رامانند، سوامي: مشھور سنت، سوامي رامانند ولد ٺارومل ٿانواڻيءَ 1876ع ڌاري هالاڻي، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. سندس والد ۽ چاچن کي ڪپڙي، پسار ۽ مٺائيءَ جا دڪان هوندا هئا. پر رامانند ننڍپڻ کان ئي سنتن ۽ درويشن جو طالبو هو. ٻاويهن سالن جي عمر ۾ ماءُ جي وفات کانپوءِ هردوار ويو، اتي سنتن ۽ مهاتمائن جي سنگ ۽ صحبت ۾ کيس ڀڳتيءَ جو رنگ لڳي ويو، جنهن بعد اتي ئي رهي پيو ۽ لاڳيتو ڏهن سالن تائين هندستان جي مختلف درٻارن ۾ وڃي سنتن ۽ مهاتمائن کان گيان حاصل ڪندو رهيو.
سندس عقيدو هو تہ ويدن ۽ شاسترن جي پڙهڻ سان گيان نہ ملندو آهي، پر سنتن جي صحبت مان ئي سڀ ڪجهہ حاصل ٿيندو آهي. پوءِ هن مهان پنڊت وشنداس کي پنهنجو ستگرو (مرشد) ڪيو، جنهن جي دل سان خدمت ڪيائين. ستگروءَ جي وفات کانپوءِ کيس گاديءَ تي ويهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيائين تہ منهنجي ايتري ڪمائي نہ آهي، جو انهيءَ گاديءَ تي ويهان. سوامي رامانند ڏهن سالن تائين ڀارت ۾ رهڻ بعد واپس سنڌ آيو ۽ خيرپور ضلعي ۾ مير واھہ جي پل هيٺان کڏ ۾ رهي پنھنجي طريقي مطابق عبادت ڪرڻ لڳو، کيس ڪوڙ ۽ ڏيکاءَ کان نفرت هئي. ڪجهہ سالن بعد پنھنجي هڪ معتقد ڀائي ٻيجارام جي خواهش تي خيرپور ضلعي جي لقمان شھر ۾ وڃي رهيو، جتي شھر ۾ تنهائيءَ واري جڳھہ ۾ رهڻ لڳو. دنياداريءَ سان سندس تعلق بلڪل ڪٽيل هو. 1915ع ۾ لقمان شھر ۾ پليگ جي بيماري پکڙي تہ ماڻهو شھر خالي ڪرڻ لڳا، پر سوامي پنھنجي جڳھہ مان ٻاهر نہ نڪتو، ان بعد شھر جا ڪيترا ماڻهو شھر ڇڏي وڃڻ بجاءِ سواميءَ جي خدمت ۾ رهڻ لڳا. سوامي اڪيلائي پسند هوندو هو. چوندو هو تہ ٻہ آيا تہ اڪيلا ٿياسين، پر جي ڪو بہ نہ آيو تہ دلبر سان مليا ويٺا هئاسين. هو هر وقت پنهنجن خيالن ۾ گم رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪيترا ڏينهن ڪوٺيءَ جي ٻاهران ڪلف لڳارائي پنھنجي موج ۾ رهندو هو. هڪ دفعي ڀڳت ڪنور رام 40 کن پريمين کي گڏ وٺي ساڻس ملڻ آيو، پر سوامي ڪوٺي اندران کيس جواب ڏنو تہ ڪنور! مون سان ملڻ آيو آهين يا جنگ ڪرڻ. ان بعد ڀڳت ڪنوررام واپس موٽي ويو ۽ ٻئي ڏينهن اڪيلو ملڻ آيو، تڏهن کيس گهڻو قرب ڏنائين. سوامي رامانند ورهاڱي بعد هندستان ويو ۽ اڌيپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي 12 آڪٽوبر 1952ع تي وفات ڪيائين.
1952.10.12 عيسوي
سوامي رامانند ورهاڱي بعد هندستان ويو ۽ اڌيپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين، جتي 12 آڪٽوبر 1952ع تي وفات ڪيائين.