو، ان نصاب جا بنيادي شاعر رامانندي پنٿ سان تعلق رکن ٿا، جن ۾ ڪبير، رويداس، تلسيداس ۽ ٻيا ڪيترا اهم شاعر اچي وڃن ٿا. رامانند جو اثر هنديءَ جي مٿين شاعرن کان سواءِ سنڌجي ويدانتي ۽ صوفي شاعرن تي بہ واضح آهي. خاص ڪري روحل فقير ۽ ساميءَ تي رامانند جو وڌيڪ اثر نظر اچي ٿو.
رامانند پنھنجي تعليم ۽ علم تي ڪڏهن بہ غرور يا فخر نہ ڪيو. مؤرخن جو چوڻ آهي تہ هو جتي بہ ويندو هو تہ اتي جا ماڻهو هجوم جي صورت ۾ جمع ٿي ويندا هئا. هن پنھنجي وقت ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ شاعريءَ ۾ ڪيتريون تخليقون ڪيون، جيڪي گهڻي ڀاڱي محفوظ نہ رهي سگهيون آهن. سندس ڪتاب ۽ تخليق محفوظ نہ هئڻ ڪري سندس سوانح بابت مڪمل ڄاڻ فراهم نہ ٿي سگهي آهي. بهرحال سندس نالي سان چار ڪتاب منسوب ڪيا وڃن ٿا، جن ۾: (1) ’شري وشنو‘، (2) ’متن ڀج ڀاسڪر‘ (3) ’شري رام رچنا پڊٿي‘ ۽ (4) ’آنند ڀاشا‘ جي شرح شامل آهن. سندس هڪ ڀڄن/ نظم سِکن جي مذهبي مقدس ڪتاب گروگرنٿ صاحب ۾ راڳ يا راگها بسنت جي نالي سان شامل آهي.
سنت رامانند جي ديهانت کانپوءِ سوامي چيتن داس جي 1574ع ۾ ’پرسنگ پاراجات‘ نالي هڪ پئشاچي ٻوليءَ ۾ ڪتاب تصنيف ڪيو، جنهن ۾ رامانند جي زندگي ۽ سندس زندگيءَ جي اهم واقعن کي منظوم ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب بابت چيو وڃي ٿو تہ هن ڪتاب ۾ ڪجهہ اهڙيون ناگوار ڳالهيون بہ هيون، جنهنڪري هيءُ ڪتاب گهڻو اڳ ڇپجي نہ سگهيو. بهرحال تنهن بعد هي ڪتاب پهريون ڀيرو 30 جنوري 1948ع ۾ شري رام منگل داس جي، گوڪل ڀون طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن جو اصلي مسودو سرناٿ جي هڪڙي سنت بلڪارام ونايڪ کان حاصل ڪيو ويو هو.